سچل جو رسالو/سسئي/جهولڻو
جهولڻو
(سسئي ۽ پنهونءَ بابَت)
1
سَرتيون سڀ ٿِيَس صلاحِي،
ھوتان راھَ وٺي پيا راھِي،
ڇو ٿينءَ ڪَڍَ تَنِين جي ڪاھِي،
ڏونگر ڪِيم ڏَسائج ڏاھِي،
حَبَ ۾ ڪونہ ڪَندُئِي ھمراھِي،
تڏھن ڇَپ ڪرڻ تو ڇاھِي،
پَر ھو اِھڙو امر اِلاھِي :
ٻيا سڀ ويھُ تون وھَم وساري.
2
چي ڙي، مون سان مُور مَ ٿيو مَصلحاتِي،
ثابت سِڪَ رھي ڪا ساتِي،
ھاريون ھي جا آھي حياتِي،
تن کي روھ رسان ٿِي راتِي،
پائِينديس جهَر تَتي جهَنگ جهاتِي،
ڇاجي ڇڄي پوي مون ڇاتِي،
ڪنديس وؤڙ سَنديَن ويلا تِي،
اِينديس ساڻ وٺي ڀَڙُ ڀاتِي:
ڏسنديُون ھوت مِڙئِي ھِڪواري.
3
چي ڙي، ويھُ وسار وڃڻَ جي وائِي،
توسان لَعلَن جنھن لَؤن لائِي،
تُنھنجي دل کيڻَن تَنھُن تائِي،
سو اَڄ جاڙَ ڪري ويوءِ جائِي،
ڏيئي ڪَن ٻُڌج تون ٻائِي،
ڊوھن پاس نہ ڊوڙج ڊاھِي،
سُرت صلاحَ تون سَمجهج سائِي،
اِھا ڳالهہ اَمرَ ۾ آئِي :
ڏونگـرُ ڏورؤن ئِي ڏھڪاري.
4
آيل اَڻَ مُلهِي جا آھي،
سا ڪيئن سڱ سڄڻ سان ساھي،
ٻيو تان ٺاھ نہ ھرگز ٺاھي،
ڏاڍن ساڻُ شَريڪتَ ناھي،
جا پَئي سڀ لاڳاپا لاھي،
ڇَپَر ڇوھ اَڳيانئُس ڇاھي،
ڪيچن ڪَڍَ اُھا مَرُ ڪَاھي،
کڻندي گام تہ پُڄندي ڪاھي :
محض اُنهيءَ کي مِيرُ نہ ماري.
5
چي ڙي، رَھَ روين ٿِي روڙي،
آڏو ڀِينگ ٻُجهي ٿي ڀَوري،
ھيبتَ ھول ھراست ھَوڙي،
ڪامِڻ ناھِين اسان کي ڪؤڙي،
تُون تَنهن ديس مَ وَڃج ڊَوڙي،
پَرڏيھيءَ جي پُٺِ مَ پؤڙي،
ٿَر ۾ ترسُ اَٿئي ٿَڪَ ٿَوري :
ھِتِ تا ڪانَہ گَهڙي ھِڪ گهاري.
6
آ دل آرياڻِيءَ سان اَٽڪِي،
مان جا ريجَهہ اَديون تَنھن وٽڪِي،
ھَي ھَي گهوري تا ھِنَ گَهٽڪِي،
رھنديَس ڪِين ھِجَر ۾ ھَٽِڪِي،
جانبَ ڪاڻ نہ جاڳيس جهٽ ڪِي،
ڀِنيءَ ويلَ وڃان مَرُ لَٽڪِي،
ڪنھن جي مھم نہ ھَٽڪا ڦَٽڪِي،
ھاڻي سر توڙين مون سَٽڪِي :
ھِنَ کي ڪامَ ھَلڻَ کؤن کاري.
7
چي ڙي، سڀ پَر سُڃَ ڄُلي ٿِي ڄاڻِي،
پُرجِهج پَٻَ نہ اَٿيئي پاڻِي،
وسھج تو دل جَنھن سان واڻِي،
سَسئي سو تان ٿِيُئي نہ ساڻي،
ناحق تانگهہ تنھين ڏي تاڻِي،
ڇو ڪَيَءِ خواب کڻِي تو کاڻِي،
ڪِيئن ٿِي آبُ اَکين ۾ آڻِي،
حِيلا ڪَرمَ ھلڻَ جا ھاڻي :
پُڄندينءَ بام پَسِي بَرُ باري.
