Jump to content

سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/17

From Wikisource
سنڌ جي ادبي تاريخ (1954)
by محمد صديق ميمڻ
17. خليفو گل محمد (گل) آخوند سانوڻي (1808ع کان 1855ع تائين)
329011سنڌ جي ادبي تاريخ — 17. خليفو گل محمد (گل) آخوند سانوڻي (1808ع کان 1855ع تائين)1954محمد صديق ميمڻ

سوانح عمري:
آخوند گل محمد هالن پراڻن جي سانوڻي آخوندن مان هو، جي علم فضيلت ۽ فقيري فهم جي ڪري آڳاٽي زماني کان وٺي مشهور هئا. هالن پراڻن ۾ سانوڻي آخوندن کي ”استاد گهر“ ڪري مڃيو ويندو هو.
آخوند گل محمد صاحب هجري سنه 1226 برابر عيسوي سنه 1808ع ۾ ڄائو هو؛ ۽ پنهنجي اباڻي مڪتب ۾ پارسي ۽ عربيءَ جي تعليم جو چڱي طرح اڀياس ڪيو هئائين.
آخوند صاحب جا وڏا روهڙيءَ واري پير سائين پاڳاري جا خاص مريد ۽ خليفا هوندا هئا، ۽ آخوند مرحوم جي والد صاحب جي وفات کان پوءِ اها خلافت جي پڳ خود آخوند صاحب تي آئي، تنهن ڪري کيس خليفو گل محمد ڪري سڏيندا هئا. انهيءَ ڪري پير سائين پاڳاري جي سڀني مريدن ۾ خليفي گل محمد جي گهڻي عزت هوندي هئي، ۽ هو گهڻو وقت مريدن خادمن وٽ اچڻ وڃڻ ۽ پير صاحب جي فرائض (سيڪڙ) وصول ڪرڻ ۾ گذاريندو هو. هالن تعلقي جي کيبرن ڳوٺ ۾ گهڻو گذاريندو هو ۽ سندس مجازي نينهن جو ناتو بہ اتيئي سرجيل هو.
هي صاحب مجازي عشق ۾ پاڪباز ۽ حقيقي عشق ۾ سرفراز هو: جهڙو هو شريعت ۾ ماهر، تهڙو طريقت ۽ معرفت جو واقف هو. کيس ٻہ فرزند هئا جن مان هڪڙو ته سندس حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويو هو ۽ ٻيو ميان احمد جو کانئس پوءِ خليفو هو، سو بہ فقط نياڻيون ڇڏي وفات ڪري ويو. هن وقت ميان احمد جو ڏهٽاڻ موجود آهي.
خليفو گل محمد ستيتاليهن ورهن جي عمر ۾ حج ڪرڻ ويو ۽ حج تي ويندي بمبئي ۾ ڪجهه وقت رهي پنهنجو سمورو ڪلام ليٿو ۾ ڇاپايائين ۽ ان جون ڪاپيون سنڌ ڏي روانيون ڪيائين. بمبئي مان جئن عربستان پهتو، تئن مڪہ معظمہ ۾ هجري سنه 1272 برابر عيسوي سنه 1855ع ۾ رضا ڪيائين. خليفو گل محمد سنڌ جي موزون ڪلام چوندڙ شاعرن ۾ منڍ ليکيو وڃي ٿو. سو هن ڪري جو سنڌ جي شاعريءَ ۾ ان ڪي ايجادون (نيون ڳالهيون) داخل ڪيون هيون.

(1) آخوند صاحب جون ايجادون ۽ سندس ڪلام جون خصوصيتون
1- آخوند صاحب پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي زبان ۾ پنهنجو مڪمل ”ديوان“ ڇاپائي اهل وطن جي پيش ڪيو هو. انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي، ته آخوند صاحب مرحوم کان اڳ بہ ڪي بزرگ سنڌيءَ ۾ موزون ڪلام چوندڙ هئا؛ پر ”ديوان“ جي صورت ۾ پهريائين پهريائين هن صاحب جو ڪلام ئي پڌرو ٿيو، جو ”ديوان گل“ جي نالي سان مشهور آهي.

2- ”علم عروض“ جي جدا جد اارڪانن ۽ بحرن ۾ ايراني شاعريءَ جي نقش قدم موجب علحدن علحدن مضمونن کي سنڌي نظم ۾ جوڙڻ جو موجد بہ آخوند گل محمد ئي آهي. سنڌي ادب جي پهرئين دور ۾ بہ ڪن بزرگن جي موزون ڪلام جو ذڪر ڪيو ويو آهي، پر اهو ”موزون ڪلام“ اِڪنسابي (ڪوشش سان وزن تي بيهاريل) نہ چئبو، بلڪ اتفاقي موزون ڪلام چئبو؛ ڇاڪاڻ جو انهن بزرگن پنهنجا ڪلام علم موسيقي جي سُرن جي لحاظ تي ٺاهيا ۽ ڳايا آهن. پوءِ ڪن ڪلامن جي سرن جون ”ماترائون“ اتفاق سان علم عروض جي ڪن ارڪانن سان ميل کائي بيٺيون آهن، تنهنڪري انهن ڪلامن کي بہ موزون ليکڻ واجب ڄاتو ويو آهي. مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، سچل سائين ۽ ڪن ٻين بزرگن جا موزون ڪلام جي سنڌي ادب جي پهرين دور ۾ بيان ڪيا ويا آهن، سي اتفاقي موزون ڪلام آهن، تنهنڪري اڪتسابي موزون ڪلام جو پهريون شايع ڪندڙ آخوند صاحب مرحوم ئي ليکيو وڃي ٿو. ثابت علي شاه جا ”مرثيا“ (جن جو ذڪر سنڌي ادب جي پهرئين دور ۾ ٿيل آهي) بيشڪ اڪتسابي موزون ڪلام آهي، پر اهو ”ديوان گل“ کان تمام گهڻو وقت کان پوءِ ڇاپجي نروار ٿيو هو.

3- موزون ڪلام ۾ نج سنڌي لفظ ڪم آڻڻ جي خصوصيت جهڙي ”ديوان گل“ ۾ آهي، تهڙي کانئس پوءِ وارن شاعرن جي ڪلامن ۾ نہ آهي؛ جي آهي، ته بہ ڪن ٿورن ۾. ڪي اهڙا بہ لفظ آهن، جي شاه ڪريم ۽ شاه ڀٽائي جي ڪلامن ۾ بہ نظر نٿا اچن ۽ نہ اڄ ڪلهه جي موجوده سنڌي ڊڪشنرين مان انهن جو پتو پئجي سگهي ٿو. آخوند صاحب پنهنجي ڇاپايل ”ديوان گل“ جي حاشيه تي اهڙن نج پراڻن سنڌي لفظن جون معنائون پارسيءَ ۾ ڏيئي ڇڏيون هيون؛ پر افسوس! جو انهيءَ ڇاپي واري ڪاپي اڄ ڪلهه هٿ اچڻ محال آهي، جيڪڏهن انهيءَ ڪاپيءَ جو پورو نقل وقت بہ وقت ڇاپيو اچي ها، ۽ پويان شاعر بہ ٻين نون لفظن سان گڏ اهي نج سنڌي لفظ پنهنجن موزون ڪلامن ۾ ڪم آڻيندا اچن ٿا، ته هن وقت تائين نج سنڌي شاعريءَ ۾ ڪهڙي نہ حيرت انگيز ترقي نظر اچي ها!

