سوکڙي ڳالهين جي/ٻيون باب/ڳالھ ٽين
۲-۳ ڳالھ ٽين؛ ٻار جي، جنھن ڪوڙي جي گھر بُبو نه پيتو
مڙس ھڪڙو، ڪنھن ولايت ۾ ويو، جاتي ماڻھو ڏاڍي سيل ۽ سچائيءَ وارا ھئا. اتي ڪو ڊول شول (نمونو شمونو) ڪري، ھڪڙي زال سان پرڻيو. ٿوري گھڻي ڏھاڙي، ان زال مان پٽ ڄائس. ھڪڙي ڏھاڙي، اھا زال، ٻار کير-ڌائڪ کي پينگھي ۾ سمھاري، مڙس کي پارت ڪري، پاڻ ڪنھن ڪم لاءِ گھر کان ٻاھر نڪتي.
پر اتي ويرم، ڳچ جھڙي، لڳيس. ايتري ۾ ڇوڪر بک کان جاگي روئڻ لڳو. تنھن کي پڻس ٺَڳائڻ لاءِ ٻه ٽي ڀيرا چيو؛ ”ماٺ ڪر! اجھا ماءُ آيئي.“ ان ريت ڇوڪر کي مِھَائڻ (پرچائڻ، ڀنڀلائڻ) لاءِ ڪوڙ ڪري گھڻا ڀرڪا (ڀيرا، دفعا) ماڻس جي اچڻ جو دلاسو ڏنائين، پر ڇوڪر ماٺ نه ڪئي.
ڳچ ويرم کان پوءِ زال گھر ۾ اچي پٽ کي ببو پيارڻ ويٺي، پر ڇوڪر ببو نه ڌاتو ۽ ڌڻيءَ جي قدرت سان اھو ٻار، کير-ڌائڪ، ڳالاڻو (گفتو) چيائين؛ ”ماڻم (منھنجي امڙ) جي اچڻ ۾ ويرم (دير) ھئي ۽ پڻم ڪوڙ ڪري سندس اچڻ جا دلاسا مون کي ٿي ڏنا، تنھنڪري اھڙي ڪوڙي جي گھر ۾ ببو ڪين ڌائيندس.“ اھا ڳالھ ٻڌي اھا زال پڻ مڙسس کان وِرتي (بيزار ٿي). نيٺ ڳوٺ جي سکرن (پريا مڙس، چڱا مٺا) گڏجي ان ڪوڙ ڳالھائڻ جو ڏوھ مڙس تي ورجائي (ھڻي) زال جي پچر ڇڏايائونس.
ڏسو ڪوڙ ڳالھائڻ جو رنگ جو ويچاري ريءَ-ڄاتي رڳي ٻار جي مھائڻ لاءِ ٿورو ڪوڙ ڳالھايو، تنھن جو حال اھو ٿيو، جو زال پٽ سوڌي وڃائي ويٺو. تڏھن ڳڻي ڏسو ته جو ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڪندو، تنھن جو ڪھڙو حال ٿيندو.
تنھن ۾ تو کي جڳائي جو ڪوڙ کي برو ڄاڻ. پھچي سگھئي ته سپني ۾ پڻ، ڪوڙ نه ڳالھاءِ. چڱن چيو آھي؛ ”سچ سون ۽ ڪوڙ ٽامون آھي.“ جي ٿورو ئي ٽامون، سون ۾ گڏجي ته سڀ سون مَٺو ليکجي. تھڙي ريت ڪوڙ ٿورو پڻ، گھڻي سچ کي ڪوڙو ڪري. جھڙيءَ طرح سنباڻ جو ڦڙو، کير جي چاڏيءَ کي کٽو ڪري. تنھن ۾ تو کي واجب آھي ته پنھنجي سچ جي گھر کي، ڪوڙ جي باھ کان بچاءِ! سو ڪو ته (جڏھن ته) باھ ٿوري به ساڙ گھڻو ڪري. منھنجو چوڻ مڃيندين ته واھ، نه ته کلارو ٿيندين.
بيت
سڙيو سچائي ڇڏي، ڪوڙو ڪري ڪوڙ،
مُٺو ان مرم ۾، موڳو ڇو نه مري،
کريو کنڊ ڦٽي ڪيو، وِھُ ۾ وات ڀري،
ڇڏي سونو سچ، جو ڪنجھو ڪوڙ ڌري،
ٽريو ڪين ٽري، گڏھ ان گوھيءَ کان.