قديم سنڌ/باب نائون
ڳوٺاڻيون پنچاتيون: قديم سنڌ ۽ پنجاب جي ماڻهن پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءَ لاءِ اول گڏيل ڪٽنب جو رواج وڌو، ۽ پوءِ پنهنجن گهرن ۽ وٿاڻن جي چوڌاري اوچيون ڀتيون کڻي گوتر ٺاهيائون، ته به چوراڪاري بند ڪانه ٿي ويئي. جهنگلي قومون وقت بوقت مٿن ڪاهي اينديون هيون، ۽ کين ڦري ماري وينديون هيون. اهڙي حالتن منجهن پاڙي جو ننگ ۽ ايڪتا جو انگ هيڪاري وڌايو. هڪڙن جي مٿان چور يا ڌاڙيل ڪاهي پوندا هئا، ته ٻيا پاڙيسري لڪي ڪونه وهندا هئا، پر تير ڪمان کڻي، مڙسان مڙسيءَ چورن سان لڙندا هئا، جو ڄاتائون ٿي ته ”اڄ همان سڀان تمان“. ائين ايڪتا جو ناگ منجهن وڌيو، ۽ اؤکيءَ سوکيءَ ۾ هڪٻئي جي واهر ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهڻ لڳا. پر جيڪي عادتي چور هئا، ۽ جن جو پيشو ئي اهو هو، جو ٻين کي ڦري، پنهنجو پيٽ پاليندا هئا، تن کين سک سمهڻ نه ڏنو. بعضي گهڻا ڌاڙيل پاڻ ۾ گڏجي هڪڙي ئي ڳوٺ تي ڪاهي پوندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ هرهڪ ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ پنهنجو بچاءُ پاڻيهي ڪرڻ مشڪل ٿي پيو. هنن پوءِ ڀر وارن ڳوٺاڻن کي به پاڻ سان ڀيڙو ڪيو. ائين گهڻن ڳوٺن جي هڪ يڪي پنچات ٺاهيائون، ۽ پنهنجي برادري4 جو دائرو وڌائي وڏو ڪيائون. ايڪتا وڌائڻ لاءِ هيءُ نهايت عمدو قدم کنيائون.
گهڻن ڳوٺن جو ميڙ ”گرام“ سڏبو هو، جنهنجو اُچار هاڻ عام طرح آهي ”گام“ يا ”گانءُ“ ۽ معنيٰ اٿس ”ڳوٺ“ يا ”بستي“؛ پر بنيادي معنيٰ اٿس ”ميڙ“، ”ڪٽڪ“. رواجي طرح ”گرام“ يا ”گام“ معنيٰ اُهو ڳوٺ جنهن ۾ گهڻا ماڻهو رهندا هجن، پروفيسر زمر جي خيال موجب ”گرام“ جي اصل معنيٰ آهي ”هٿياربند لشڪر جو ٽولو، جو جنگ ۾ لڙي“ سچ پچ ته ”گرام“ جي اصل معنيٰ آهي ئي اها، ڇاڪاڻ ته انهيءَ (گرام) لفظ جي اڳيان جيڪڏهن ”سم“ اڳياڙي“ (Prefix) وجهبي ته لفظ ٺهندو ”سنگرام“، جنهن جي معنيٰ آهي ”لڙائي“، (جنهن ۾ جنگي جوڌن جا ڪٽڪ اچي ڪٺا ٿين ٿا). انهيءَ سبب چئبو ته رگ ويد واري زماني ۾ ”گرام“ (گام) هڪ وڏي بستي هوندي هئي، جنهن ۾ جنگي جوڌن جا ڪٽڪ رهندا هئا، جي دشمن سان لڙڻ لاءِ هردم تيار هوندا هئا. گرام جي مکيءَ يا وڏيري کي ”گرام مني“ يعني گام جو مکي سڏيندا هئا. (رگ ويد منڊل ستون 1، 5، ۽ منڊل ڏهون 62، 11). مطلب ته ڳوٺن ۾ گوتر هوندا هئا، ۽ هرهڪ گوتر جو مالڪ يا مکي ”گوتر پتي“ سڏبو هو، پر گهڻن ڳوٺن جي مٿان ”گرام مني“ هوندو هو، ۽ هرهڪ گوتر جا رهاڪو گويا سندس فوج جا سپاهي هوندا هئا. *
