Jump to content

سچل جو رسالو/مالڪوس/داستان ٻيو

From Wikisource
سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
مالڪوس
299734سچل جو رسالو — مالڪوس1958سچل سرمست

داستان ٻيو

1
ڀينَر ڪِيئن ڀِنو، هِي جو نامو نينھَن جو؟
جيڪس خُمار ڏنو، هُو جو آيس عَجيبَن ڏنهُن.
2
پڙهندي پرزو پرينءَ جو، ڀَلو ڪِيئن ڀِنوس؟
جيڪس خُمار ڏنوس، هُو جو آيس عَجيبَن ڏنهُن.
3
روئِي زارو زارُ، پنو لکِيُس پريَنءَ ڏي.
ڏِنس خَطَ خمارُ، اَوليءَ عبارَت ۾.
4
آڻي عبارتَ، اَڃا لِکڻ لڳي پِرينءَ ڏي؛
روئندي ڀَريون رتَ، اوتڻ ٻَئِي اَکِيون.
5
عبارت آڻي، اڃا لِکڻ لڳِي پِرينءَ ڏي؛
دِيدن درداڻي، اَچِي اوتيا اُتھِين.
6
نِينھُن منَجهؤن نامي، معلوم ٿيو محبوب کي،
تہ بہ پانڌي، پيغامي، وِرھُ وڌائڻ آئيو.
7
آيو اوڏاهُون، اَڄ ساٿِي سلامن سان؛
ماريون ڙي مان هون، اها ويل نہ وسري.
8
نامو راتِ نيو، قاصد پار قَريب جي؛
پورن مَنجهہ پيو، هُت واچِيندڙ ورق جو.
9
جارؤن لکيم جو، ڪاغذ قريبن ڏي؛
حقيقت جا حال جِي، واچِڻ ويٺو ڪو؛
پڙهندي پَنو سو، تنھن کي آنڌيون آئيون.
10
عريضو آڻٖي، ڏنو قاصد قَريبَن جو؛
هن ويلٖي هاڻٖي، هِيءَ سِر ڪَريان صدقو.
11
نامو نيندي ئي، قاصد واٽَ ڪِري پيو،
تنھَن ويلي ويندي ئي، ورهَ وڪوڙيو نڪڻيان.
12
پڙهندي پرزو ئِي، واچِيندڙ وهلور ويو؛
لِڱين لَرزو ئِي، اَچِي پيس اوچتو.
13
قاصِدُ ايندي ئي، پيو شوڪارن ۾؛
نياپا ڏيندي ئي، ساٿِيءَ ساھُ مَٿي ويو.
14
نامو سارو نِيھَن، جو پُڻ لِکيو سَڄُڻين؛
رات برابر ڏِينھَن، مون کي گوندر گذري.
15
ڪا جا ڪتابَتَ، لِکِجِي آئِي پِرينءَ ڏَنھُن؛
سچو سا ثابت، مون هون واچَڻ نہ ٿِئي.
16
پَني ۾ پيغامَ، ڪٖي لِکي مُڪا سَڄڻين؛
سي نہ سمجهن عامَ، جٖي آهن مَنجهہ اشارتان.
17
ڪِي جو لِکيائون، پني مَنجهہ پِريت جو؛
اُهو پَسِي آئون، بيخود ٿِيَڙس سَرتيون.
18
ساٿِي ٿِي سونھون، واچِيندو وَرَق کي؛
سو مَنجهہ مطالع مون هون، خونِي خط پِرينءَ جو.
19
لِکُيون لَسَ لَڙهان، ساجَن سَلامَن جون،
اهو پُرزو پاڻ پَڙهان، ٻُڌايان نہ ٻين کي.
20
مُنجان ڪِيئن لِکِي، ڪِتابت قريبَ ڏي؛
متان ساٿِي واٽَ سِکِي، ٻڌائِي ٻِين کي.
21
مون ڏنھُن اَڄ لِکِي، جانيءَ جدائِيءَ مَؤن،
کَنئون ترار تِکي، هُئِي ڪتابَت قريب جِي.
22
لَڙهان لَسَ لِکيون، پِرينءَ پيغامن جون؛
سٖي رقيب سِکيُون، ٿو ٻڌائٖي ٻَيِنِ کي!
23
رَت اکين رويو، ٿِي ساٿِيءَ سَنيھڙا ڏئٖي؛
نَهريون نچويو، جارؤن جَرُ هاري گهڻو.
24
نِچوئِيندي نُنھَن، ٿِي پاڻي ڪَڍي پڌرو؛
وجهي ساٿِيءَ سُنھَن، تہ تون ڏيج سِجدو سَڄُڻين.

ڪافي 1
ڪوڙِي ڪَيئِي ڳالهہ پنهنجِي،
ڪالهہ ڪانگا جا چَيئي مون کي!

جيڪُس ڪِين ڪِي ڌُر وئيٖن تون،
واٽَ ڏسِي مُوٽيين اَهنجِي.
عجيبن جي آڏو وري تو،
ڪَچِي ڪَئِي سا ڪنھن جي!
وري برار وئُون اوڏانھين،
سائِين ڪندو شال سَھِنجِي.
تنھن کي سوئِي توڙ رساڻِي،
وٺٖي جو دامَن ڪنھن جِي.
اَصل لاڪُون سچوءَ سَڀائِي،
طاعت مَڃِي آهي تُنھنجِي.

ڪافي 2
پِرينءَ هِي پيغامَ، ساري ساٿيا ڏيجو!