8
جيڏيون جبلَ چَؤ ٿيون جيئِي،
ساجهُر سَنگَ لتاڙيان سيئِي،
گهوريان گهوٽ بِنا گهرُ ھيئِي،
سائِي وَسَ وَٽانئُم ويئِي،
رھندَمُ روحُ نہ ھِت تَن ريئِي،
وِيڙم دوست دلاسا ڏيئِي،
ھِيءَ تان پَلَؤ پُنهونءَ جي پيئِي،
ھُن تان ڪامِڻَ ڪيڙس ڪيئِي :
نِيائُونس وَرُ وٺي ويساري.
9
چي ڙي، گهورين ڪاڻ، جنين جي گَهرڙا،
اَٿئي تَن اَڙانگا اَرڙا،
آڏو ٿاڪُ نہ ڏيندءِ ٿَرڙا،
ٿِيندءِ زور مَٿي تو ذرڙا،
بيدل بَس ڪَرائيندءِ بَرڙا،
اوجهڙ ڪوھَ اَٿئي سي ڪَرڙا،
گهائي پيرَ کائيندءِ کَرڙا :
سَگهندينءَ نارِ نہ وَرُ نِھاري.
10
ثابت ڳالهہ سڻو ھِيءَ ساري،
جبل واٽ نہ جيڏيون جاري،
پَرَ ڀِي بِرھ جنھين سان باري،
سا ھَڏِ ماڏي مور نہ مَاري،
ڇا جي وَر وِنگا وَڍَ واري،
تاڀِي درد منديءَ دَھڌاري،
توڙي ڪوھ ڪري ٿو ڪاري،
ڪندو پاڻ پنھون پوءِ واري :
تا پڻ سَرسُ سِڪائِي ساري.
11
جيڏيُن ڪَيَس وراڻِين جوڙي،
ھُت ٿو روھُ رڙندا روڙي،
تَنھن جو تابُ نہ سگهندي توڙي،
آڏو مِير مَيائِي موڙي،
رائو ريگَ ٿَرَن کؤن ٿوڙي،
سگهندينءَ پيرُ نہ ڪَر ڳَل کوڙي،
تون تان لعلُ لَھين ڪِيئن ووڙي،
ڪَنھن جي ڪَامَ ڪَمر ڇَڏ ڇوڙي :
ٻيا ٿِي ماڳ مِرُون چوڌاري.
12
جيڏيون جَتُ منھنجو آھي جائِين،
آءٌ تان وينديَس اَڄ تَنھن تائِين،
آھيان ٻانهي اُن جي آن ئِين،
پاڻؤن گهٽ ڀينَر ٿِي ڀانئِين،
آن کي پَلؤ ڳچيءَ ۾ پائين،
دَمُ دَمُ دُرس ڪريج دعائِين،
مون کي سَڄڻن ميڙيين سائِين،
ڪيچيڙن کي پَھچان ڪائِين :
بِرھ جِي باھ ٻَھون ويا ٻاري.
13
چي ڙي، آڏو لَسَ بَگهيڙَ ڪن لوڙا،
تَن کؤن ڪَنَ ٻَئي ٿين ٻوڙا،
ڇوھئون ڇَپُر ڇِني ٿو ڇوڙا،
تاتي ٽاڪَ ٽَڪَر جا ٽوڙا،
سَھمناڪَ سُنڊا سي سوڙھا،
ڏيوَن مارَ مَٿي ڏين موڙا،
سي ئِي ڏُرت ڏورَڻ جا ڏوڙا،
ڏينڀو ڏنگَ ھَڻن ٿا ڏوڙا :
آھِن ھاڙي مَنجهہ ھَزاري.