هن وقت ڪيترن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رواج آهي ته ساڳئي ڪل مان پيڙهيءَ به پيڙهيءَ ڪو مکي مقرر ٿيندو اچي ٿو. رگ ويد واري زماني ۾ موروثي مکپڻ هئو ئي ڪونه. اڪثر رڳو چونڊ جو سرشتو جاري هو. جيڪڏهن ڪنهن مکيءَ جو پٽ پنهنجي پيءُ جهڙو ئي برجستو هوندو هو، ۽ عام خلق ۾ عزت هوندي هيس، ته پوءِ کيس مکي ڪرڻ ۾ ڪنهن کي به اعتراض ڪونه هوندو هو، نه ته عام طرح جدا جدا برادرين يا گوترن وارا هڪٻئي جي صلاح مصلحت سان پنهنجي لاءِ مکي پاڻ چونڊيندا هئا. گرام مني يا مکي اهو چونڊيندا هئا، جو برجستو ۽ حشمت وارو هوندو هو، ۽ جنهن کان لچ لمپٽ ڪن هڻندا هئا. سڀيئي ڳوٺاڻا سندس چئي ۾ رهڻ ۽ وقت سر کيس مدد ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا. هرڪو ڳوٺاڻو پنهنجي مکيءَ کي پنهنجي پيءُ جي سمان ڪري سمجهندو هو. جيئن ماءُ پيءُ کي ماڻهو پيرين پوندا آهن، تيئن مکيءَ کي به پيرين پوندا هئا. اهو دستور اڄ به عام آهي. هرهڪ چنڊ تي ۽ ٻين وڏن ڏينهن تي ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي مکيءَ کي پيرين پوڻ ويندا آهن. هيءُ نهايت قديم زماني جو رواج آهي، جو اڄ تائين هلندو پيو اچي.
ڳوٺاڻن جي جان ۽ مال جي سلامتيءَ ۽ عزت جي بچاءَ لاءِ گرام مني جوابدار هوندو هو. انهيءَ سبب هرهڪ گهر جو ڀاتي کيس وقت سر هر ڪنهن قسم جي مدد ڏيڻ لاءِ ٻڌل هوندو هو. مثلاً ڪنهن جو مال چور ڪاهي ويندا هئا ته گرام منيءَ جي هڪ ڪرڻ تي سڀ ڳوٺاڻا مڙي ايندا هئا ۽ چورن سان وڙهڻ ۽ مال ڇڏائي اچڻ ۾ کيس مدد ڪندا هئا. اهڙن وقتن تي برجستيون زالون به مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي بيهنديون هيون. اهڙيءَ طرح ضرورت مهل سڀ ڳوٺاڻا، زالين مڙسين، گڏجي پنهنجيءَ جان ۽ مال ۽ زالن جي عزت جو بچاءُ ڪندا هئا.
سنڌ جي جن شهرن ۽ ڳوٺن کي درياهه ۽ واهه ويجها آهن، تن جا رهاڪو پنهنجن ٻارن کي ننڍڙي هوندي ئي ترڻ سيکاريندا آهن، ته متان ڪنهن مهل ٻار ٻڏي پون. مهاڻن جا ٻار ته لڌڙن وانگر پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳندا آهن. آڳاٽا آريه لوڪ رهندا ئي سنڌو نديءَ ۽ ٻين ندين جي ڪنارن تي هئا، تنهنڪري ننڍڙي هوندي ئي ترڻ جو هنر سکڻ سندن لاءِ ضروري هو. بعضي چور چوريءَ جو مال ڪاهي درياهه اڪري پرينءَ ڀر هليا ويندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن تاروءَ کانسواءِ ٻيو ڪو چورن جي پٺيان پئي ڪين سگهندو. اهو به هڪ وڏو سبب هو، جنهنڪري هرڪو ترڻ سکندو هو. پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءَ لاءِ، چورن ۽ جهنگلي جانورن کي پريان ئي ڀڄائي ڪڍڻ لاءِ، تير اندازي سکڻ تي به هيڪاري گهڻو زور رکيائون، جنهن ۾ رفتي رفتي حيرت جهڙي ترقي ڪيائون. اڳاٽا رشي هٿيارن پنوهارن هلائڻ ۾ ڀڙ هوندا هئا، ۽ ٻين کي به اهو هنر پاڻ سيکاريندا هئا. چوپائي مال جي چوري عام هئڻ سبب گهوڙي سواري سکڻ جي به ضرورت ٿين، ته چورن ۽ ڌاڙيلن جي پٺيان جهٽ پٽ ڊوڙي سگهجي. اهي سڀ ڳالهيون پوءِ به سنڌ ۾ ايتري قدر عام هيون، جو چوڻي پيئي ته:
پـــڙهڻ، تــــرڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري،
ننڍي هوندي جو نه سکي، وڏي خواري.
