Jump to content

سچل جو رسالو/مارئي/داستان ٻيو

From Wikisource
سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
مارئي
299719سچل جو رسالو — مارئي1958سچل سرمست

داستان ٻيو

1
عمر اَباڻن ۾، لَڌمَ لائون لالڙئين؛
کُھ موتِي مالَھڙئين، حال گهوريا ھِن حالَ تي.
2
جو ڏاڏاڻو ڏيھُ، مُونھؤن مور نہ وسري؛
سو ڏاتَر لَئہ ڏيکار مُون، سومرا ساڻيھُ؛
ريءَ پنھوارن پَرڏيھُ، ھِيءُ مِڙيوئِي ڀائيان.
3
ڏيھ ڏاڏاڻي، شل سِگهي وينديس سومرا؛
مون کي ماروئڙن ۾، ڇڏ عمر اُماڻي؛
ڏينھن گُذري ڏکَ ۾، ٿو ڄاڻيندڙ ڄائي؛
سُکَ ڏُکَ سنديون ڳالهڙيون، وڃي اوريان اَباڻي؛
نہ تہ سُڌ لَھندڙَ سِگهڙا، اَلله اُھي آڻي؛
جو ھُن بِنا ھاڻي، گهَڙي ھِت نہ گهاريان.
4
وَس نہ وِساريامِ، سُرھا وَڻَ ساڻيھَ جا؛
اُھي ھيڪَند ڏينھڙا، ٿي گَڏجِي گذاريامِ؛
ياد ڪيون سي ڪيترو، سانگِي سنڀاريامِ؛
اوڏنھن اُڏاريامِ، ڪَلَ لَھَڻ لَئہ ڪانگڙا.
5
جھڙِي ھُيس مَلير ۾، جي ھِت ٿيان تِھڙي؛
پَرَ ڳالهہ ڪَريان ڪھڙِي، جو قابو رھيسِ ڪوٽَ ۾.
6
ھُيس ڪير ملير ۾، ھِت ٿِي آيَسِ ڪيرَ؟
جيڪُس پيڙمَ پيرَ، فقط لَڳ فِراقَ جي.
7
ڪاٿي آءٌ ھُياسِ، ڪاٿي آيَسِ سومرا؟
ھُتان ھلي ھِتِ اَچي، پورَن منجهہ پياسِ؛
ھنجن ھابُ ڪِياسِ، وڇوڙي جي ڏينھڙي.
8
شال نہ رھن ڏورِ، ھُئن اَباڻا اوڏڙا!
ميان تَن ريءَ مور، مون ھِت جالَڻُ نہ ٿئي.
9
ڏوٿِي ڏورئون ڏورِ، عمر اَڄ مون کي ٿيا؛
سُمهَڻ جاڳڻ سورِ، مون گذارَڻ آئيو.
10
جڏھن آءٌ ڄاياسِ، ڪنھن وٽِي، وِھَ جي نہ ڏني!
جڏھن ساماياسِ، تڏھن آيَس اوراتَن ۾.
11
ھي سامائِجڻ گهوريو، جنھن بت ڪَيو بيرؤن؛
وڃي شَلَ ويڙھيون، ڏِسان ڏوٿيَڙن جون.
12
ڏٺي ڏوٿيَڙن کي، گهڻا ڏينھن ٿيا؛
جالڻُ جُدائِيءَ ۾، جيڪي پَلَڪ پئا؛
سي وڻواند ويا، سارا سنگهارن ري.
13
ھُت ٿا لوءِ لُڇَن، سُڻِي ڳالهيون سومرا؛
پيھي ڪِئن نہ پُڇن، جي ھُئن اَباڻا اوڏڙا!
14
پاڙو پاڙي ساڻُ، شَلَ ھُئان اَباڻن جي؛
پکي تَن جي پاڻُ، آءٌ تا سُکيو ڀائِيان.
15
مون کي رَبُ رکي، شل پَردي ساڻ پناھَ ۾!
تہ ھئان منجهہ پکي، عُمَر اَباڻَن جي.
16
پَردي منجهہ پناھَ، مون کي رَبَ رکيج!
اُڪنڊ ھِن اَرواحَ، آھي اَباڻَن جِي.
17
ڏِسي کيٽَ کَڻِي، ويا ماروئَڙا ملير مَون؛
پَکا پانوَرَ ڪنڌئين، ويٺا جالَ ھڻِي؛
اڳي پنھوارن پاڻ ۾، ٿي اِھا ڳالِهہ ڳڻي؛
ھِت رَتِي رھَڻ ناھِ ڪا، ڄاڻي ھِڪُ ڌڻِي؛