4- ”ديوان گل“ ۾ هي بہ هڪڙي دلچسپ خصوصيت آهي، جو آخوند صاحب ”قافيه“ جي پورت لاءِ ڪن لفظن جون هالو چالو صورتون ڇانٽي انهن کي دل گهريون مختصر صورتون ڏنيون اٿن. جئن ته:
1- ”جئن چتون لا باغ چانگاري ۽ بلبل لاءِ گل،
قيس،ليلي لئي ليلا، دل منهنجي تو لئي سيدا.،
2- ”درد آهي دل ۾ دائم دردمندن کي ضرور،
صبر وارا پاڻ پيڙن ڪين وجهن ڪنهن ساڻ چات.“
3- ”جي ويا ڪالهه اڄ نہ وريا اَڃ
ڏس اَسونهيءَ ويا نہ ڪيائون سڃ.“
پهرئين مثال ۾ آخوند صاحب ”ليلائي“ جي بدران ”ليلا“ لفظ ڪم آندو آهي، سو بہ جڏهن ”للا“ ڪري پڙهبو، تڏهن شعر جو وزن ۽ قافيو پورو بيهندو، آخوند صاحب کي قافيو ”سدا“ ۽ ”سڄا“ سان ملائي بيهارڻو هو، تنهنڪري ”ليلائي“ لفظ کي ڀڃي ڀوري کڻي ”للا“ ڪيو اٿس: تنهن کان ته ”فدا“ لفظ انهيءَ جاءِ تي وڌيڪ سٺو بيهي ها. اهڙيءَ طرح ”چاوت“ کي ڦيري ڪيو اٿس ”چات“، ڇاڪاڻ جو قافيو ”تات“ ۽ ”وات“ سان ملائڻو هوس. ”اَڃا“ کي مٽائي ڪيو اٿس ”اَڃ“ ڇاڪاڻ جو قافيو ”سڃ“ ۽ ”“وَڃ“ ساڻ ٺهڪائي بيهارڻو هوس. اهڙيءَ طرح ”وٿي“ جي بدران ”وٿ“، ”اٿيئي جي بدران ”اَٿي“، ”ڄڀان“ (زبان مان) جي بدران ”ڄڀا“ وغيره وغيره.
شاعريءَ جو ڪم آهي ٻوليءَ جا صحيح تلفظ ۽ صورتون قائم رکڻ ۽ ان کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ، پر هن ايجاد ۾ ته آخوند صاحب الٽو رستو اختيار ڪيو آهي. ازانسواءِ ڪٿي ڪٿي قافيه جي پورت لاءِ لفظ جي هالو چالو هجي بہ مٽائي ڇڏي ٿو. جئن ته:
1- پر آبت برت جو پويون پسارو.
پڇاڙي ڏين پيڙون، مهڙ ۾ هيڄ.“
(غ 47)
اتي آخوند صاحب ”هيج“ جي هجي مٽائي ڪئي اٿس ”هيڄ“ غزل 39 ۾ اهو ساڳيو لفظ هجي ۾ بہ ڪم آندو اٿس: ڇاڪاڻ جو اتي ”ڏيج“ ۽ ”ريج“ سان قافيو ملائي بيهارڻو هوس. جئن ته:
”سور ٿيو سينگار جن جو ڏک تن جو آهي ڏيج،
وره ووءِ ووءِ ٿيو وروهڻ هاءِ هاءِ آه هيج.“
(غ 39)
اهڙي طرح آخوند صاحب قافيه جي پورت خاطر ساڳيو لفظ ڪٿي صحيح هجي ۾، ته ڪٿي من گهڙت هجي ۾ رکي بہ وڃي پار پيو آهي. مثال 2-
1- ”ٻين جي شاباس کان تنهنجي وڻي مون هيٺ ڦيٺ“
(غ 26)
2- ”اڳيان بيهي ڪري جو ڪوڪ چوَ ڦيٺ“
(غ 31)
ساڳيو لفظ ”ٺ“ جي قافيه پوري ڪرڻ لاءِ ”ڦيٺ“ جي صحيح صورت ۾ ڪم آيل آهي، ته ”ٽ“ جي قافيه پوري ڪرڻ لاءِ ”ڦيٺ“ جي من گهڙت صورت ڪتب آيل آهي. مثال 3-
”جوش جذبي ۾ زياده، منجهه طلب واڌو وڌن،
ڪو نہ ڪنٿا ٺاه ٺر ئي جئن تپن ڪن تاءُ ”تيج“.
(غ 93)
مٿئين مثال ۾ قافيه جي پورت لاءِ ”تيز“ کي مٽي”تيج“ ڪيو ويو آهي آخوند صاحب جي اها خصوصيت بہ پوين شاعرن تعميل جي لائق نہ سمجهي.
ڪٿي ڪٿي قافيه جي پورت لاءِ آخوند صاحب اهڙا نج سنڌي لفظ ڪم آندا آهن، جي ظاهر ظهور من گهڙت پيا ڏسجن، جنجي معنى آخوند صاحب ئي پروڙي سگهيو هوندو. مثال:
1- ”سور ساجن جا اٿيئي سالور ۽ سينگار ساج،
کڻ مٿي تي ٿيءُ م هيڻي پومَ ڪنهنجي سام ست.“
(غ 23)
2- ”ترت تڪڙا تکا وڃن تاتا
تاءَ تؤ ۾ پون نہ لانجها لڃ.“
(غ 50)
3- ”گل ڇو ٿيو آهين وَرق، ڳر تان تئين پاڻي نڌڪ
پوءِ جمع ٿي سڀ لاءِ شڪ، لنو ”لا“ جي لاهي نوڙ لڇ.“
(غ 56)
آخوند صاحب مٿين مثالن ۾ ”ست،”لڃ“۽ ”لڇ“ اهي لفظ بي معنى ۽ فقط قافيه جي پورت لاءِ ڪم آندا آهن.