راڄوڻي فيصلا: ماڻهو اول چوپايو مال ڌاريندا هئا ۽ پوءِ کيتي ڪرڻ لڳا، ۽ ڪيترن هنرن ۽ ڪاريگرن کي زور وٺايائون، ته ڌنڌن ڌاڙين هلڻ ۽ ٻي ڏيتي ليتي ٿيڻ ڪري وري ٻين قسمن جا معاملا پيدا ٿيڻ لڳا. انهن معاملن نبيرڻ لاءِ هڪ نهايت عمدي ۽ سولي سهنجي واٽ ڪڍيائون.
رگ ويد واري زماني ۾ ديواني دعوائون ۽ ٻيا معاملا اڪثر گرام مني يعني گام جو مکي نبيريندو هو. پنجن ڄڻن سان پهي، جيڪو فيصلو ڪندو هو، سو قطعي فيصلو ليکبو هو ٻئي تڪراري ڌريون انهيءَ فيصلي قبولڻ لاءِ ٻڌل هونديون هيون. انهن پنجن ڄڻن جي ميڙ تي نالو ئي پيو ”پنچات“ (پنج + آت (As for extending as five جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ”اهو ميڙ جنهن ۾ فيصلي ڪندڙن جو تعداد وڌي پنجن تائين ٿئي“. پنجن وٽ ڪو معاملو ويو، ته ڄڻ حقدارن کي حق ملي چڪو! فيصلو اهڙو ڪندا هئا، جهڙو منڊيءَ تي ٽڪ! بي ريا وري اهڙا هوندا هئا جو جيڪڏهن پنهنجي پٽ يا سڳي ڀاءُ بابت سمجهندا هئا ته ڏوهي آهي، ته سزا ڏيندي دير ڪين ڪندا هئس! مطلب ته ڪنهن به لڪي ڇپيءَ ۽ ريب رياءَ کانسواءِ راڄوڻي فيصلا ڪندا هئا. اهو رگ ويد جي زماني وارو دستور پوءِ به هلندو آيو، جنهنڪري يوناني تاريخ نويسن، بلڪ پوءِ جي مسلمان تاريخ نويسن به مکين ۽ پنچن جي عدل ۽ انصاف جون ساکون ڪيون آهن. ”آئينه اڪبريءَ“ ۾ ڏسو ته ابو الفضل به پنهنجي وقت جي هندن جي تمام گهڻي ساک ڪئي آهي. مکيءَ ۽ پنچن جي فيصلي ۾ ماڻهن جو ايتري قدر ويساهه هوندو هو، جو اڄ تائين چوڻي آهي ته ”پنچن ۾ پرميشر“. هي سڀ ڳالهيون ڄاڻائين ٿيون ته مکين ۽ پنچن ۾ سچائي هوندي هئي ۽ ڌڻيءَ جو خوف ڌاري راڄوڻي فيصلا ڪندا هئا. جنهنڪري ماڻهو کين پرميشر جو روپ ڪري ڄاڻڻدا هئا. هن وقت جيڪي پنج پنچاتن ۾ وڃي، رڳو ڦڏا وجهن ٿا ۽ اونڌا اُچار ڪن ٿا، تن کي هن منجهان سبق سکڻ گهرجي. *
* "Zimmer has derived the word 'gram', village originally from the sense 'horde' as describing the armed force of the tribe which in war fought," Cambridge history of India, Vol. I. p. 90.
* The Hindus are religious, affable, cheerful, lovers of Justice, given to retirement, able in business, admirers of truth, grateful and of unbounded fidelity; and their soldiers know not what it is to fly from the field of battle." Samuel Johnson: India, p. 294.
آڳاٽن آرين جا ويجها سؤٽ ايران وارا آريه لوڪ هئا، تن وٽ به اهوئي ساڳيو دستور هوندو هو. بلوچستان جا ڪيترا ماڻهو جيتوڻيڪ اڪثر اڻ پڙهيل اهن ته به اڄ تائين رگ ويد واري زماني جي هندن وانگر راڄوڻي فيصلا ڪن ٿا. فيصلي لاءِ ”جرگو“ يعني چئن چڱن جو ميڙ (Council of Elders) ڪٺو ٿيندو آهي، جو تڪراري ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي، حق جو فيصلو ڪندو آهي. راڄوڻي فيصلا ٿيڻ ئي اهڙيءَ بي ريائيءَ سان گهرجن.