14
چي ڙي، ڇا جي مَستُ مِرون ھنئن مارا،
چُرڙين نانگَ چُرن چوڌارا،
سي ئي ورھ اڳيون ويچارا،
ھڻندا شينھَن ڏسي شوڪارا،
ھو جي ھاڙي مَنجهہ ھاڪارا،
سَرتيون سَنگ نھاريان سارا،
ڪيا جُک جانب جي جيءَ جارا :
وَرَ سان ڪانہ ايندي ڪا واري
15
چي ڙي، ھُيَڙئِي جي جَتَنِ جِي جا ڪا،
توکي سَمجهہ پيئِي چَؤ سا ڪا،
ويَڙَئِي نازِ نھوڙي ناقا،
ڏونگَر ڪين اَٿئي ڪي ڏاڪا،
لُوھي لَس وجهندئِي لاڪا،
ڇِپِؤن ڇُوھ لنگهندينءَ جهاڪا،
آڏو فَلَڪ فِڪِر آھِن فاقا،
ونگُن وِچ واسِينگَن واڪا :
ھُت تو پَٻُ وِجهي پاتاري.
16
ڪاڪيون ڪامَ ٽِڪي ھُت ڪانِي،
جاڏي جَتَ وٺي ويس جانِي،
سورج آھي نہ تن جو ثانِي،
تاڏي تُرتُ وڃان آءٌ تانِي،
ڇا جي پَٻِ نہ ھوندس پاني،
ڇَپَر ڇوھ اَڳيانئُس ڇاني،
توڙي بِرھ وِڃايس بانِي،
لوچون ڪِين ڪنديَس سالانِي :
اِھو عَرض اَٿوَ اِظھاري.
17
جَلَدؤن جَت وٺِي ويئي جوري،
ڀوري ڇو نہ ڀِرينءَ تَنھن ڀوري،
گاذر ھاڻ مَحَل گَهر گهوري،
ڏُونگَر ڏرڙَ سَگِهين ڪِيئن ڏوري،
عاجِز عام ٿيندئِي، ھِت اوري،
ٿَرَ جي پنڌ نہ ٿَڪِيئن ٿوري،
تن کي توڙَ سَري ٿِي توري،
وجِهہ مَ جِيُ ڀَلا ڪَنھن جهوري :
مَرنديءَ گامَ کنيو ڪوڪاري.
18
چي ڙي، بيحد ڪِيم ڪِھو ٻيون باتِيون،
ڇو ٿيون لَسَ لوايو لاتِيون،
ڪَنھن کي ڪَنڌ نہ اِينديون ڪاتِيون،
رھنديَس روز نہ اِتي راتِيون،
وينديَس سِڪ سَڄڻ جِي ساتيون،
ڏاتَرُ ڏِس جو ڏيندُم ڏاتِيون،
پائِيندس جالَ جَبَل ۾ جهاتِيون،
مُحبن ھَس اِھي مَصلحاتون :
ھَلِي آ مَردِ ساڻ اُماري.
19
ڪامِڻ مِنَٿ ڪَريون ڪَنھن ڪيھِي،
سي جَتَ جاڙَ ڪري ويئِي جيھِي،
ڪِيَڙي پُرجهہ نہ تو پٻ پيھِي،
ڪا ڪَر ڪاھ تِنين پُٺ تيھِي،
تون تان نِينھَن نسوري نيھِي،
ووڙج وَرُ مَ وِرچج ويـھِي،
ڪيائين دُرس ديوانِي ديـھِي،
اَول عِشق نِشانِي اِيـھِي :
تَڙ ڦڙ راتِ ڏينھان تڪراري.
20
ڪيچين ڪَڍَ لڳِي ھوءَ ڪَھڪي،
پھريون پُور ٽَڪر سان ٽَھڪي،
ڪامِڻ ڪوھ ڏسِي نا ڏھڪي،
اُتي روحَ نہ تنھن جي رَھڪي،
توڙي پير ڦِٿَس پَٻ ڦَھڪي،
تان ڀِي نارِ نہ بلڪل نَھڪي،
توڙؤن ڪِين تنھين ھَڏ تَھڪي،
اَوجان عاشق اھڙي اَھڪي :
ڏونگر سڀ وڌائين ڏاري.
21
توڙي جَهڪَ جهَڪي ڪئي جهولي،
ٻِي تان ٻولي ھَڏ نہ ٻولي،
ڦيريون ڏئي، پِرين کي ڦولي،
ڇوھؤن پاڻ ڇَپَر کي ڇولي،
گورَن رَند ڏسِي سِرُ گهولِي،
ڳڙَ ڳڙَ ڳوڙھا ڳاريو ڳولي،
ڏونگر ڏرڙ ڏکوئِي ڏولي،
قادر شال قريبَن ڪولي :
ڪندو گام ٽَڪَر کَؤن ٽاري.