5- آخوند گل محمد جي ڪلام جي هيءَ خصوصيت قابل تعميل آهي جو ان پنهنجي ديس جي جدا جدا ڌنڌن ۽ هنرن کي شاعرانه نظر سان چڪاسي ان مان اخلاقي ۽ روحاني سبق ورتا آهن؛ ۽ جدا جدا نمونن ۾ رهندڙ ديسي ماڻهن جي سيرت جو اڀياس چڱيءَ طرح پنهنجي ڪلام ۾ ثابت ڪيو اٿس. آخوند صاحب اها خصوصيت شاه ڀٽائيءَ جي ڪلام مان حاصل ڪئي آهي. مگر افسوس! جو پوين موزون ڪلام چوندڙ شاعرن انهيءَ ڪارائتي خصوصيت تي عمل نہ ڪيو آهي، جا ڪنهن بہ ديس جي نج شاعريءَ جو خاص جزو هئڻ گهرجي.

6- سنڌي ڪلام ۾ انگريزي ٻوليءَ جا لفظ پهريائين آخوند گل محمد صاحب ڪم آندا آهن. جهڙوڪ (Pistol) پستول، (Judge) جج، (Barracks) براڪون وغيره مثال:
”پستول پريت تنهنجي پائي،
منجهه جان جگر جلايا ڇيڙا.“
(غ 43)
”عشق جو علم عرف عين بيان،
ڪين سمجهي تنهين کي قاضي ججه.“
(غ 43)
”سڀ ڇڏي بنگلا براڪون
ماڙيون محلات هنڌ.“
(غ 73)


(2) ديوان گل جو مضمون
اصلي ۽ نقلي مضمون:
”علم عروض“ جي اصولن تي جو شعر سنڌ ۾ چوڻ ۾ آيو، سو ايراني شاعريءَ جي پيروي ڪرڻ سان، جنهن جو مفصل احوال مٿي ڏنو ويو آهي، تنهن ڪري سنڌي موزون ڪلام جي مضمون تي بہ ايراني شعر واري مضمون جو اثر پوڻ قدرتي ڳالهه هئي. ان وقت جو هالو چالو ايراني شعر ايران ملڪ جي معاشرت (پنگتي حالت) ۽ اتي جي قدرتي نظارن جي تشبيهن، استعارن ۽ ڪناين جي پوش ۾ جلوه گر هوندو هو؛ جنهن ڪري خدا پرست بزرگ بہ حقيقي مقصد ۽ مدعائون ساقي، شراب، پياله، گل و بلبل، شمع و پروانه، سرو و صنوبر، خط و خال، نرگس و لالا، زلف و سنبل وغيره جي لباس ۾ بيان ڪيون آهن. آخوند صاحب مرحوم جي موزون ڪلام جو مضمون بہ انهيءَ دستور کان آجو نہ آهي. جئن ته آخوند صاحب مرحوم پنهنجي ديوان ئي هن شعر سان شروع ڪري ٿو:
1- ”پيالو مي سندو ڏي پر ڪري محبوب متوالا،
ته مستيءَ ۾ محبت جي ڪڍون هن هوش کي حالا.“
(غ 1)
انهيءَ شعر جو مضمون اهڙيائي مراد رکي ٿو، جهڙي حافظ شيرازي (رحه) جو هي شعر:-
”ساقيا برخيز درده جام را،
خاک بر سرڪن غم ايام را.“
2- ”ڏسڻ مان تنهنجي اي باغ حسن مون کي سريا ٽي گل،
تنهنجو مکه گل، زلف سنبل، منهنجي دل جئن گل لالا.“
(غ 1)
”زلف“ يعني اها ڪارن وارن جي لڙهي، جا ڳڀرو ڇوڪر ۽ حسن فروش زالون ڪن جي اڳ کان لئوڻن تي ڍاري ان جي ڇيڙي کي ڪنڍيءَ وانگر واري ڇڏينديون آهن. سنڌ جي ماڻهن ۾ نہ زلف رکڻ جو رواج اڳ هو. نہ اڄ تائين آهي: جنهن کي هو خداداد حسن جو واڌارو سمجهندا آهن. ”سنبل“ هڪڙو ايراني ٻوٽو آهي، جنهن جي گل جون ڊگهيون ڪاريون تندو زلف جي نموني ٿينديون آهن ۽ گل کي حسن وارو ڪري بيهارينديون آهن. ”لالا“ بہ هڪڙو ايراني ڳاڙهو گل آهي، جنهن جي وچ تي قدرتي ڪارو داغ ٿيندو آهي. جن رسمن ۽ شين جو سنڌ جي ماڻهن ۽ تعلق رکندڙ قدرتي نظارن سان واسطو ئي ڪونهي، سي ڪلام مضمون ۾ آڻڻ نقلي مضمون چئبو نہ اصلي. شاه ڀٽائي کي جڏهن حقيقي محبوب جي نور ڀريل ديدار جي نرواريءَ لاءِ ڪنهن سهڻي گل سان ”تشبيہ“ ڏيڻي پيئي تڏهن ”دائودي گل“ کي پيش ڪري ٿو، جنهن جي نزاڪت جي پروڙ سنڌ جي سڀڪنهن ماڻهو کي آهي. جئن ته:-
”دائودي ديون ڪري رڪن ڪونهي رنگ“
(يمن ڪلياڻ ف 6)
سامي کي جڏهن سچن فقيرن جي دنيائي تعلق ۽ بي تعلقيءَ جو بيان ڪنهن قدرتي گل سان ڀيٽي نروار ڪرڻو پيو، تڏهن ڪنول (نيلوفر) ڏي ڌيان ڇڪايائين، جنهن کي سنڌ جو ننڍو وڏو سڃاڻي ٿو. جيئن ته:
”رهن منجهه جهان، سدا اليپ ڪنول جان.“
(شلوڪ)
اها آهي شاعريءَ جي نقلي مضمون ۽ اصلي مضمون جي ڀيٽ، انهيءَ هوندي بہ حقيقت هيءَ آهي، ته آخوند گل محمد جي ڪلام ۽ پوءِ وارن موزون ڪلام چوندڙن سنڌي شاعرن جي ڪلام بہ نسبت اهڙو ايراني شاعريءَ جو نقلي مضمون تمام ٿورو ڪم آيل آهي.
مضمون:
روحانيت جي سبقن وارو مضمون، جو ايران، هندستان ۽ سنڌ جي قديم شاعرن جو دستور العلم رهندو آيو آهي، جنهن کي عام طرح ”صوفيانو مضمون“ چيو وڃي ٿو، سو آخوند صاحب مرحوم جي ڪلام ۾ پوءِ وارن شاعرن جي ڪلام بہ نسبت تمام گهڻي انداز ۽ ڪشادي پئماني تي سمايل آهي. صوفيانه مضمون جو خاص جزو آهي. ”روح“،”رب“ سان تعلق ۽ عشق، ۽ انهيءَ تعلق ۽ عشق نباهڻ جا وسيلا، اٽڪاء ۽ علاج نروار ڪرڻ. انهيءَ مضمون ۾ هيٺيان سرا سمايل رهن ٿا: (1) سنئون سڌو خدائي عشق (2) تصوف جي رنگ ۾ خدائي عشق، (3) حضرت نبي ڪريم صلعم جن ڏانهن عشق، (4)مرشد سان عشق، (5) اندر ۾ جهاتي پائي پاڻ سڃاڻڻ، (6) من جون سڌون ۽ نفسيات مارڻ، (7) دنيا جي فاني سکن ۾ غافل ٿي دائمي روحاني سک نہ وسارڻ، (8) ذڪر ۽ فڪر سان دلچسپي رکڻ (9) انسان ذات سان صاف دل ۽ بي تعصب رهڻ.
نمونه خاطر مٿين سرن جا ٿورا مثال ”ديوان گل“ مان هيٺ ڏجن ٿا:

سنئون سڌو خدائي عشق:
”اٿئي اي دل ڌڻيءَ جي دوستي ۽ شوق جي محبت،
دنيا جي عيش عشرت کي ڀيري هڻ تون کڻي ڀالا“
(غ 1 مان)
”المست عشق حق جا ٻاريو،
ٿا دل تي وتن ڏکن جا ڄيرا.“
(غ 7 مان)

تصوف جي رنگ ۾ خدائي عشق:
”حب ٿي حل تنهنجي، منهنجي هئين ۾ هادي،
ناهه ڪي ٻهر اندر تنهنجي بنا پٽ اڳ ڪا.
آهه موجود سڀت صورت ۾ سهڻو،
لامڪاني نہ رکي جاءِ، آهي هر ڪنهن جا،
محو ٿيا ذات ۾ ذاتي صفتن کان ٿي فنا،
ويا لنگهي برپٽ ۽ رڻ ۾ لڌئون باغ بقا.“
(غ 9 مان)

عشق حضرت نبي ڪريم صلعم:
”ٿي سڪي ساري سدا، دل منهنجي تولئي سيدا،
ڏک ۾ راتيون ڏينهن سڄا، دل منهنجي تولئي سيدا.

تاب توڙي سوڪ جي ۾ لاءِ سرڪي آب جي،
جئن اڃيا آهن سلا، دل منهنجي تولئي سيدا،

پهون پٽ ۾، ڍور ڍٽ ۾، روهه ۾ روجهون هرڻ،
جئن سڪايا مينهن لا، دل منهنجي تولئي سيدا.“

پاڻ سڃاڻڻ:
”نفيءَ“ ۾ ڪر پاڻ ثابت، منجهه، عدم موجود ٿئيءُ،
رنگجيءَ کي ريج ڏي، وڍ جو وڌي ٿو لاڀ لڀ،
باغ بيرنگيءَ جو ٻوٽو تون وجودي واه گل!
واس تنهنجي واسيو گل عرش، ڪرسي، ڀونءَ اڀ.“
(غ 30 مان)
”پيا اندر ۾ پنهنجي پاهوڙيون ۽ ڪوڌاريون کڻي،
ڪيئون ڀڃي ڀوري برابر صاحب سڀ تودا ۽ اٽ.
ويا ڇڏي ”ناسوت“ کي لڙئا طرف ”لاهوت“ جي،
بحر بيرنگيءَ جي ٻوڙيا محو ڪيائون رنگ چٽ.“
(غ 30 مان)

(2) عاشقان مضمون
انساني روح ۾ فطرتي جسمن ڏانهن جيڪا قدرتي ڪشش رکيل آهي، تنهن کي مجازي عشق جي روپ ۾ بيان ڪرڻ جو دستور سڀڪنهن ديس ۽ قوم جي شاعريءَ ۾ قديم زماني کان هلندو آيو آهي، مگر قديم وقت جي هندسستانين ۽ سنڌي بزرگ شاعرن جي ڪلام ۾ اهڙي حسن پرستيءَ ۽ مجازي عشق جو مضمون اڻ لکو ۽ ڍڪيل پيو نظر اچي. ايراني شاعريءَ ۾ گهڻي وقت کان حسن پرستي ۽ مجازي عشق جو کليو کلايو مضمون چٽڻ گلن سان قائم رهندو آيو ۽ صوفي بزرگن بہ عشق مجازيءَ جي خطرناڪ رستي کي حقيقي عشق جي ڏاڪڻ ۽ ان جي خزاني جي واٽ مقرر ڪري ڇڏيو، تنهن ڪري حسن پرستي ۽ عشق مجازي جو مضمون جئن ايراني شاعريءَ جو مکيه جزو بڻجي ويو، تئن آهستي آهستي هندستان ۽ سنڌ جي شاعريءَ جي مضمون جو بہ خاص جزو ٿيندو ويو. آخوند صاحب جي ڪلام ۾ کانئس پوءِ وارن شاعرن جي ڪلامن بہ نسبت عاشقانو مضمون گهڻو گهٽ آهي، ته بہ جيڪو آهي، سو کليو کلايو آهي. آخوند صاحب جي ڪلام ۾ اها خوبي آهي، جو جتي حسن پرستي ۽ مجازي عشق جو مضمون موج سان ڪم آڻي ٿو، اتي ترت ئي وريو پاڻ سنڀاليو حقيقت ڏانهن کڻيو رخ رکي.
مثال:
1- ”خوب خلقي تنهنجي صورت پاڪ خوش خاصي خدا،
منهنجي ملاحت سونهن سلابت، سڀ ڪنان سهڻي سدا.

طالبن مولى جي منجهه مورت مٺيءَ تنهنجي ڏٺو،
صحي صورت حق جي کي، حق باطل کان جدا.

جان جيءُ جند منهنجا جاني، جا تنهنجي تان صدق،
تون رهين باقي سلامت، آءٌ مٿان تنهنجي فدا.