رگ ويد مان ائين به سمجهجي ٿو ته ڪي ماڻهو مکيءَ ۽ پنچن تائين به دانهين ڪونه ويندا هئا. معاملي کي منڍ ۾ ئي روڪڻ لاءِ ڪو چڱو مڙس وچ ۾ پئي معاملو نبيريندو هو. منڊل ڏهين 97، 12 ۾ ”مڌيماشي“ (Madhyama-si) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”وچ ۾ پوندڙ“ يعني امين، جو وچ ۾ پئي معاملو نبيري. اڄ به اسان جا ڪيترا ماڻهو انهيءَ خيال جا آهن ته ڪس ڀلي سهجي، پر ڪورٽن ۾ گهڙڻ نه گهرجي. آڳاٽن ماڻهن جا به اهڙا ئي خيال هوندا هئا، تنهنڪري پنچاتن تائين به وس پڄندي دانهين ٿي ڪونه ويندا هئا. پر رگ ويد واري اوائلي زماني ۾ رڳو پڳو ديواني معاملا ڪونه هوندا هئا. ٻنين ۽ چراگاهن جي حدن تان، ۽ واهن ۽ ڪڙين جي پاڻيءَ، ۽ ٻين اهڙين ڳالهين تان وقتي هڪ گام وارن جو ٻئي گام وارن سان وڏو تڪرار ٿيندو هو. رگ ويد جي منڊل ڇهين (25، 4) ۾ مخالف ڌرين ۽ هڪ ڪونڌر جو ٻئي ڪونڌر کي ڪهڻ جو ذڪر آهي. ڀانئجي ٿو ته اهڙن فوجداري ڏوهن کي روڪڻ ۽ خونريزيءَ کي ٽارڻ لاءِ ۽ ڀروارن ڳوٺاڻن سان صلاح سانت ۾ رهڻ ۽ ساڻن ڀائپي وڌائڻ لاءِ، پوءِ هڪ نئون نمونو اختيار ڪيائون، ۽ اهو ترقيءَ جي راهه ۾ هيڪاري عمدو قدم کنيائون.*
پرڳڻن جون پنچاتون: آڳاٽن لوڪن پوءِ پنهنجي پنچات جو دائرو هيڪاري وڌائي، پرڳڻن جون پنچاتون ٺاهيون. اهڙين پنچاتين جا مثال اڄ به پنجاب، سنڌ ۽ ٻين ڪيترن هنڌ آهن. پنجاب جي روهتڪ ضلعي ۾ چوراسي ڳوٺن جي هڪ يڪي پنچات آهي، جنهن کي ”چوراسي کيرا“ سڏين ٿا. سنڌ ۾ رڳو وچولي ڏي نظر ڪريو ته اتي ساهتي پرڳڻي جي پنچات اڄ تائين آهي، جنهن ۾ نوشهرو فيروز، پڊ عيدن، ڀريا، ٺارو شاهه، ٺٽ، مٺياڻي، چنيجا ۽ پرڻ (تعلقو مورو) ۽ ٻيا ڪيترا هنڌ اچي وڃن ٿا. انهن سڀني هنڌن جي هڪڙي ئي پنچاتي ايندي آهي، جنهن تي سڀ هلڻ لاءِ ٻڌل اهن. دَلَ پنچات جو ميڙ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ڪٺو ٿيندو آهي، ۽ هرهڪ ڳوٺ مان ٿورا ٿورا عيوضي ان ۾ وڃي حاضر ٿيندا اهن. هيءُ ويدن واري زماني جورواج آهي، جو اڄ تائين هلندو پيو اچي.