ٻانھون ٻڌِي يارَ سَڄَڻ کي، ڏيجو سٖي سَوَ سَلام!
ڪڏهن ڪندؤ پارِ اَسان جي، اچڻ جا اَنجام!
درِ اوهان جي يارَ رَسڻ رِيءَ، ٿِئي نہ طلب تمام.
شوقَ اَوهان جي شورُ مَچايو، ڪياسين هُل هَنگام.
جيھو تيھو آهي اَصل کؤن، سچو سو گولو غلام.

ڪافي 3
آءٌ اصلَ کؤن جو آهيان، گولو غلام تنھنجو!

مون سان وعدو ڪَيَڙئٖي، ويھي، ڪالهہ پَکي هنَ پيھِي،
ناهيان ڏور اوهان کَؤن ڏيھِي، ڪن لايان ڪلام تُنھنجو.
تنھن ڏينھن لاڪون اَڄُ تائين، منھنجو ساهُ سِڪي ٿو سائِين،
پيو اوچتو هَنڌَائِين، هن دل کي دام تنھنجو.
ڇڏ سڀ لاڳاپا لاهي، اِهو وڃڻ تہ واجب ناهي،
اِهو فرض اسان تي آهي، سجدو سلامُ تنھنجو.
ڏاڍا خوني نِيڻ خماريئي، سي ڌاڙي ڪارڻ ڌاريئي،
نيڻَن سان مُلڪَ ماريئِي، هر جا حُڪام تنھنجو.
آئِي سائينءَ ڏهون وراڻِي، ٻيا خيال ويا اُڪاڻِي،
تون تہ سرور نبي سُڃاڻِي، سچو، آهي امامُ تُنھنجو.

ڪافي 4
اَڄ تا خبران آيون آيون، دوست اَوهان جي ديسئون!

وري وسائيندو سِگهڙو،
جاني سو پنھنجيون جايون جايون.
تہ ڪَرَ ويندين نِڪري،
هيئن ڀُلٖي ڪينَ ڀانيون ڀانيون.
ڏکُ وڏوئِي ڏيلَ منھنجي کي،
وئين تون لالن لايُون لايُون.
راتو ڏينھان روحَ پنھنجي سان،
ڳالهيون سنديوَ ٿا ڳايُون ڳايُون.
اَچڻ اوهان جي جوُن، طَرف سچوءَ،
جٖي، شالَ وري ٿِين وايون وايون.

ڪافي 5
منھنجي اڳھين لڳِي، نہ تہ هاڻِي لڳِي،
دل، اَلو، اَلو، تنھن يار سان!

روز اَزل کؤن اکيون لايون سٖي، دوستَ مٺي دلدار سان.
ڪيئِي داناءَ ديوانا ڪيائِين، چشمن جي چَمڪارَ سان.
دوستَن جي در اَچي پيَس، اَصل سَچي اِعتبار سان.
جيڪِي ٿئي ٿو جوش وارن سان، سو نہ ٿئي هُشيارَ سان.
ناز نياز جي نينھَن وارن کي، تَڪ ڪيو تَلوار سان.
سِرُ سچوءَ ڪيو صدقي سائِين، عقل ڇَڏي اقرار سان.

ڪافي 6
آهي اِنهن اکين کي، خاصو خمار تنھنجو!
ويٺو وٺِي آهيان هِت، ڪاملَ قرار تُنھنجو!

هن کي اوهان جي ٻاجهون آهي نہ ماڙ ڪائِي،
هِي تا غريب آهي، اُميدوار تنھنجو.
ٿِيءُ پاڻَ کان پَري تون فرمائيو اوهان جو،
آهي ڄميل اَصل کؤن هي اعتبار تنھنجو.
هِنَ تي ڪَرم وڏو ڪيُوَ، جو درد دل بڇايُوَ،
ساريان لطف سنڀاريان، نِي بيشمار تنھنجو.
چاهَون ٿِيو اَوهان جو، دامن لڳي جو آهي،
سچو غلام ڄاڻي، جو داغدار تنھنجو.

ڪافي 7
لنگهٖي ويون ڪالهہ قطارون،
ڪونجڙين جون ڪيچ وڻن ڏنھُن، ميان!

ڪنديون ويون ڪيچَ ڏي،
ميان الا! طرحين طرحين تَنوارون.
ويچاريون، ميان الا، ولَرَ ڪيو وڙڪَن،
ڦُٽِي ٿيون سي ڦارون.
ولَرين ڪونجَڙيون، ميان الا،
ڪنهن اَندوه اُڏاريون.
اُنھن جي افسوسَ جون، ميان الا،
پونديون ويون پچارون.
اُٺَنِ ڳانا پٽَ جا، ميان الا،
موتين مَڙهيون مَھارون.
سچو هليو سوز ۾، ميان الا،
لاهِي لوڪَ مَيارون.

ڪافي 8
ڳلِي ڳلِي مون ٿي ڳولِي ڳولِي،
يارَ سڄَڻَ تنھنجٖي ڪارڻ!

ڇڏي لاڳاپا لوڪَ جا، اسان تا ٻانهپَ ٻولِي.
ٿيَس ديوانِي دوستَ اوهان لئہ، ڪري چيھاڙيون چولِي.
اچِي اَچانڪ اندر اسان جِي، حُبَ مچائِي هولِي.
اصل لاڪُون آهي اوهان جِي، هيءَ غريبِ سا گولِي.

ڪافي 9
مون وٽ يارَ پيارا، آءُ تُون پاڻُ سُڃاڻِي!

حال مِڙيوئي معلوم توکي،
دنيا سا ڪوڙ ڪھاڻي، آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.
ٿينديَس گولِي، در در ڳولِي،
جانب ڪاڻِ جوڳياڻي، آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.
سِڪندي تو لئہ سُھڻَل سائين،
روئندي سا رات وهاڻِي، آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.
سَچلُ آکي سَھي ڪِيتو سي،
پِرتِ جي ناھِ پڄاڻي، آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.