سوکڙي ڳالهين جي/ڪتاب جي پڄاڻي
ڪتاب جي پڄاڻي
ھن ڪتاب کي، ڏاکڙي سان لکيو اٿم. جيتوڻي ته منجھس ڳالھيون ڪچيون ۽ ڦڪيون آيون آھن. پر سندن مطلب، گھڻو سُپَڪ ۽ سوادي آھي. جھڙو ڪڙيءَ (ڪؤڙيءَ) باداميءَ جو تيل. تنھن ۾ ڳالھين جي ڪچائيءَ کي ڏسڻ نه گھرجي ۽ سندس حاصل کي ڏسجي. جھڙيءَ پَرِ اڪ ۾ ماکي ڏسي، اڪ-ڪڙائيءَ کي نه نھاري، ماکي لاھجي. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ڪم ماکيءَ سان آھي. تنھن وانگي، ڳالھين جي ڪچائيءَ تي، باداميءَ جي ڪڙائيءَ ۽ اڪ جي کارائيءَ طرح ڌيان نه ڪري، مطلب جو تيل ۽ ماکي ھٿ ڪبا ته گھڻن ڏکن جي ڏُوار لاءِ ٻُڪي ٿيندي. ھن ڪم ۾ ڳالھين جي ڪچائيءَ ڏي ڏسڻ اھڙو آھي، جھڙو مک سڄو بُتُ ڇڏي، ڦٽ تي ويھي.
تنھن ڪري چڱو ھي آھي؛ ”ڀونئر وانگي ڳالھين جي جھنگ مان، ڳُڻن جو واسُ وٺجي.“
بيت
ڳالھين مان ڳُڻُ وٺي، سيني ۾ ساراھ،
ڪڍي اڇي انّ کي، بُھُ ڦوڪي ڏي باھِ،
ڇا کي ڇاڻي ڇاھِ، مطلب ڪر مکڻ مان.
بيت
ٻاجھاري جي ٻاجھ سان، نيڻن سندي نِرِتِ،
ڳڻن سنديون ڳالھڙيون، جيڪي ڏينُمِ جِتِ،
رکي اُرُ انھن تي، تاڻي وتيم تِتِ،
ٺاھي آندم ٺاھ ۾، سَڻائيءَ سِرِتِ،
ڪمائي ڪتاب ڪيم پورو، ساڻُ پِرِتِ،
ليکِڻ (قلم، پين) ھلي ھِتِ، بس ڪري بيھي رھي.
ڌڻيءَ جي ٻاجھ سان
پورو ٿيو ڪتاب سوکڙي ڳالھين جي، تصنيف ۽ صحيح ديوان ڪيولرام پينشندار جو، ھٿان حافظ علي محمد خوش نويس جي، تاريخ ۲۱، مھيني سيپٽمبر ۱۸۶۵ع جي. وديا ساگر ليٿوگرافيءَ پريس حيدرآباد جي ۾ ڇاپِئو ٿيو.