تات تنهنجي ۾ ڪئي گل ترڪ سڀڪا تانگهه تات،
تون ئي منهنجو شهنشاه، آءٌ تنهنجو پينو گدا.“
(غ 3 مان)

اخلاقي مضمون:
خليفي گل محمد جهڙي باشريعت صوفيءَ جي ڪلام ۾ اخلاقي مضمون ته گهڻو ئي هئڻ فطرتي ڳالهه آهي.
مثال:
سچ:
1- ”جنهن جي سخن کي ناهه سچ وعدا ڪري جو قول ڳچ،
ڦولهڻ وفا ڪوڙن ڪنان آهي عبث آهي عبث.“
(غ 36 مان)
2- سنوت جي ڪر سڀن کي سچ مان آڇ،
م لڙ لڙ ڪر پٽي ور ونگ تي واڇ.“
(غ 54 مان)

چڱي صحبت:
”رک سنگت صحبت سنون سان، ٿيءُ م ڏنگن سان ڏنگو،
ڪوڙ تي شاهد مَ ٿيءُ کڻ ڏي مٿي سچ سنڌ ساک.
(غ 131 مان)

صبر ۽ تحمل:
1- ”صبر خاصو مٿي رضا رب جي،
منجهه طلب تات لوچ گهرجي لڇ.“
(غ 55 مان)
2- ”صبر ڪر اي دل مٿي حق جي رضا مشڪور ٿي،
وو ۽ وو ۽ واءِ ڪريو واءِ واڄٽ جئن م وڄ،
ڪر تحمل ٿيءُ جبل چر ڪيم ڪنهنجي چور تي،
هيڏي هوڏي ڦوڪ تي ۽ واءَ تي ڪک جئن مَ کڄ.“
(غ 45 مان)

فضيلت سان هلڻ چلڻ:
1- ”ڀونءَ مٿي هل ادب سين پير ڀري،
دل سندي ڌيان سان م ڪر دڙ دڙ.“
(غ 291 مان)
”چيت سان هل چڱيان مٿي گپ چڪ،
هوري هوي، م تاءِ تک ۾ ترڪ.“
(غ 291 مان)

حق حلال کاءُ:
”کلي کاءُ رهندو رزق رب جو،
آرهندو انڌا ڪيم وجهه پيٽ روڳ.“
(غ 142 مان)

(5) مدحيه هجويه ۽ مذاقيه مضمون
ڪلام ۾ ڪنهن جي ساراه يا گلا ڪرڻ يا ڪنهن سان چرچي بازي ڪرڻ بہ شاعرن جو ڪم آهي. ساراهه واري مضمون کي ”مدحيه“، گلاب واري مضمون کي هجويه ۽ چرچي بازي واري مضمون کي ”مذاقيه“ يا ”ظريفانه“ مضمون چئبو آهي. آخوند گل محمد جي ڪلام ۾ هجويه مضمون ته اصل ڪونهي، پر ”مدهيه“ ۽ “مذاقيه“ مضمون بہ ايتري قدر نہ آهي، جيتري قدر کانئس پوين شاعرن جي ڪلام ۾ آهي.
هن جي ڪلام ۾ حضرت نبي سڳوري صلعم ۽ چئن يارن سڳورن جي ساراهه آهي ۽ ڪن هنڌن مرشد جي ساراهه بہ ڪئي اٿس، پر ڪنهن حاڪم يا امير جي خوشامند سندس ڪلام ۾ ڪٿي بہ ڪانهي.
آخوند صاحب اگرچه با شريعت بنيادي ملان هو، تڏهن بہ تنگدل ۽ تعصبي ملن تان مذاقون ڪيون اٿس.
مثال:
حضرت نبي سڳوري جي ساراهه:
”ٿئي نہ هرگز ڪنهين طرح گمراه،
جنهن مڃيو محمد رسول الله.
جا اطاعات سچي محمد جي،
سا اطاعت خدائي امجد جي،
قولہ الحق فقط اطاع الله،
جنهن مڃيو محمد رسول الله.“
(غ 168 مان)
”اچي راز احمد جي اُت ڪيو ظهور،
پهري پوش پاتي الف لام ميم،
ڳجهارت ڏني وڃي قرآن ۾،
چئي لفظ واتي الف لام ميم.“
(غ 154 مان)
چئن يارن سڳورن جي ساراه:
1- ”هي ابجد هڪ ٻي ٽي وٺ چار،
نوي، ڏهه رکي اڳ پوءِ،
سڄو منجهه قاف سو دل کان آهي
هت هت هو الحق حق،
آهي عين اليقين عين
عمر، عثمان علي برحق،
لاهي ڏس ڌنڌورو دل کان آهي
هت هت هو الحق حق.،
(غ 127 مان)

نوٽ: ”ابجد حساب“ جي هڪ ٻہ ٽي وارن ڳاڻيٽن ما چار يعني (د) ۽ نوي يعني (ص) ۽ ڏهه يعني ي ۽ (ق) کي ملائبو ته حضرت ابابڪر صديق رضه جو نالو نڪرندو.
”سچو صديق، عمر، عثمان نوبهار؛
گل باغ مصطفى جو حيدر علي علي.“
(غ 170 مان)
آل اطهر جي ساراهه:
”حضور ۾ جنت المعلى
صحاب پاڪن بقيع جي کي،
حضور شهداء ڪربلا جي،
عرض چئج جئن ڪيئي مون چيئي.
سنگهاءِ مون کي ڪا آڻي خوشبوءِ،
نام حق جي پنجن گلن جي،
نبي محمد، حسن، حسين و
عل، زهرا اي گل پنجيئي.
(غ 137 مان)

(6) فطرت نگاري ۽ سيرت نگاريءَ جو مضمون
فطرت نگاريءَ ۽ سيرت نگاريءَ جو مضمون شاعريءَ جو اصلي ۽ رونق افروز جزو آهي. فطرت يا سرشٽيءَ جي نظارن کي نئين ۽ دلچسپ نموني ۾ ۽ سادن سودن عام فهم لفظن ۾ بيان ڪرڻ ئي ڏات شاهه ڀٽائي رح کي جيڪا خدا تعالى بخشي هئي، سا سنڌ جي اڳين خواه پوين شاعرن مان ٻئي ڪنهن بہ شاعر جي ڪلام ۾ نہ آهي. آخوند صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ٻن چئن هنڌن فطرت نگاريءَ جي چڱي ڪوشش ڪئي آهي، پر شاه صاحب جي فطرت نگاريءَ بہ نسبت اها گهڻي قدر جهڪي آهي. آخوند صاحب کان پوءِ وارن شاعرن ۾ وري بہ سانگي ۽ حافظ حامد قابل داد فطرت نگاري ڏيکاري آه. جن جو بيان اميد ته پنهنجي پنهنجي موقعي تي ٿيندو. آخوند صاحب جي ڪلام مان نمونه خاطر هڪڙو مثال ڏجي ٿو:
برسات جو نظارو:
”آئي رت سانوڻ سندي مينهن وسي ڪيئي ملار،
ڍٽ وسيا ۽ پٽ وسيا سرها ٿيا سانگي سنگهار.“
گاه ساوا سبز ٿيا هر سو ڀريا پاڻين نراه،
پهريا پوٺن وٺي چوطرف پنهنجا ڌڻ ڌار،
سڀ ڇڏي ڍنڍون ۽ ڍورا ٻهر نڪتا سانگ تي،
ڳئون وٺي ڳنوار پنهنجيون مينهيون ميڙي مهار،
ذوق شاديون ٿيون ولهارن ۾ وڏا ڪيا وس وسن،
سر ڀٽن چاڙهي اڏي ويٺا پکا پنهنجا پنوهار.
سيرت نگاريءَ ۾ آخوند صاحب مرحوم هو بہ هو شاه ڀٽائيءَ جي پيروي ڪئي آهي. هن شاه صاحب وانگر گويا، ڪلال، لوهار، واڍا، درزي، ڪوري، هاري، مهاڻا، ميربحر، آهيڙي يا شڪاري، صراف، رانديگر وغيره هنرمندن جي هنر جا بيان ڪري انهن مان روحاني وهنوار ۽ روحاني مشغوليءَ جا سبق ورتا آهن. آخوند صاحب جو ڳوٺڙن جي هارين نارين ۽ مالدار ماڻهن سان گهڻو لهه وچڙ هوندو هو؛ تنهنڪري انهن ماڻهن جي سيرت جي چٽڻ جي چڱي ڪوشش ڪئي اٿس، پر اها اهڙي اثرائتي نہ آهي، جهڙي شاه صاحب جي رسالي ۾ سمايل آهي. فطرت ۽ سيرت جو اڀياس جيتوڻيڪ شاعر لاءِ تمام ضروري آهي، پر آخوند صاحب جي پوئوارن موزون ڪلام چوندڙ ماڻهن مان ڪن ٿورن انهيءَ طرف ڌيان ڏنو آهي.
آخوند صاحب جي ڪلام مان فطرت جي اڀياس ۽ سيرت نگاريءَ جا ٿورا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
سپ ۽ موتي:
”درد منجهه دل دوست تئن درست ٿئي،
جئن ڦڙو موتي ٿئي منجهه پيٽ سپ.“
(غ 17 مان)

