Jump to content

سچل جو رسالو/مالڪوس/داستان پنجون

From Wikisource
سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
مالڪوس
299737سچل جو رسالو — مالڪوس1958سچل سرمست

داستان پنجون

1
ڏار چڙهِي ڏاهي، ڪِي جو چيو چُھنب سان؛
اِهو مون آهي، آڌرُ ڙِي اَرواح کي.
2
ڏاهو ڏار چڙهِي، لَسين ٿو لاتيون ڪري؛
ڪو نئون سبق پڙهي، اَڄ پڻ آيو اوڏنهون.
3
ڏاهو مَٿي ڏارَ، عجب اڄ لاتيون ڪري؛
ٿو ”سچو“ ڏئي سنڀارَ، پريان سندي پارَ جِي.
4
ڏاهو ڏار چڙهِي ڪري، ڪِي ٿو چھنب ساڻ چوي؛
اَديون سڀ اُهي، آهيو ٻُڌڻَ واريون.
5
چھنبَ ساڻ چوي، ڪِي پيو ڪانگل ڪاڪيون؛
پورن مَنجهہ پَوي، ٿو سُڻِي ساهُ سنهيڙو.
6
مُحبن ڏنهن مَسين اڄ پڻ ڪانگل آئيو؛
لاتيون واهَ لَسين، ڏاهو ڏار چڙهِي ڪري.
7
لاتيون ڪنديئي، ڪانگو هيٺ ڪري پيو؛
هَي هَي هَنڌيئِي، ساٿيءَ ساه مٿي ويو!
8
ڪَھيو هِيئن ڪانگي، آئون چيائين چھنبَ سان؛
تہ ”سڄڻ ڪنهن سانگي، وري ايندءِ اُتھِين.“
9
چُھنب ساڻ چئِي، ڪا جا ڪانگل ڳالهڙي؛
ساري آتڻ سان انهيءَ، ڪَھڙي ڏِسُ ڪَئِي؛
پُورن منجهہ پئِي، سڀ ڪنھن اَئٽ ڦٽو ڪيو.
10
ڏاهي چڙهي ڏار تي، ڪا جا لتِي لاتِ؛
ڏک ڏنائين سڀ کي، وائِي آڻي واتِ؛
پَيون ۾ هيھاتِ، آتڻ واريون اُتھين.
11
ڏاهو چڙهي ڏارَ تي، ڪري هيءُ مذڪور؛
سنيھَن ۾ سورُ، چوي ٿو چھنب سان.
12
سُڻو سنِيھا سَرتيون، ٿو چڙهيو ڏارَ ڏئي؛
سارو ساهُ نئي، ٿو نازڪ نِياپَن سان.
13
ڏاهو ڏارَ مٿي چڙهيو، ٿو ڪري بِرهَ بيانُ؛
آتڻ تي احسانُ، ڪري ڪلامن ساڻ ٿو.
14
ڏاهيون سڀ ڏسو، جو آيو ڪانگ قريبَ ڏنھُن؛
وڃي جان جثو، نيو نياپَن ساڻ ٿو.
15
وتيون ۾ ويڙهي، ٿو ڪاريون ڪانگ وهائي؛
روحُ نئين ريڙهي، سڀ ڪنھن جو سرتيون.
16
ريڙهيون روح نئين، پَسو سَڀ جو پاڻ ڏي؛
سنيھا جي سَڄَڻان، سي چڙهيو ڏار ڏئي؛
آتَڻ ۾ افسوس ٿيو، تنھن جي پيرَ پِئي؛
ڪَتي سگهي ڪانڪا، کَؤن وهلور وِهي؛
ڪھڙِيءَ طرح ٿئي، وري سَنباهو سَرتئين!
17
ويس تَندُ ڇڄِي، پَھو پٽِ ڪري پيو؛
سُڻِي سَنيھا نيھن جا، پَئِي جهوريءَ منجهہ جهڄِي؛
اِنهيءَ ڀَتِ ڀڄِي، پيسَ روئندي ڪپڙا.
18
ويڙهي وتندي ئِي، ڪانگي قھر ڪمائيو؛
ڪاڪيون ڪتندي ئي. پَيم پورُ پريان جو.
19
صدقي ساهُ ڪريان، هِنَ ڪانگِي تَون ڪاڪيون؛
جي ڏئي سنيھا سَڄَڻان، سي سانڀي ساه ڌريان؛
ڀلي پيرَ ڀَريان، اُنَهيءَ ويلي اوڏهِين.
20
آڻي ڪانگَ ڏنياس، ڪتابَت قرَيب جِي؛
پَھو ڪتيندي پَٽ پِيُس، ڇوهون تَند ڇُٽياس؛
ڀيڄون ڀيڄ ٿياس، روئندي چولي چِڪَ ۾.
21
هَلِي ڪانگي هِڪَ، ڪا جا ڪَيس ڳالهڙِي؛
تنھن مامَ ٻُڌڻ سان روئندي، چولِي ڪيائين چِڪَ؛
سَنيھي مَون سِڪَ، پاڻهِي ڪيائين پڌري.
22
ڏاهي چڙهي ڏارَ تي، ڪا ٻولي هيءَ ٻولِي؛
سا ٻُڌي روئِي رتَ سان، چِڪَ ٿيس چولِي؛
ڄڻ هنيڙي ۾ هولِي، تنھن آڻي هِندن جي هنئي.
23
سَڄڻ ڏنهُن سَنيھ، تنھن آڻي آتڻ ۾ ڏنا؛
ڄڻ ڏنائين سَڀن کي، ڇُريءَ ٻاجهون ڇيھ؛
ڏک ڀَريائين ڏيھ، ماريو اِنهيءَ مام سان.
24
سُڻو سَنيھ سَڀي، ماريون مَحبوبن جا؛
لَکن مَنجهہ لَڀي، ڪا سوُرائِتي سارَ سان.