جا عادت زور ظلم جِي، ھيءَ حَمير وَڻِي؛
رَعيت جي رَنجڻ جي، ٿيس گهُر گهَڻِي؛
ھاڻ بَرسَر ھِيءَ بَڻِي، سنگهارن تي سومرا.
18
پَلَڪ نہ ٿيان پاسي، شَل عمر اَباڻَن کَؤن!
گڏُ گَڏين ھا سي، سڀن سان سي سومرا.
19
ڪاڏي اَڄ رھي، آءٌ ڪاڏي اَباڻان؟
ھاڻي نہ ڄاڻان، تہ ڪا موٽي مِلنديس مارئين.
20
اَڃا نہ آيا، سنحارا ساڻيھ جا؛
ڏينھن جهجها لايا، پانوَرِ پنھوارن پاڻ ۾.
21
جيڪس نہ آيا، سنگهارا ساڻيھ تي!
نہ تہ کيتن خابرو، تڏڙھئين ھَلايا؛
تن ڏينھن وڏا لايا، وڃي پانورَ ڪنڌئين.
22
وڃن تامَ پري، شل اَباڻَن اوڏي ھُئان!
جو سُڌِ لَھَن مون سِگهڙي، ذري منجهہ ذري؛
اکيون آب ڀَري، ٿي ويجهائيءَ لئہ وجهُلان.
23
بيوسِي آھيان، ھِن ماڙن ۾، مارو!
وِساري ويھي رھيؤ، ڄڻ منجهانئِوَ ناھِيان؛
لالچ نہ لاھيان، پَسَڻ پَنھوارَن جِي.
24
موٽِي شال اَچن، ماروئڙا تہ مَليرَ ۾!
اَچڻ سندي تا ان جي، ڪَر پوي مون ڪن؛
تا سڀيئي سُک ٿين، گوندرَ وڃن گُذري.
25
ڏوراپا ڏيئي، ڪنھن ھَٿ مُنجان مارُئين؟
تہ وساري ويھي رھيَوَ، حال ٻڌي ھيئي؛
مِڙي اَچو مون گهرين، آھيو جهانگيڙا جيئي؛
جي آھيو اتي ئِي، تا لَھو سُڌِ سنگهار جي.
26
موٽي ماروئڙن، سُڌِ نہ لڌي ساہَ جي؛
لاھي ڇڏيو دل کؤن، اَديون اَباڻن؛
ڪنھن ڳُڻؤن سنگهارن، جيڪُسِ ويڙسِ وِسري.
27
ڪي ڏينھن ھُيس قرار، مارُن گڏ ملير ۾؛
درد نہ ھو ڪو دِل کي، ھُيسِ مِٽَن ۾ مختيار؛
ريءَ اَباڻن آرِ، ھاڻي ڪنديس ڪَن سان.
28
اَڄ ساريم سنگهاري، جَنَم لنگهايَم جَن سان؛
ھيءَ وڇوڙي تَن جي، ميان ھِت ماري؛
عمر سڀا مون سانگئين، ٿِي گڏجِي گذاري؛
منھنجي پار پنھوارَ جي، آھي تاڪون تياري؛
ھاڻ لکي منجهان مارئين، ھِيءَ حقيقت ساري؛
ڏينھن ھيترا ڏوٿيو، ڪِيئن اوھان وِساري؟
جيڪُس ڌُرئون ھُئِي ڌاري، تيلهان ويَڙَوَ وِسري.
29
منھنجي مَن ميان، ھِن ڳالهيون ماروئڙن جون؛
ڏُٿ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، وڃي خوشِئون ھُتِ کِيان؛
ڪائِي ساعت سومرا، جهانگِن ري نہ جِيان؛
وڃِي ٿر ٿِيان، شَلَ سنگت سنگهارن جي.
30
ويجها جڏھن ھُئام، ماروئَڙا تہ ملير ۾؛
تڏھن ڳالهہ احوال جي، تَن ڪَنين ڪين وڌام؛
ھاڻ وڃِي ٿرِ ٿيام، اُھي سڌ لھندڙ سومرا.
31
ٿيا پنھوار پَري، آءٌ ڏيان ڏوراپا ڪن کي؟
وَھندو شالَ وصالَ جو، ڪو پڻ واءُ وري؛
نَئي گڏ ڪري، سو مون کي ماروئڙن سان.