ڳئون ۽ گابو:
”ديد تنهنجي لاءِ دلبر دل ڦاٽيو دانهون ڪري،
جئن گابو ڳئون لا، ڳئون لئي ڦر ڪري ٿي راڙ رنڀ.“
(غ 9 مان)

ڪڪر:”رنگ هڪ ۾ روپ ڪئين آهن تجليون سوَ هزار،
منجهه ڪڪر لڙ، واچ آهي، مينهن آهي گاج وڄ.“
(غ 64 مان)
جنگي ميدان ۽ سپاهين جي سيرت:
”سر کيا سوره سپاهي سينڱ ساهل سخت سوٽ،
چال ۽ چالاڪ چهرا چست چاڙهيو ڏين چوٽ،
وڌو ڌن جيهر ٻڌن صف ڪيو سنئين سنڀرن جڏهن،
وير وانجهي مڙس مانجهي مرد ڏيئن ڪين موٽ،
آم سامهان صف بصف سينگار ڪيو سيلا ٻڌيو،
سال سٽڪن جال جهٽڪن ڪانه ڪن آڙ آڏ اوٽ،
باه جي بازي بنايو روح سان ٿا راند ڪن،
جئن سڙن تئن تئن لڙن ڪڍيو اندر مان ٻهر کوٽ

ڪورڪو هنر:
”پائي پيٽ تاڃيءَ ۾ پيرن پڌار،
ٿيا ڳنڍجي گل مڙيئي ڳوپ ڳوت.“
(غ 24 مان)
مٿئين شعر ۾ تاڃي پيٽو، پير پڌارڻ، ڳوپ (هٿيو هلائڻ، ڳوت (نار هلائڻ) ۽ ڳنڍ جي گل بنجڻ اهي ڪورڪي هنر جا وهنوار آهن، جن مان آخوند صاحب مرحوم روحاني سبق ورتو آهي.

نيروٽڪو ڌنڌو:
”نير رنگ واڌو ڪري منجهه جهڳ جهٻ،
عشق وارو وڌ وڌي منجهه لوس لٻ.“
(غ 15 مان)
نيروٽي نير جي ڪن ۾ روڙهو وجهي پوءِ ان کي لٺ سان جهڳيندا آهن، ته نير جو رنگ تيز ٿيندو آهي. ان مان آخوند صاحب سبق ٿو سيکاري ته سچي محبت وارن تي جئن طعنن تنڪن ۽ تڪليفن جي جهڳ ٿيندي، تئن سندن دلي محبت مضبوط ٿيندي ويندي.
(3) ديوان گل جي عبارت ۽ ٻولي
آخوند گل محمد جي زندگيءَ وارو وقت ٽالپرن جي حڪومت جي پڇاڙيءَ ۽ انگريز سرڪار جي حڪومت جي اڳياڙيءَ وارو زمانو هو، جنهن ۾ ”موزون ڪلام“ کي عربي ۽ پارسي مصرعن، تڪن ۽ اصطلاحن سان پر ڪرڻ شاعرن جي علمي لياقت جي ڪسوٽي ليکبي هئي؛ تنهن هوندي بہ آخوند صاحب جو ڪلام صاف ۽ سليس سنڌيءَ ۾ چيل آهي. آخوند صاحب قرآن شريف ۽ حديث جو ماهر هو، تنهنڪري انهن جا جنسي حوالا ڪن ٿورڙن غزلن ۾ اهڙيءَ طرح جڙي ڇڏيا اٿس، جو انهن جو پڙهڻ سان سنديس قابل تعريف عربي دانيءَ ۽ علمي ماهيت جو اعتراف ڪرڻ لازم آهي، مثال:
1- ”قال الرحمان علي العرش استوى ڏس تو ڏنو،
قلب ۾ پڻ ٿاڪ تنهنجا، آءٌ ڏسان چئو توکي ڪٿ؟
ذات پنهنجي ”غيب“ چائين، پوءِ چوين ٿو ”آينما“
”ثم وَجہ الله“ اِيءُ ڇا! آءٌ ڏسان چئو توکي ڪٿ؟“
(غزل 34 مان)
پارسيءَ ۾ آخوند صاحب مرحوم ڏاڍو ماهر هو؛ ڇاڪاڻ جو سڄي ديوان ۾ ڪم آيل نج سنڌي لفظن جون معنائون ”ديوان گل“ جي اصلوڪيءَ ڪاپيءَ تي پارسيءَ ۾ پنهنجن هٿن سان لکيون هئائين. مگر انهيءَ ٻوليءَ ۾ شايد گهڻي دسترس ۽ دلچسپي ڪانه هيس؛ ڇاڪاڻ جو ساري ديوان ۾ هڪ بہ پارسي سٽ يا تڪ ڪم نہ آندي اٿس. سندس هم عصر ۽ عزيز آخوند محمد قاسم، جو اوائل ۾ فقط فارسي شعر چوندو هو، تنهن کي بہ پاڻ هندي شعر چوڻ جو تاڪيد ڪري ٿو. جئن ته:-
”ڪہ قاسم اڄ تون گل سين ڪل بات هندي هندي،
دلدار هجي دکانا نو ناز هسڪي هسڪي.“
(ديوان گل غزل 171)
آخوند گل محمد جي سموري ڪلام ۾ هندي زبان جي سٽ بہ فقط اها هڪڙي ڪم آيل آهي، جا آخوند قاسم کي مخاطب کل چرچي طرح چئي اٿس.
ٿورڙن عربي آميز غزلن کان سواءِ ٻيو سارو ”ديوان گل“ صاف ۽ سليس سنڌيءَ ۾ چيل آهي.
آخوند صاحب جو ڪلام صاف ۽ سليس سنڌيءَ ۾ آهي، پر نڪا منجهس اها رسيلائي ۽ ميٺاج آهي؛ جا شاه ڀٽائي جي سليس سنڌي ڪلام ۾ آهي، نڪا منجهس اها نزاڪت ۽ ڪشش آهي، جا قاسم ۽ ان جي ڪن ٻين همعصرن جي فصاحت ڀريل ڪلامن ۾ آهي.

