Jump to content

سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق پنجٽيھون

From Wikisource
سنڌ جي مختصر تاريخ (1920)
by مرزا قليچ بيگ
سبق پنجٽيھون: ٽالپرن ميرن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت
320169سنڌ جي مختصر تاريخ — سبق پنجٽيھون: ٽالپرن ميرن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت1920مرزا قليچ بيگ

ميرن صاحبن جي حڪومت اڳئين زماني جي راڄاڻي حڪومت جي نموني تي ھئي. ھو ملڪ جا گهڻا ڀاڱا پنھنجن سردارن کي جاگيرون ڪري ڏئي ڇڏيندا ھئا ۽ انھي جي عيوض جنگ جي وقت ھو پاڻ به ايندا ھئا ۽ پنھنجا ماڻھو گڏ ڪري لشڪر وٺي ايندا ھئا. مير صاحب صبح جو سوير ڪچھري ڪندا ھئا. اتي ماڻھو اچي عرض احوال ڪندا ھئا. حڪم احڪام ديوانن کان لکرائي انھن تي پنھنجي صحيح وجهندا ھئا يا مھر ھڻائيندا ھئا. ديوانن کان سواءِ مختيارڪار، ڪاردار ۽ محرر ھوندا ھئا. مختيارڪار جو پگهار ھڪ ٻن سوَن جي وچ ۾ ھوندو ھو، ڪاردار جو ٽيھن کان سٺ تائين ۽ محرر کي ڇھه ست رپيا ملندا ھئا. شھر جي سنڀال لاءِ چڀونڙائي يا يا فوجدار ھوندو ھو. چوڪيدار ھاڻوڪي ڪانسٽبل يا پٽيوالي وانگي ھوندو ھو ۽ ٽي يا چار رپيا پگهار ملندو ھوس. وڏن ميرن جي ڏينھن ۾ وڏن ڪامورن کي پگهار کان سواءِ ڇھه ماھيون ۽ ساليانا به ملندا ھئا، ۽ ڪپڙا گنديون به. پگهار ھر مھيني ۾ نه ملندو ھو، چئن پنجن مھينن جو گڏي ڏيندا ھئا. ٻين ميرن يا سردارن کي جاگيرون ھيون مگر جھونن نوڪرن کي پينشن ڪا نه ملندي ھئي. چڀوتڙائيءَ کي سٺ ستر رپيا پگهار ملندو ھو. مئجسٽريٽ به ھوندو ھو، يعني فيصلا به ڪندو ھو ۽ سزائون به ڏيندو ھو. ھيٺانس سؤ کن چوڪيدار يا ڪانسٽبل ھوندا ھئا. اھو ڏوھارين کي ڏنڊ به وجهندو ھو ۽ ڪاٺ به وجهندو ھو. چورن کي قيد خاني ۾ وجهندا ھئا، ۽ اتي کاڌو ڏيندا ھئن. خونيءَ کي ڦاسيءَ جي سزا مير صاحب پاڻ ڏيندو ھو. ڪڏھن ته انھيءَ جو ڏاڙھي مٿو ڪوڙائي يا نڪ چپ وڍائي، گڏھ تي چاڙھي بازار مان لنگهائي پوءِ معافي ڏيندا ھئس ۽ سندس مائٽن کان خون بھا وٺي ڏيندا ھئا. ديواني ڪمن لاءِ ڪو سرڪاري بندوبست ڪو نه ھو، راڄوڻو ۽ پنچاتي بندوبست ھو. مسلمانن جا فيصلا قاضي ڪندا ھئا. توبخانو به ھوندو ھو، پر توبون ۽ بندوقون سنڌي نموني جون ۽ ڳريون ھونديون ھيون. آبادگارن کان في جريب تي ٻن کان اٺن رپين تائين ڍل وٺبي ھئي. ڪن پوکن جي ڪاردار بٽئي ڪندا ھئا. گهر گهر تي پيشڪش محصول به ھڪ ٻن رپين تائين ٻڌبو ھو. اھا وصولي محرر ۽ پيادا ڪندا ھئا. پيادن جو پگهار گهر گهر کان پيسو يا ٽڪو وٺائي ڏيندا ھئا. ڪپڙي ۽ ٻين واپار جي شين تي محصول ھوندو ھو. سڪا سونَ ۽ چانديءَ ۽ ٽامي جا ھلندا ھئا. پيسن کان ھيٺ دمڙيون، ڪسيرا ڪوڏيون به ھلنديون ھيون. علم پڙھائڻ لاءِ خانگي مڪتب ھئا، سرڪاري مڪتب ڪو نه ھو. ملڪ جي سڌاري ۽ شھر جي صفائيءَ جو به ڪو بندوبست ڪونه ھو. نه ڪي شاھي سڙڪون ھُيون. قاصد خط آڻيندا نيندا ھئا، ۽ انھيءَ لاءِ ھنن کي خانگي اجورو ملندو ھو. ماڻھو اڪثر مفلس ھوندا ھئا. ھندن ۾ به دولتمند ڪين ھئا. ھندو به پارسي پڙھندا ھئا. ڪي ٿورا برھمڻ سنسڪرت ڄاڻندا ھئا. پارسي پڙھڻ لاءِ آخوند ھئا، جن کي ھر ھڪ شاگرد لاءِ جمعگي جو ٽڪو ۽ رپئي تائين لوازمو ملندو ھو ۽ وڏن ڏينھن تي خرچي ملندي ھئي.