22
پھريون کانءُ پھاڙَ پُڇيائين،
ھِت ڪي ويٺا ھوت ھَنڌائين؟
ھَر ھَر توکي سُرت سڻائين،
ڪي ھئا رات توئِي وٽ سائين؟
ڪَر ڳَل الله لَڳ اَلائين،
ٻيو ھَڏ سور نہ سَنگ سليائين،
مون کي مُحبن ساڻ مِلائين :
عاشَقِ ھَي ھَي ويا آزاري.
23
پوءِ تان ٿيڙس جبل جوابِي،
ڀِنيءَ ليلَ لنگھيا بشتابِي،
ساڳيين سارو ساٿ ثوابِي،
سي سڀ ھُئڙا گُل گُلابِي،
وڄندا وِيڙا رات ربابِي،
اصلوءِ اَڙٻنگ ھئا اَعرابِي،
توسان ڪِيائون خام خرابِي،
اوٺي عين ھئا عاذابِي :
ھتؤن ڪاھ اَڙاھ اَنڌاري.
24
ڏونگر ڏَسُ چُڪيءَ ڇَڏ ڏيئي،
تو وٽ رات تنين ڪا پيئي؟
آھ ھي وَسَ تنين کؤن ويئي،
ڪِي تان لنگهيو ساٿ سنجهيئي؟
ھاڻي حال سُڻج مون ھيئي،
ويَڙس ڏک وڏو ھي ڏيئي،
ھُو ھُئا ڏاڍا سُپرين سيئي،
جانب آھن منھنجا جيئي :
ماري آھ ويا آ تاري.
25
حَجر چَيَس آھي ھِنيڙي ھاري،
جي تون محبوبن جي ماري،
آھي عشق سَندُءِ آزاري،
وجهج ڳَلِ ڳچيءَ ڪا ڳاري،
مون کي تِر نہ ڪج تَڪراري،
پُٺِنِ ڪاھ، نہ ٿيءُ قراري،
اَٿئي بِرھ بلوچي باري،
يَڪدِل کانئن مَنگجِ ياري :
ويندئِي عشق نہ ھڏ اوتاري.
26
ڏونگر ڏيرن ڏي ڏَس ڪوئِي،
اَوڙي روحَ نہ ٻيو رسُ ڪوئِي،
ناھي ويچاريءَ جو وَسُ ڪوئِي،
لاھي ڪونہ ٻيو ڪَسُ ڪوئِي،
ناھي جانبَ جو جَسُ ڪوئِي،
ڪُٺي غَم ڏِسِي ڪَس ڪوئِي،
خاطِر منجهہ نہ پيس خس ڪوئِي،
وٺي درد ڦِري ڏس ڪوئِي :
بيٺِي عِشق مَنجهؤن اوساري.
27
چُڪيءَ چوٽ وڻِي ورچاٽي،
وِيڙا وِرھ توئي سان واٽي،
آندي عِشق تڏھن اورھاٽي،
ڪُٺل ڪيچ وڃج ڪنڌ ڪاٽي،
پِيتُئي زُھر منجهؤن گُهٽ گهاٽي،
توکي آندو عشق آڳاٽي،
ڳولج ڄامُ پنهونءَ گهِر گهاٽي،
ھَي ھَي لَعلَن ويو لوھاٽي :
ھُئڙي جن جي ھِيءَ اَجهاري.
28
ھَي ھَي ماري عشق اَميران،
وٺِي وِرھ وَڪيل وَزيران،
توڙؤن ھِيئن لِکيون تقديران،
ٻانِهن ھٿ ٿيون تقصيران،
ڏاڍيون عشق سنديون تڙ ڀيڙان،
پُٺِيءَ منھنجي بِرھ بَھيران،
ھَلَن ھُت نَڪي تدبيران،
مون سان سندين سوز سفيران :
ورتُئي ورھُ ڪنھين وَڻجاري.