مثال:
1- آخوند صاحب ”سالڪ“ (جڳياسو) کي ”گهاتو“ جو ويس ڏيئي ان کي ”عشق“ جي عميق ڪن ترڻ لاءِ هنن لفظن ۾ ٿو سمجهاڻي ڏئي:
”گهاتو اُٿي گهڙ گهور ۾ ساري سڀيئي کڻ ساڻ رڇ،
سيسار واڳو ٿا سڄن اڳيان وڏا وينگار مڇ،
سندرو ڇنڊي گهڙ سير ۾، تدبير ڇڏ تقدير ۾،
رک هوش هدت هت هير ۾، ٿا وهن ڀري ڇاڇ ڇڇ،
خوش ڪيم ٿيءَ ٺڳي ٺاهه ۾ سنڊ ساڙ پئو اوڙاه ۾،
وڃ ٿي فنا في الله ۾ ايءَ آهي سڀ تانگهار آڇ.“
(غ 56 مان)
شاه صاحب اڳئي سمجهاڻي هنن لفظن ۾ ٿو ڏئي:
”جان گهڙندا گهاتوئا، تان رڇن ڏيو رنگ،
سڳايون ۽ سڱ، ڪلاچي ڪين ڪري.“
”جئن جهينگا پائيين جهول ۾، ائن نہ مرن مڇ،
سٻر ڌار سمنڊ جا ڪي رائو رڱي رڇ”
هي ڇاڙون ۽ ڇڇ، اڃا اوڙاه آڳاهون ٿيو.“
(سر گهاتو)
مٿئين مثال ۾ آخوند صاحب جا لفظ چڱي فطرت نگاري ۽ سيرت نگاري ڏيکارين ٿا، پر انهن لفظن ۾ اهڙو ميٺاج ۽ رسيلائي ڪانهي، جهڙي شاه صاحب جي هنن لفطن ۾ ته ”ڪلاچي جو ڪن ڪنهن سان بہ مٽي مائٽي نٿو رکي يعني ڪنهن جي بہ طرفداري نٿو ڪري،“ ”جهينگا (ننڍڙا گانگٽ) جهوليءَ ۾ جهلڻ ۽ وڏن مڇن مارڻ جون سڌون ڪرڻ“،”سمنڊ جهاڳڻ لاءِ سٻر ۽ سخت رڇ تيار ڪرڻ، ۽ ”اڳتي اونهي پاڻيءَ جي ڏس ڏيڻ“ ۾ پيئي نظر اچي.
2- آخوند گل محمد بہ پنهنجي ڪلام ۾ مڪتب جي معلم کي نصيحت ڏئي ٿو ۽ آخوند محمد قاسم به، اسين ٻئي ڪلام هيٺ ڏيون ٿا جن جي ڀيٽ مان پڙهندڙ آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهندا، ته ٻنهي مان ڪهڙو ڪلام نزاڪت ۽ ڪشش زياده ڏيکاري ٿو:
”ملان ميٺ سان ننڍڙي ڳڀروءَ کي پاڙهه،
ڪرينس تاب توَ، ڪري جي روڄ راڙه،
ڪري جو پڪو ترت پنهن جو سبق،
ڏي موڪل، م ان کي ٻين ساڻ ڪاڙه،“
”دنيا دار سان ڪر م دوري غريب،
جي هوءِ هوش وارو ته مسڪين چاڙهه،
چڱي ۽ مٺي ٻار جو رک سنڌو،
ڏمر ۽ ڪتي جئن ڏنگي ڪيم ڏاڙهه،
آرائين م ڇن گل م بلبل کي ڇيڙ،
ڇنين جي ڇوڪر ڇني ڪر م ٽاڙهه.“
(ديوان گل غزل 84)
آخوند قاسم مرحوم ٿو چوي:
”اي معلم ڳڀور ٻار م مار،
سان غزالن م ڪر ڪتن جي ڪار،
لاءِ تهديد تاب طفلن جي،
دست دهشت سندو اصل م اُلار،
تند ابرو جڏهن ڏسن آخوند،
منجهه چپن چون ”رب خير گذار.“
جوٽ جهندئون جهاد اڪبر کي،
نفس جي ويڙهه جو وڏو ست ستار؛
ڇا غني ڇا فقير هر ڪوئي،
ڏينهن دنيا اندر رهي ٽي چار،
لاتسبو لاحد ڪم غيظا،
مڏهو مان ڏمر ڪنهن کي گار.“
رب قاسم اُتي ڪرم ڪر ڪو،
بنبيڪ واآلہ الاطهار“.
(ديوان قاسم غزل 43)

فصاحت ۽ بلاغت:
آخوند صاحب مرحوم شاعراڻي ڀيٽ ڀيٽان جي زماني کان اڳ هو، تنهنڪري ان پنهنجي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت تي ايترو گهڻو زور ڪونه رکيو آهي، جيترو کانئس پوءِ وارن شاعرن جهڙو محمد قاسم، فاضل وغيره پنهنجن پنهنجن ڪلامن ۾ رکيو آهي، تنهن هوندي بہ سنئين سيواٽي ۽ سادي سودي ٻوليءَ کي قدرتيءَ طرح فصاحت ۽ بلاغت جون جيڪي بخششون عطا ٿيل آهن، تن جي ڪا بہ ڪمي آخوند صاحب جي ڪلام ۾ ڪانهي.
آخوند صاحب مرحوم تشبيهن ۽ استعارن ۾ ايراني شاعرن جو نقل ٿورو ڪم آندو آهي: گهڻي قدر نج ديسي تشبيهون ۽ استعارا ڪم آندا اٿس.