ڪافي 1
مارن ڏي آءٌ وڃان وڃان! ھادِي اَلله، الو ڀلو!
لاوان لھنديس کيت پنھنجي سان.

سرتيون ٿينديون مون ڄَڃان ڄَڃان.
ڪَڍ بندياڻي بند مؤن، ڪُرف ڪڙا ٿِي ڀَڃان ڀَڃان.
واٽَ جنھين کؤن سانگِي ايندا، سائِي واٽ مان وڃان وڃان.
”سچو“ سائِل آھي اوھان جو، سِرُ سائينءَ اڳيون سَڃان سڃان.

ڪافي 2
لَڄايان نہ لوئِي، وو،
عمر آنديم جا اوڏاھون!

جي تا ملڪَ ملير ڏنهن، قاصِد اَچي ڪوئِي، وو.
سارو سنگهارَن ڏي، حال منجان روئِي، وو.
وجهان ٻَرنديءَ باھ ۾، شالون پَٽ سڀوئِي، وو.
کٿِي کَنيَم کِيئن جي، اَڌو ٻَنڌ جا ھوئِي، وو.
آنديم کڻِي کوھَ تؤن، آب ڀَري اوئِي، وو.
پِيَڻ ڪاڻ پنھوار جي، کَلي مُون تان ڍوئِي، وو.
اھڙي اڳي ڪنھن نہ ڪئي، جھڙي ڪيڙي توئِي، وو.
مون سان مدد ني ڪندو، ”سچو“ صاحب سوئِي، وو.

ڪافي 3
ويٺا منھنجيون ڳالهيون ڪن،
ھُت ماروئَڙا بہ ملير ۾!

عمر آنديئي مارئِي، تاسف ڏيئي تَن.
سَدا آھنِ سومرا، مارو منھنجي مَن.
مون جيڏيون ملير ۾، چانگن پاسِ چَڙن.
ڇڏي پانور ڪنڌيون، مَنَهيون اوري اَڏن.
”سچوءَ“ جي سَريرَ ۾، ويڙھيچا ٿا وسن.

ڪافي 4
غم ۾ ڪِيئن نَہ گذاريان، اَديون، تن وچؤن مون کي ڏينھن پيا!

ميان مُلڪَ ملير ڏي، کنيو نيڻ نِھاريان.
پَکا پنھوارن جا، ساعِت ساعِت سنڀاريان.
راتيان ڏينھان روح ۾، ساھيڙين کي ساريان.
وَسُ جي ھو ڪو منھنجو، گڏ ھُنِ پاڻ قطاريان.
پَت پنھنجِي پاڻهين، پنھوارن سان پاڙيان.
ياد ڪيو سي ڳالهيون، پنھنجو پاڻ ٿي ڳاريان.
موڪل ڏينم مٽين مِڙان، گهڙي ھِت نہ گهاريان.
ٻَڪَر ٻاٻاڻن جا، چَھرائيءَ سان چاريان.
جي مون روحَ رڳن ۾، ويڙھيچا نہ وساريان.
جا لوئِي آنديَم لوءِ ڏنهن، عمر شال اُجاريان.
حال پَسي ھِيءُ پانھنجو، ماروئڙن لڳ ماريان.
پَٽَ پٽِيھَرَ گهَوريا، طولَ ڀايان تلواريان.
ڪَرَ لَھَڻ لَئہ ڪانگَڙا، اوڏنھن روز اڏاريان.
”سچو“ سنگهارن کَؤن، ھِي سِر ھڏ نہ واريان.

ڪافي 5
شالَ نہ وِسارين، مارو مون کي، شالَ نہ وِسارين،
درد جنين جو آھي دل کي!

اَٺئِي پَھر اوڏھون، نيڻَ ٿا نھارين.
پَھون پنوھَرَ پانھنجا، ويجها وھارين.
جوڙُ اسان جا جهوپڙا، ماڙيون ٿيون مارين.
ھَردم طلب جون تَن ۾، تارون تنوارين.
سنگهارن جون ساھ کي، ڳالهيون ٿيون ڳارين.
”سچو“ سارين جن کي، سي ڀِي تو سارين.