(Local Governments). مڪاني سرڪاريون
قديم زماني جون پنچاتيون مڪاني سرڪاريون هونديون هيون، جن جو ويدن ۾ ٿورو، پر مهاڀارت ۾ گهڻو ذڪر آهي. ڪن هنڌ ڏهن، ڪن هنڌ ويهن، ته ڪن هنڌ هڪ سؤ بلڪ هڪ هزار ڳوٺن جي گڏيل پنچات هوندي هئي! هن وقت جي پنچاتين کي ڪابها ختياري ڪانهي. ڪو پنچاتي بنديءَ تي نٿو هلي، يا ٻيءَ طرح ڪا پنچاتي ڳالهه نٿو مڃي، ته پنچ رڳو پنهنجو اخلاقي زور مٿس هلائين ٿا؛ پر اڳي مُکين کي وڏيون اختياريون هونديون هيون. مئترياڻي سنهتا (يجر ويد) ۾ ”شتپتي“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سؤ جو ڌڻي“ يعني هڪ سؤ ڳوٺن جو مُکي يا حاڪم، کيس انهن سڀني ڳوٺن جي فوجداري، ديواني ۽ ٻين عام ملڪي ڳالهين بنسبت اختياريون هونديون هيون. هن وقت به جيڪڏهن گهٽين ۽ برادرين جون پنچاتيون، دل پنچات سان ۽ ڳوٺن جون پنچاتيون شهرن جي پنچاتين سان گڏي، ملي ڪم ڪجي ۽ هلچل هلائي پنچاتين کي ڪي اختياريون وٺي ڏجن، ته سڄي ديس جو تمام گهڻي قدر ڀلو ڪري سگهجي.*
راڄنيتي جوڙجڪ (Political Organization). ويدن ۽ اتهاسن ۾ ڄاڻايل هن قسم جي حقيقتن مان آڳاٽن آرين جي راڄنيتي جوڙجڪ ڀليءَ ڀت سمجهي سگهجي ٿي. راڄنيتي جوڙجڪ جو مرڪز گهر هو، جنهن ۾ هڪڙي ئي آڪهه جا ڀاتي گڏ رهندا هئا، ۽ آڪهه جو پريو مڙس سڄي گهر جو حاڪم هوندو هو. گهر ۾ گويا پيءَ هو راجا، ماءُ هئي راڻي ۽ بار ٻچا سندين رعيت هئا. گهڻن آڪهين جو مير، جو ساڳي ڏاڏي جو اولاد هوندو هو، سو ”ڪل“ يا خاندان سڏبو هو. هرهڪ ڪل جو پريو مڙس ”ڪلپا“ يعني ڪل جو سنڀاليندڙ سڏبو هو. ”ڪل“ کي ڪٽنب“ به چئبو آهي، جنهن جو اُچار ڦري ”ڪڙم“ ٿيو آهي. سڀني ڪڙمين کي به گڏي ”ڪڙم“ چئبو آهي. اڳي گهڻو ڪري سڀ ڪڙمي هئي. تنهنڪري ”ڪڙم“ لفظ انهن ٻنهي معنائن سان اڄ تائين ڪم پيو اچي.
ڪل يا ڪٽنب کي ”پرور“ به چئبو آهي. گهڻن پرورن جو ميڙ ”نک“ ۽ گهڻن نکن جو ميڙ ”گوتر“ ڪوٺبو هو. هر هڪ گوتر جو وڏو ”گوتر پتي“ سڏبو هو. اهو گويا سندن وڏو ڏاڏو هو ۽ سندن حاڪم به اهو هو. گهڻن گوترن جي ميڙ کي ”ڳوٺ“، ۽ گهڻن ڳوٺن جي ميڙ کي ”گرام“ (گام- گانءُ) چوندا هئا. هر هڪ گرام جو مکي ”گرام مني“ سڏبو هو، جو ڳوٺاڻن جي جان، مال ۽ عزت جي بچاءَ لاءِ جوابدار هوندو هو، ۽ سندن ديواني توڙي فوجداري معاملا به نبيريندو هو. جيڪو گرام هڪ سؤ ڳوٺن جي مٿان هوندو هو، سو ”شتپتي“ يعني ”سو جو ڌڻي“ (هڪ سو ڳوٺن جو مالڪ) سڏبو هو. گهڻن گرامن جو ميڙ، جنهن ۾ هڪ هزار بلڪ وڌيڪ ڳوٺ هوندا هئا، سو ”وس“ (Canton or District) سڏبو هو. خود اُتي جا رهاڪو به ”وس "Visah (Commoners) ڪوٺبا هئا، جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ”واسو يا بيٺڪ ڪندڙ بيٺڪي“. ”وس“ ۾ سڀ آبادگار، ڪاسبي ۽ واپاري اچي ٿي ويا، جنهنڪري ”وس“ جي معنيٰ ٿي ”عام خلق“. انهيءَ ساڳئي ”وس“ لفظ مان پوءِ ”وئش“ لفط ٺهيو؛ ۽ اڄ تائين آبادگار، ڪاسبي ۽ واپاري وئش جي دفعي ۾ ليکجن ٿا. گهڻن وسن جي ميڙ کي ”جن“ يعني نيات يا قوم (Tribe) چوندا هئا، ۽ هرهڪ جن جو پنهنجو پنهنجو راجا هوندو هو ۽ اهي جن سندن رعيتي راڄ هوندا هئا. مطلب ته جيئن هن وقت سنڌ ۾ خيرپور رياست آهي، ۽ ان جو والي مير صاحب آهي، تيئن رگ ويد واري زماني ۾ به ڏيهي رياستون هونديون هيون، ۽ هرهڪ رياست جو والي يا حاڪم پنهنجو پنهنجو هوندو هو. راڄنيتي جوڙ جڪ جو اهو ئي ساڳيو نمونو، ايران، اٽلي، گريس (يونان)، رشيا (روس) ۽ جرمنيءَ ۾ هوندو هو. *
