سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق ٻيو
عيسوي سن کان اٽڪل پنج سؤ ورھيه اڳي ايران جي بادشاھ دارا سنڌ ۽ پنجاب فتح ڪئي ۽ سندس ھڪڙو سردار پشاور ڌاري گهڻا ٻيڙا تيار ڪرائي سنڌو ندي تان سندس ڇوڙ تائين گهمي ويو. جڏھن ٻه سؤ ورھ پوءِ ايران جي شھنشاھت ٽُٽي ۽ يونان جي شھنشاھت قائم ٿي تڏھن سڪندر بادشاھ سڪيءَ جي رستي ملڪ فتح ڪندو پنجاب ۾ آيو ۽ اُتي جي راجا پورس کي شڪست ڏئي وري به ملڪ سندس حوالي ڪيائين. تنھن کان پوءِ ٻه ھزار ٻيڙا گڏ ڪري جھلم نديءَ مان لنگهي سنڌو ندي ۾ آيو ۽ اھا ڏئي سنڌ ۾ گھڙيو. اُنھن ڏينھن ۾ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ جدا جدا راجا ھئا، جيئن مٿي به چيو ويو آھي. الور جو راجا مسيڪناس پھرين اچي پيش پيو پر پوءِ برھمڻن جي صلاح تي ڪنڌ ڪڍائڻ لڳو. تنھنڪري سڪندر کيس ۽ ڪيترن برھمڻن کي مارائي ڇڏيو. جڏھن (سڪندر) سيوھڻ وٽ آيو تڏھن اتي جو راجا ساميس پاڻھي اچي پيش پيو. انھي کان ھيٺ سنڌ جي لاڙ وارو ڀاڱو پٽيالي جو راڄ ھو. اُني جو راجا ميرس ڊپ کان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. سڪندر ڪي ڏينھن اتي گذاري، درياھ جي ڪناري تي ھڪڙو وڏو بندر قائم ڪري، پوءِ جھازن جي رستي الھندي وارو ڦاٽ ڏيئي سنڌو نديءَ جي ڇوڙ تائين آيو. اتان وري اڀرندي وارو ڦاٽ ڏئي موٽي ساڳئي بندر تي آيو. گهڻو ڪري اھو اڀرندو ڦاٽ ڪڇ جي رڻ سان ڳنڍيل ھو، جو انھن ڏينھن ۾ ھڪڙي وڏي ڍنڍ جي صورت ۾ ھو، جنھن ۾ سنڌو نديءَ جو ڇوڙ به ھو ۽ سمنڊ جو پاڻي به ھو. تنھن کان پوءِ سڪندر بادشاھ پٽالي مان نڪتو ۽ مڪران ۽ ايران لنگهي پرتي ويو ۽ سندس درياھي سردار نيارڪس پنھنجا جھاز وٺي روانو ٿيو. ھوا جي مخالف ھئڻ ڪري ھن کي شاھبندر جي الھندي ڏي (شاھ بندر جي الهندي واري ڀاڱي کي ڪڪراله سڏيندا هئا) ڪڪرالي وٽ ٽي ھفتا رھڻو پيو. پوءِ سمنڊ جي رستي پرتي روانو ٿيو، پر ٻن ورھن کان پوءِ مري ويو.