29
اَول بابين برھ پَڙھيائين،
تنھن پوءِ سورن منڍ سَڙيائين،
سَسئي ساڻُ فِراق ڦَڙيائين،
اَصلؤن ڪيچن ساڻ ڪَڙيائين،
جَڙان جيءَ ۾ جال جَڙيائين،
تيلهان مٿي روھَ رَڙيائين،
مَحبت منجهہ مريض مَڙھيائين،
توڙؤن غير خيالَ تَڙيائين :
پيئي ھَٿ بِرھ ھاڪاري.
30
ھِيءَ دل لالَنُ وِيَڙسُ لُٽي،
وِڌسُ ٻاڻَ ٻروچَ جِي ٻُٽي،
وَرَکؤن شالَ فقير نہ ڦُٽي،
ڏُنگر ڏُک چَريءَ کي چُٽي،
ڪيائين ڪيچن منزل کُٽي،
آنديُس عِشق گهڻيري گُهٽي،
مٿو پيرَ ڪرايون ڪُٽي :
ھَي ھَي ڪيو ٿِي سَا ھُونگاري.
31
وَرَ جا وِرھ پياريَس وَٽِي،
توڙي سسئي سورنَ سَٽِي،
تَنِھن دل ڏانھن نہ مُحبن مَٽِي،
چوکو عشق نہ آھي چَٽِي،
سُورن سوز کِلڻ کَؤن کَـٽِي،
مُحبت کانءُ نہ گهايل گهٽِي،
سسئي سوزَ فِراق جي ڦَٽِي،
ڀائين پَٻُ پَٽولا پَٽِي :
روئي ڦوڙائِي جان ڦوھاري.
32
لوٺِي بَڪ مٿي ٿي لَتِي،
ڊوڙي تيزَ منجهارؤن تَتِي،
محبت مَنِ تنھين جي مَتِي،
وڃي ڪيچ وِرھ مون وَتِي،
گهوري گامَ گهڻيري گَهتِي،
ڏکَ جي چِتِ ھنيائون چَتِي،
روئي ريتِ تنھين سڀ رَتِي،
ڄاڻي پَٻ سَڀو ھڪَ پَتِي :
عاشِق عِشقَ منجهؤن اُڇنگاري.
33
ھَرڻـيُون کِيرُ پيارڻ آيس،
ڪِر ھَڙ دانھن ڪري سَڀ کانيَس،
ڪوڪن ساڻ ڇَپَر سڀ ڇانيَس،
ڏُونگر ڏکَ منجهارؤن گهايَس،
ڇُلنگيون عشقَ ڏکن ٻُٽ لايَس،
ڳالهيون ڪيچ ڪيچيڙن ڳايَس،
بَر کي بِرھون بازر ڀايَس :
حِجَر ڳاريَس ساڻ ھُوڪاري.
34
ھَي ھَي ھوتُ ڪري وِيس ھولِي،
تنھن محبت ٻاروچي جِي ٻولِي،
ڏونگر حُبؤُن ڀاين ڏولِي،
ڪوھيارَل جِي ٻانِهي گولِي،
ساٿي پَٻِ پِرينءَ جي ڦولِي،
تنھن تا جانبَ تان جِند گهولِي،
روئِي ڪيائين ڇَپرَ ڇولِي،
سَنگ جِي راھ ڪيائونس سولي :
نيندس ڪيچي نالِ قطاري.
35
منجهؤن نِينھن ھنيائين نعرو،
سُڻندي سير سڙي ويو سارو،
منَ ۾ محبت وِڌس مارو،
ڪيائين واري اتي وارو،
اَندرؤن عشق ڏنس اوٻارو،
ڏيئِي مَٿي سَنگ سَرارو،
ڪائين مانَ ڏسان ڪوھيارو،
محبت ريءَ آھي منھن ڪارو :
”سچيڏنا“ ڪونہ سنڀاري.
36
مٿي روھ چيائين روئي،
ھيءَ ڪَلَ ڪوھيارلَ ڏئي ڪوئِي،
عاشقِ تنھنجي عشق اندوھِي،
محبت مَنجهہ ھَلاڪِي ھوئِي،
لڳِي لالَن تا لَڙھ توئِي،
ٿوڙؤن سُورَ وِڌائين پوئِي،
ساٿِي ٿيُس ”سچيڏنا“ سوئِي،
جانبُ آھيس جِيءَ جو جوئِي:
قادِرُ گڏُ تَنھين سان ڪاري.