راجائيءَ جو بيناد: رگ ويد جي منڊل پهرئين (سوڪت 36 منتر 10) موجب منشن (ماڻهن) جو پهريون راجا منو ڀڳوان هو، پر راجا مقرر ڪرڻ جو رواج ڪيئن پيو، سو احوال ان ۾ ڪونهي. مهاڀارت مان معلوم ٿئي ٿو ته پانڊون ۽ ڪورون جو وڏو ڪاڪو ڀيشم پتامهه جڏهن جڌ جي ميدان ۾ تيرن جي سيجا تي سمهيو پيو هو، تڏهن پاندون جي وڏي ڀاءُ راجا يڌشٽر کي گهڻين ئي ڳالهين بابت اُپديش ڪيو هئائين. راجا ڌرم بابت اپديش ڪندي کيس راجائيءَ جو بنياد به ٻڌايائين. اهو مختصر طرح هتي ڄاڻائجي ٿو، جو انهيءَ مان هاڻوڪن ٻين رواجن جو بيناد به سمجهي سگهجي ٿو.
پراچين سمي ۾ پرٿويءَ تي نڪا هئي سرڪار نڪو هو راجا. ماڻهو پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪندا هئا. ڪجهه وقت کانپوءِ ڏٺائون ته پنهنجو بچاءُ پاڻيهي ڪرڻ ڏکيو آهي – ڪي پرائي مال جا تاڪائو هئا، ته ڪن جو پاڻ تي ضابطو ڪونه هو، جنهنڪري ماڻهو هڪٻئي جو چڪين ماس پيا ڇنندا هئا. ان وقت ڪن سياڻن ۽ سدا چارين پاڻ ۾ گڏجي اهو پرڻ ڪيو ته جيڪي ڪرڙيءَ زبان وارا، طبع جا شوخ، زناڪار ۽ عياشي آهن ۽ جن لي چوري ڪرڻ ۽ پرائي حق غضب ڪرڻ جي عادت آهي، تن کي پنهنجيءَ نيات مان ڪڍي ڇڏبو. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ”ٿالهؤن لاهڻ“ يا ڪوفي مان ڪڍي ڇڏڻ جو رواج نهايت قديم زماني جو آهي. اهڙي پرڻ ڪرڻ کانپوءِ ماڻهن جو هڪٻئي ۾ ويساهه ڄائو، ته ڪجهه وقت سک سانت ۾ گذاريائون، پر پوءِ يقين ڄاتائون ته ڪنهن راجا مقرر ڪرڻ کان سواءِ پوري پوڻ جي واهه ڪانهي، جو ڌرم ۽ اڌرم جو سنڌو سيڙهو ماڻهو رکن ئي ڪونه ٿا، ۽ ايشور کان به وڃن ٿا بي مک ٿيندا. هنن پوءِ دلگير ٿي شرٽي4 جي اپائيندر (برهما) کي آراڌنا ڪئي ته ”راجا کان سواءِ اسين ناس ٿي وينداسين، تنهنڪري اسان لاءِ ڪو راجا مقرر ڪريو. هو اسان جو بچاءُ ڪندو ته اسين کيس پنهنجو پُوج ڪري ليکينداسين“. هنن جي اها آراڌنا ٻڌي برهما پوءِ منو ڀڳوان کي چيو ته جيون جي رکيا ڪرڻ لاءِ توهين سندن راجا ٿيون. هن چيو ته ”حڪومت ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ست ۽ ڌرم جي راهه تي هلائڻ سٿرو ڪم ڪونهي“. انهيءَ تي ماڻهن منوءَ ڀڳوان کي چيو ته ”توهين ڪوبه خيال نه ڪريو. توهان کي ڪوبه پاپ ڇهي ڪين سگهندو. شاهي خزاني کي ڀرپور ڪرڻ لاءِ اسين ان جي پيدائش جي ڏهين پتي ۽ پنهنجي سون جي پنجاهين پتي ڏينداسون، ۽ گايون، مينهون ۽ ٻيو چوپايو مال به ڏينداسون. اسان مان جيڪي هٿيار پنوهار هلائي ڄاڻن، ۽ سواري ڪري ڄاڻن، سي توهان جي پٺيان ائين هلندا، جيئن ٻيا ديوتائون راجا اندر جي پٺيان هلن ٿا. ائين اوهين ڪٻير ديوتا (ڀڳوان جي خزانچيءَ) کان به وڌيڪ زور ٿيندا ۽ سولائيءَ سان اسان جو بچاءُ ڪري سگهندا. توهان جي اَجهي هيٺ رهي، ڀڳوان جي ڀڳتي ڪنداسين ۽ انهيءَ مان جيڪو اسان کي آتمڪ لاڀ (روحاني فائدو) ٿيندو، تنهن جي به چوٿين پتيءَ تي توهان جو حق ٿيندو. اي سوامي، اندر ديوتا وانگر توهين اسان جو بچاءُ ڪريو، ۽ ٻهڪندڙ سج وانگر ٻاهر نڪري، اسان جن شترن (دشمنن) کي جيتيو. توهين اسان جن شترن کي جيتي سندن ڪنڌ هيٺ ڪريو، ته سدائين ڌرم اسان جي رکيا ڪندو رهي“. منو ڀڳوان پوءِ جيون جي رکيا ڪرڻ لاءِ وڏي شان شوڪت ۽ دٻدٻي سان پنهنجي قلعي مان نڪتو ۽ بيشمار ماڻهو هٿيار پنهوار ٻڌي، سندس پٺيان هليا، (مهاڀارت شانتي پرو، 67).