شعر جو قسم:
علم عروض جي اصول موجب شعر جا ڪيترائي قسم آهن، جيئن ته 1- فرد، 2- بيت، 3- مثنوي، 4- غزل، 5- مستزاد، 6- قطعه، 7- رباعي، 8- مربع، 9- مثلث، 10- مخمس، 11- مسدس، 12- قصيدو، 13- ترجيح بند،14- ترڪيب بند. آخوند صاحب مرحوم انهن قسمن مان فقط ”غزل“ چيا آهن، جي سڄي ”ديوان گل“ ۾ ڪل (175) آهن. ”ديوان گل“ جي اصلوڪي ڪاپي، جا بمبئي ۾ ڇپي هئي، تنهنجي پڇاڙيءَ ۾ ڪي قطعا بہ هئا، جن ۾ ”ديوان گل“ جي تيار ٿيڻ جي تاريخ ڏنل آهي؛ مگر افسوس! جو اها ڪاپي هينئر هٿ اچڻ مَحال آهي.
وزن:
آخوند صاحب مرحوم ”علم عروض“ مان واقف هو، تنهن ۾ ڪو بہ شڪ ڪونهي؛ ڇاڪاڻ جو بحر خفيف“ ۽ ”بحر رمل مڪفوف“ جهڙا بحر بہ پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا اٿس. جي ”علم عروض“ کان غير واقف ماڻهو هرگز پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آڻي نہ سگهندو. آخوند صاحب جي زماني ۾ ”علم عروض“ جي قاعدن موجب سنڌي شعر جي شروعات هئي، تنهن کان سواءِ ان وقت ۾ شاعرن جي پاڻ ۾ چٽا ڀيٽي ۽ هڪ ٻئي جي شعر تي ناقدانه نظر ڪرڻ جا وسيلا (يعني اخبارون ۽ رساله) موجود ڪين هئا، تنهنڪري تقطيع جي قاعدن بجاءِ آڻڻ ۾ کيس البته اٽڪاءَ رهجي ويا آهن. ڪٿي ڪٿ ”تقطيع“ جي پورت لاءِ لفطن جي مقرر ٿيل تلفظ ۾ اهڙي ڇانٽ ڪرڻي پوي ٿي جا ”تقطيع“ جي قاعدن موجب ڪرڻ جائز نہ آهي. مثال:
”دنيا جي عيش عشرت کي ڀيري هڻ تون کڻي ڀالا.“
(غ 1 مان)
”آيو اڄ يار گهر منهنجي ويا ڏکڙا لٿا سکڙا.“
(غ 5 مان)
”جنهنجاويا جوءِ مان جهانگي وڃي پرڏيهه ٿيا سانگي.“
( غ 14 مان)
مٿين ٽن مثالن ۾ ”ڀيري“ کي ”ڀري“،”آيو“کي ”آيو“ ۽ ”جنهنجا کي ”ججا“ ڪري پڙهبو تڏهن ”تقطيع“ پوري بيهندي.
ڪٿي ڪٿي وزن جي پورت لاءِ غير ضروري تشديدون ڪم اچن ٿيون، تڏهن ”تقطيع“ پوري بهي ٿي. مثال:
1- ”پن پن ٿي ڦاريون ڇڄي ڇڏي ٽڙ ٽاريون.“
(غ 61)
2- ڪين پرچن پٽ تي گل پي سرو.“
(غ 17 مان)
وزن جي پورت لاءِ ضرورت جي هنڌ ”ساڪن“ لفظن کي ”متحرڪ“ ڪري ڪم آندو ويو آهي، جئن سچل سائين جي ڪلام ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جئن ته ”صبر“ کي ”صبر“، ”درد“ کي ”دردَ“، ”عقل“ کي ”عقَل“ وغيره.
آخوند صاحب مرحوم جدا جدا بحرن جي ارڪانن تي پورو ڌيان ڪونه ڏنو آهي، جنهن مان ثابت آهي، ته ”علم عروض“ موجب سنڌي ڪلام ٺاهيندي. آخوند صاحب ڪنهن بہ استاد کان صلاح نہ ورتي آهي. جئن ته غزل جو ٻيو بحر مضارع مثمن سالم تي ٺهيل آهي، پر مصرعه ٽينءَ ۾ ”جال“ ۽ ”شا“ لفظ وزن کي شڪستو ڪن ٿا، ۽ مصرعه نائين ۾ ”روپ“ لفط مقرر وزن کي کٽايو وجهي. غزل 66 بحر رجز مثمن سالم تي ٺهيل آهي، پر مصرعن 3؛ 4؛ 5 ۽ 6 وزن کان ٻاهر وڃن ٿيون. اهڙيءَ طرح غزل 83، 93، 116، 127، 140، 147 ۽ 153 ۾ وزن جون غلطيون آهن.
قافيو:
سراسري طرح آخوند صاحب ”قافيه“ ۽ ”رديف“ ۾ پختگي چڱي رکي آهي. تنهن هوندي بہ سندس ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي قافيه جي اصول جون خاميون آهن. جئن ته:
1- ڪن هنڌن آخوند صاحب پهرئين دور جي شاعرن وانگر غير ضروري ۽ بي معنى (الف) پڇاڙيءَ ۾ ڳنڍي قافيه جي پورت ڪئي آهي، جو دستور کانئس پوءِ وارن شاعرن ۾ عيب ليکبو آهي. مثال:
1- ”سدا تنهنجي درد ۽ دکه جو دل ۾ شوق هوءِ شالا.“
(غ 1)
2- ”ووءِ ڪندا وره ۽ وئڙا هجي هشيارا.“
(غ 2)
3- ”ميوا جهلين مد تي ليسوڙيون ليارا.“
(غ 3)
2- ”حرف روي“ جي اعراب، جا ”قافيه“ ۾ ڪنهن بہ طرح مٽجڻ نہ گهرجي سا آخوند صاحب ڪيترن هنڌن مٽائيندو ويو آهي. اهو اصل کان وٺي ”قافيه جو عيب لکبو آهي. مثال:
”جي هئا ڪالهه، ڏٺم اڄ نه، ڏسان مان سڀا،
جوءِ ۾ جت جهجها آهن، آري الڀا.“
(غ6)
شروع واري مصرعه ۾ ”حرف روي“ (س) تي پيش آيل آهي، تنهن ڪري سڀني قافين ۾ جڏهن ”ڀا“ قائم رکيو ويو آهي. تڏهن ان جو اڳيون اکر پيش وارو اچڻ گهرجي. مثلاً ”سڀا“،”اڀا“،”ڪڀا“ وغيره پر آخوند صاحب. ”سڀا“ سان ”اڀا“”اڀا“،”ڄڀا“ قافيا آندا آهن. جي درست نہ آهن. اهڙي طرح ”مغرب“ سا ”يثرب“،”فوت“ سان ”اوت“”ڪاڊ“ سان ”ڏاڍ“ ۽ ”ٽاڊ“؛”عيش سان ”خويش“ ۽ ”پيش“ وغيره وغيره درست قافيا آهن.