37
ھيءَ جا ھِنيَڙي ٿي حيرانِي،
محبت مادُ ڪَئي مَستانِي،
دلبر ڪاڻ ھئي ديوانِي،
باقِي نِينھُن رھيُس نِيشانِي،
ڪيَڙي فوج فِراق جي فانِي،
ڪيائين ساھ سَريرُ قرباني،
گَڏبُس شالَ جَبَل ۾ جانِي،
ٿيندُس رَحم اُتس رحمانِي :
آئِي ھيٺؤن نِينھن نغاري.
38
محبت محبوبن جي ماري،
ڪا جا باھ ٻاروچَلَ ٻاري،
ڳالهين ڪيچيڙن جي ڳاري،
ڪيائين جانِبَ تَؤن جِندُ واري،
منجهؤن ذوقَ چيائين زاري،
ھِيءَ دل آھي سڄڻ تَؤن واري،
ڪُوڪان ڪوھ ڪري ڪوھياري،
توڙي وِرِھ ڪئي ويچاري :
راتيان ڏينھان گهنگهر گهاري.
39
مٿي روھ ڏسو سا رَمڪِي،
ڪا جا عِشقَ چَکايَس چَمڪِي،
ڏسِي سُڃَ نہ دم ڀر ڌمڪي،
محبت مُور نہ ڪامِڻ ڪَم ڪِي،
گوندر وِچ گُذاري غَم ڪِي،
ھاديءَ جانبَ سان نئين جَمڪِي،
تنھن تان تانگهہ نہ تِر ھڪُ تَمڪِي،
مٿس وڄُ وِرِھ جي چَمڪِي :
تنھن جي شور وِڌي شوڪاري.
40
چڙھندي چُنج نہ عاشق اَڙڪِي،
ڪا جا فوجَ مٿائنس ڪڙڪِي،
لڳِي لعلَ پُٺيءَ سان لڙڪِي،
لڳِيس باھ بِرھ جِي ڀڙڪِي،
جوھَر جوشَ سَڄَڻ جي جهَڙڪِي،
رنجيءَ روھ اُتؤن جا رَڙڪِي،
سارو سَنگُ پيو سَڀ سڙڪِي،
ٽَڪرُ سڀ پيو تان ٽَڙڪِي :
اھڙو سوز ھلِي سينگاري.
41
جانِبَ ڪاڻِ ڇڏيائين جايُون،
فوجان عِشقَ اڳيانئُس آيُون،
ڪلان ڪوھَ سَنديَسِ ڪَھڪايُون،
سڀئي وِرھ وِساريُس وايُون،
وڃي خاڪَ لِڱن کي لايُون،
تنھن جي سوزَ ڇَپَر سڀ ڇايُون،
روئِي روھِ ڏنائين رايُون،
پيان پٻ چڙھي ڄَڻ پايون :
اھڙو عشق ھَلي اختياري.
42
ڇَپَرُ ڪا نہ ڇڏي سا ڇوري،
جنھن تان گهوٽَ اُتَؤن جِندُ گهوري،
جا ڪِي پورَ پرين جي پوري،
ھيڪَل ھوتُ نِھاري ھوري،
ڳولي تَنين جنين ٿَر ٿوري،
لُؤن لُؤن قابو لڳيس لوري،
ھُئڙس جهورَ برابر جهوري،
تنھِن جي ھٿ سڄڻ جي ڏوري :
اِنهيءَ ڳالهہ وِڌي سا ڳاري.
43
آھي ريءَ عجيبَ اُٻائون،
اَچي شالَ ڪوھيارل ڪائُون،
جنھن سان لوھِ لڌيون ھُم لائوُن،
ھَي ھَي جَت وٺي ويا جائُون،
تنھن تان ڏَس پُڇي ٿِي تائُون،
ننڌر ھيءَ جا نال نہ نِيائُون،
تنھن جِيون زِيلان ھُت سُيائُون،
ھِھڙُس ڏونگَر حال ڏٺائون :
ويچاري ٿِي تونگِ تنواري.