مٿئين مضمون مان ظاهر آهي ته نهايت قديم زماني ۾ ئي ماڻهن محسوس ڪيو ته پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءِ لاءِ ۽ امن امان ۾ رهي، سکي جيوت گهارڻ لاءِ، ڪنهن سوروير کي پنهنجو راجا مقرر ڪجي ۽ پنهنجيءَ پيدائش مان کيس حصو ڏجي، ته رعيت لاءِ سکن سهنجن ڪرڻ ۾ سولائي ٿئيس. سرڪاري ڍلن ڏيڻ جو رواج ائين پيو، جي ماڻهن پنهنجي سک لاءِ پاڻ تي پاڻهي ٻڌيون. جنگي کاتي جوڙڻ، ۽ لشڪر ۾ ڀرتي ڪرڻ جو رواج به ماڻهن پنهنجيءَ خوشيءَ سان وڌو، ته ديس جو بچاءُ ڪرڻ سولو ٿئي. هن ريت رعيتي ماڻهو راجا سان هر طرح ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا ٿي، تنهگن ۾ مکيه ڳالهه هي4 هئي ته راجا سندين مڃتا سان مقرر ٿي ٿيو. ماڻهن کي دل گهريو راجا ملندو ته منجهن راڄ ڀڳتيءَ (Loyalty)جو انگ پاڻمرادو پيدا ٿيندو. اڄ به چئون ته ”جنهن جي ويلا تنهن جي رکيا“ يعني جنهن جي صاحبي هجي،تنهن جو سدائين خبر گهرجي. ٻين قومن جي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو تهاهي به نهاي راڄ ڀڳت هونديون هيون ۽ حاڪمن جي فيصلي موجب هلڻ تي پاڻ کي ٻڌل سمجهنديون هون. حضرت عيسيٰ کي صليب تي چاڙهڻ جو حڪم ٿيو، ته ڪا هوڏ يا تڪرار نه ڪيائين؛ پر ايشور جو ڀاڻو مٺو سمجهي ماٺ ميٺ ۾ پنهنجو سر ڏنائين. منصور به مرڪندي سوريءَ تي سوار ٿيو. مسلمانن جي قرآن شريف ۾ به راجائي حڪم مڃڻ جي هدايت ۽ راڄ ڀڳتيءَ جو تاڪيد ٿيل آهي.
