Jump to content

سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق سترھون

From Wikisource
سنڌ جي مختصر تاريخ (1920)
by مرزا قليچ بيگ
سبق سترھون: ترخان مغل گهراڻي جي حڪومت
320149سنڌ جي مختصر تاريخ — سبق سترھون: ترخان مغل گهراڻي جي حڪومت1920مرزا قليچ بيگ

مرزا عيسي، مرزا محمد ترخان جو پٽ ھو. ترخان به ارغون وانگي چنگيز خاني مغلن جي هڪڙي شاخ ھئي. ھو چڱي سڀاءَ ۽ مروت وارو ماڻھو ھو، تنھنڪري ترخان ۽ ارغون مغل توڙي ٻيا ماڻھو ھن کي گهڻو پسند ڪندا ھئا. ھن پاڻ وٽ گهڻا فرنگي يا فرينچ ماڻھو نوڪر رکيا. ورھ کن کان پوءِ ھن جي سلطان محمود سان ناسازِي ٿي ۽ ھن بکر تي ڪاھيو، پر پٺ تي فرنگين ٺٽي شھر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ ڦرلٽ ڪري ھليا ويا. انھيءَ ڪري ھن کي سلطان محمود غزنوي سان صلح ڪري پٺ تي موٽڻو پيو. ٿورن ورھن کان پوءِ ارغون ماڻھو مرزا عيسى سان رنج ٿي ٺٽو ڇڏي بکر ڏي ھليا ويا، جتي سلطان محمود ھنن جو طرف وٺي وڏي لشڪر سان سيوھڻ تي ڪاھي آيو پر مرزا عسيى اُتي اچي ھن کي ٻن جنگين ۾ شڪست ڏني. آخر ٻنھي جي وچ ۾ وري به صلح ٿيو.
سن 1566ع ۾ مرزا عيسى ارڙھن ورھن جي راڄ کان پوءِ مري ويو. ھن کي ماھ بيگم مان ھڪڙو پٽ محمد باقي ھو ۽ ٻي زال مان ننڍو پٽ خان بابا ھو. مرزا عيسى جي مرضي ھئي ته انھيءَ کي تخت تي وھاري، ڇا لاءِ جو محمد باقي سندس حياتيءَ ۾ ڏنگو ۽ فساد ڪيو ھو ۽ سلطان محمود سان وڃي ملت رکي ھوائين. پر ماھ بيگم سندس مرڻ جي ڳالھه لڪائي محمد باقيءَ کي سيوھڻ مان سڏي تخت تي وھاريو.
مرزا محمد باقي ارغون ماڻھن کي فسادي سمجهندو ھو، تنھنڪري پھرين ھنن سان ميلاپ رکي، ھنن کي دعوت ڏئي گهرائي، سڀني کي ڪھائي ڇڏيائين ۽ پوءِ دغا سان ماڻھو موڪلي سندن زالون ۽ ٻار به قتل ڪرايائين. پوءِ آرام سان حڪومت ڪرڻ لڳو. جيڪي ارغون بکر ڏي ڀڄي ويا ھئا، تن کي مرزا خان بابا گڏ ڪري ڀاءُ کان ملڪ جي حصي وٺڻ لاءِ ڪاھي آيو. ٺٽي جي ٻاھران ڏاڍي جنگ لڳي، جنھن ۾ خان بابا شڪست کاڌي. ٻئي سال ۾ مرزا محمد باقي، اڪبر بادشاھ سان عزازت رکڻ لاءِ پنھنجي ڌيءُ ڏاج سميت پنھنجي ماءُ ماھ بيگم سان گڏ دھلي ڏي ٿي موڪلي ته مرزا خان بابا رستي ۾ اچي ڦرڻ ۽ لٽڻ لڳن، پر محمد باقي اچي پھتو، تنھن ھن کي ڀڄائي ڪڍيو. سگهوئي پوءِ خان بابا ۽ ماھ بيگم ٻئي مارجي ويا. پڇاڙيءَ جي ڏينھن ۾ محمد باقي ڏاڍا ظلم ۽ خونريزيءَ جا ڪم ڪرڻ لڳو. ڪيترا بيگناھ ماڻهو مارايائين. سڀني جو گمان ھو ته ديوانو ٿي پيو آھي. نيٺ سن 1584ع ھڪڙي رات پاڻھي پنھنجو پيٽ ترار سان ڦاڙي پاڻ کي ماري وڌائين. کانس (کانئس) پوءِ سندس خون جي شڪ ۾ ڪيترائي بيگناھ ماڻھو مارجي ويا.