44
موٽي چاھ پرينءَ جي چائِي،
تَنھن ڪا ڳالهہ محبت ڳائِي،
ڇَپَر سَڀ ڪيائين ڇائِي،
ڏاڍيءَ تِکَ تَنھين جي تائِي،
”ويجهي آيس“ ھُئڙس وائِي،
روئِي روھ ڏنائين رائِي،
گهِٽِن منجهہ قلم گُهمائِي،
تان تان اوڏي وَسئون آئِي :
آيُس مُحبُ اڳيون منھن پاري.
45
ڪُونجن ھَٿ مُڪائين روئِي،
دانھن ڏوگهہ منجهارؤن ڏيئِي،
سا تان ڪَنِ سَڄَڻ جي پيئِي،
اُٿي ھليا ھوت ھَنڌيئِي،
جانبَ جِيءَ گُهريا ھَسِ جيئي،
آيس سَڄَڻ پاڻَ سنجهيئِي،
جن جي ڪاڻ ويچاري ويئِي،
وڃي ڪيچ اُھا ڳل پيئي :
پنهون پِريَن گڏيو غم ٽاري.
46
سسئي ڄامُ پنهون ھڪُ ھو تان،
ڪامِڻ جانب ڳوليو جو تان،
ساڳي پاڻ پنهون ھئِي سو تان،
ڀڃي ھيءَ ڳجهارت ڪو تان،
ڇاجي ڪاڻ ڪَرين ٿِي ووءِ تان،
ڇَپَر ڳولي ٿِي سا ڇو تان،
”سچو“ دَست دُوئِيءَ کان ڌو تان،
ساڄَنُ ڪيئن صَحِي ڪَيو تو تان :
پَر جي عشق اَچِي اوجاري.
47
آھي ”ڪُلِّ شَيۡءٍ“ سو ھادي،
”خَلَقَ الۡاَشۡيَاءَ“ کَؤن آبادي،
”وَھُوَ عَينُھا“ ٿِي آزادي،
واندِي غير ڪَنوُن ھيءَ وادي،
لَٿا شَڪ شُبھا ٿِي شادي،
”سِري سِرہٗ“ ٿِي اِمدادِي،
جنھن کي سَمجهہ تنھين کي تَعدي،
سوئِي مَرد نہ آھي مادي :
سَڀ وِچ صورتَ يارَ دي پياري.
48
پَنھنجي پاڻَ ڪري ٿو وائِي،
تنھن تان ڳالهہ اھا ڳالهائِي،
ڪافر مؤمن صورَتَ سائِي،
انهيءَ رَمزَ ڏنائين رائِي،
جانبَ ڏسُ ڏنو ھي جائِي،
”فاَيۡنَمَا تُوَلُّوۡا“ آيتَ آئِي،
ٿيڙو اَڄُ بَھاني ڀائِي،
اَحمد وحي ھِڪو ھِڪ ھُئائِي :
”احمد“ ”اَحد“ ھُئا اِسراري.
49
”عَرفتُ رَبِي بِرَبِي“ آيت آئِي،
نوبت ”اَناالحق“ وڄائِي،
”اَعظمُ شَانِي“ رَمز رلائِي،
ڪِيَڙي ”لَو ڪَشفَ“ اُجرائِي،
”يَسمَعُ يُبصِرُ“ آھي ھِڪڙائِي،
”بِلا مِيم اَحمدُ“ اِھا وائِي،
”اِني اَنَا الله“ آگاھِي،
ھُئڙي صُورت ھِڪ سڀائِي،
سوئِي بندو سو مولائِي،
سوئِي ھيٺ سو بالائِي :
عالَم اَلله مون اِظھاري.
50
ظاھِر سِجُ تہ سڀ ڪنھن جائِين،
ھيءَ ڀي رَمز تون دل سان لائِين،
تون تان آئينو ٿي آئِين،
پنھنجو پاڻ ئِي ۾ مُنھن پائِين،
”مَين“ کي ڇوڙ تہ ٿِيون ”سائِين“،
ڀولو مور نہ ھن ۾ ڀائِين،
توکي صَحِي سَچ سُڻائِين،
ڪا شَي ناھي بِنا حق ڪائِين،
”ڪُلُ شَيءِ ناطِقءُ باالحق“ ڳالهہ اِھائي ڳائِين :
ھَر جا پاڻَ غَنِي گُفتاري.