ڪافي 1
آءٌ تا ڪالَهہ اُڏامِي، وڃي پَيَس پِرين وٽ!
هت قبوليم تَنھن جِي حلقہ بگوش غلامِي.
مِھر مٿو ئِي ناه ڪو، عاشقَ ٿِج تون آرامِي.
اصل لاڪُون اُن جو، هِي پاڄِي آهي پيغامِي.
ويَس برابر اوڏهِين، ويٺيس ڪين وسامِي.
مونکي ڪيائون پنھنجو، ”سچو“ يار سلامِي.

ڪافي 2
ڪڏهن اِيندين هِڪُ ٿِيندين،
نت نھاريُون سنديَئِي واٽڙيُون!
سانَولَ ڪنھين سانگَ سان، اڱڻ اسان جي ايندين.
اِهو اٿئون آسرو، بَديون تا بخشيندين.
ڪَنھين ڏينھن هِن ڏکيءَ کي، دوست دلاسو ڏيندين.
پِرين نيندين پاڻَ سان، ڇَپَر تا نہ ڇڏيندين.
ٿوري گهڻي ڏينھَڙي، گولِي ساڻ گَڏيندين.
پَکا پَکن سامُهون، اوري آڻي اڏيندين.
سو ڏينھُن ٿيندو ڪھڙو، ”سچو“ ڪري سڏيندين!

ڪافي 3
مَنُ موهي منھنجا جانِي،
گهڻا لايَئِي ڏينهڙَا!
صورتُ تنهنجي سُپرين، مورت ڪئِي مَستانِي.
پِرين اوهان جي پار جو، گوندر ٿيو گُذرانِي.
روز اَزل کَون ڏٺُوَ اسان کي، نينھن پنھنجو نِيشانِي.
اڱڻ اسان جي آءُ پيارا، محب ڪريان مھمانِي.
پيريءَ جا ”سچو“ ڏينھن وسارج، ٿيئِي جَمالُ جوانِي!

ڪافي 4
يارَ سڄڻ ڪيئن سَرِي، تو کي اَسان ٻاجهون!
اسان نِماڻَن ڏي سھڻا سائين، دوستَ نِھارج وري.
توکي قدر ناهي ڪو، ڀَلو، چيٽڪ ڪِيڙس چَري.
اَچي ”سَچوءَ“ جِي ايڏهين، سَندي دزَ ذرِي.

ڪافي 5
ياد مون کي اَڄُ پيون،
مِٺيون ڳالهيون سُھڻا تُنھنجيون!
رهيون آهن روحَ منھنجي ۾، ڪين وسرِي سي ويون.
ويٺا ڏسون ٿا واٽ اوهان جي، دوسَت دلاسو ڪو ڏيون.
”سچو“ آهي سَگ تنھنجي جو، ميان نالِ نِباهي سو نِيون.

ڪافي 6
مون سان تو ڪَيون ڪيون، سُھڻا اُهي ڳالِهيون ڳالِهيون!
سي نہ وڃن وسري، ڀلو ميان،
چڱيون اَوهان جي چَيون چَيون.
اوهان ٻاجهوُن سُپرين، ميان،
نِينھن وهايون نَيون نَيون.
لِڪُون ڪيون سين لوڪَ کَون، ڀلو ميان،
پَڌر اُهي اَڄ پَيون پَيون.
ڳجهيون سي ڳالهيون يارَ ”سچوءَ“ کَون،
ڪين وسري سي ويون ويون.

ڪافي 7
آءٌ تا تنھنجڙِي آهيان، يار مون کي ڇو ٿو ڇَڏين!
تون تا منھنجو آهين اَصل کَون، ڪنھن نہ ٻَئي در ڪاهيان،
هوتَ اِيندي هِت ڪڏين.
آءٌ نماڻي عيبن هاڻِي، سَگَ نہ ساڻُوَ ساهيان،
پَکا اوري آڻي اَڏين.
توڙي سُڃاڻِين توڙي نہ ڄاڻِين، لالچ تا ٻِي نہ لاهِيان،
ساڻ گولِيءَ پاڻ گَڏين.
آءٌ تا ٻانهي تون تا سائين، آءٌ غريب سا ڇاهيان،
نانءُ ”سچو“ ڪري سڏين.

ڪافي 8
انهن جادوگر چشمن بيران ڪيو سين!
اِنهن نيڻن سندي نازن حيران ڪيو سين!
راتو ڏينھان دل کي هيءَ آهي پريشانِي،
اُنهن غَمزن ڳُجهن رمزن ديوان ڪيوسين.
هَي هَي هيءَ فرياد وي يارو، ڪنھن کي سُڻايان،
خونِن هِن خمارن، مَستان ڪيوسين.
ميدانَ منجهہ ”سچو“ تَھ دليون آيو آهي،
اِنهن تارن سَندي تِيرن نيشان ڪيوسين.

ڪافي 9
زاريون ڪَيو زار زار، ميان؛
ويٺي روئان، ٻَڙي جيڏيُون!
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان،
ياڪِي سو ٿيڙم يارُ، ميان.
راتو ڏينھان ڳالهہ اِنهيءَ جو،
جيڏيون ڙي جِيءَ کي جار، ميان.
پاتو اَٿم لَڳہ پرينءَ جي،
ڳَلِ هَنجُن جو هارُ، ميان.
عاشقن کي سوز ”سچو“ ڙي،
آهي سَدا سِينگار، ميان.