راجا جا فرض ۽ سنديس خود مختياريءَ ۾ اٽڪون: ويدن واري زماني ۾ ماڻهن ۾ لوڪشاهي (Domocracy) جو انگ ججهو هوندو هو. پنهنجي لاءِ راجا پاڻ مقرر ڪندا هئا. هو ائين ڄاڻندا هئا ته ملڪ اسان جو آهي، راجا کي اسان پنهنجي خوشيءَ سان پنهنجي بچاءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي، تنهنڪري کيس پنهنجا فرض ادا ڪرڻا آهن، ۽ انهيءَ فرض ادائيءَ ۾ کيس پئسي ۽ ماڻهن جي مدد ڏيڻي آهي. انهيءَ سبب هو پاڻ کي اڃا ”رعيت ڪري ڪونه سمجهندا هئا. کين هٿيارن پنهوارن رکڻ کان ڪابه روڪ ڪانه هوندي هئي، تنهنڪري جنهن وقت ڏسندا هئا ته راجا ڳريون ڍليون وجهي، ماڻهن کي پيڙي ٿو، تنهن وقت ساڻس جنگ جوٽڻ لاءِ تيار ٿي بيهندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن به راجا کي جريت ڪانه ٿي ٿي، جو خودمختيار ٿي، جيئن وڻيس تيئن هلي. ٻي ڳالهه ته راجا جي ڪنهن ويجهي عزيز کي راڄ گاديءَ هٿ ڪرڻ جي نيت هوندي هئي، ته رعيتي ماڻهن کي چٽون چوٽون ٻڌي ۽ کين وڌيڪ سکي رکڻ جا دم دلاسا ڏيئي، پنهنجي پاسي ڪري سگهندو هو؛ جنهنڪري راجا پنهنجن اهڙن دشمنن کي ڌڪ هڻندو هو. ٽين ڳالهه ته جيئنهن وقت سنڌ ۾ ”ڪي چور“ آهن، تيئن رگ ويد واري زماني ۾ به ڪي هنن چورن جهڙا هوندا هئا. اڻ آريه لوڪن مان ڪيترا جبلن ۽ سرحدن واري پاسن کان لڏي، آرين جي ڏيهي رياستن ۾ اچي رهيا هئا. اهي وجهه وٺي آرين جو چوپايو مال ڪاهي ويندا هئا، جنهنڪري اهي ”اسر“ ۽ ”دئت“ سڏيا ويا آهن. اهي وقت بوقت وڏو آزار مچائيندا هئا، تنهنڪري ئي راجائن مقرر ڪرڻ جي ضرورت ٿي هئي. اهي جڏهن پاڻمرادو يا ڪنهن جي ڇيڙڻ تي صلع ۾ وڳوڙ وجهندا هئا، تڏهن راجا جي دشمنن کي به ائين چوڻ جو وجهه ملندو هو ته راجا کي راجائي هلائڻ نٿي اچي. انهن سڀني سببن ڪري خود راجا جي جهوٻي وهڻي هوندي هئي. کيس سڀني پارين خيال ڪرڻو پوندو هو، ۽ آپيشاهي نمونو(Autocracy) هلي ڪين سگهندو هو. اهي گويا سندس مطلق خود مختيار ٿي رهڻ ۾ رنڊڪون يا اتڪون هيون، تنهنڪري هر طرح رعيت جي دل وٺڻي پوندي هيس. انهيءَ هوندي به ايترو ڏکو رکندو هو، جو هر ڪو پيو ڪنبندو هو، ته متان راجا مون تي ڪپ ٿئي، (اٿرو ويد منڊل ڇهون، 4). راجا کي اهو ڏکو ضرور وهارڻو آهي ته رعيتي ماڻهو سمجهن، ته ڪوبه لچ لمپٽ اسان جي وار جو به نالو وٺي ڪين سگهندو، ۽ جيڪڏهن ڪو بي قاعدي هلت ڪندو ته جهٽ سزا ڏياري سگهبس. اهڙو آٿت جڏهن ماڻهن جي دلين کي هوندو، تڏهن هو ڪنهن به ڊپ ڊاءُ بنا اويل سويل ٻاهر نڪري سگهندا، ۽ نرسني پنهنجن ڌنڌن ڌاڙين ڏي ڌيان ڏيندا جنهنڪري هنرن ۽ ڪاريگرن جو واڌارو ٿيندو ۽ ملڪ سائو ٿيندو.
براهمڻن جو زور: راجائون پنهنجو راڄ، ڌرم ۽ راجائي فرض پوريءَ ريت پالين، تنهن لاءِ ويدن واري زماني ۾ ئي ماڻهن ضروري سمجهيو ته راجڪمارن کي ننڍڙي ئي راڄ، ڌرم ۽ راڄنيتيءَ جون ڳالهيون سيکارجن، ته وڏي هوندي حڪومت جو چرخو چڱيءَ ريت هلائي سگهن. ان وقت براهمڻ ۽ رشي، ڌرم ۽ نيتيءَ جي اعدن جا پورا پورا ڄائو هئا، ۽ اهي ئي راجڪمارن جا وديا گرو ٿيا. خود راجائن کي براهمڻ ۽ رشين کانسواءِ ڪينسرندي هئي. هر ڪنهن هنڌ راجا جي لاءِ ضروري هو ته پهريائين پنهنجي لاءِ ڪو پروهت مقرر ڪري، ۽ پوءِ پنهنجي تاجپوشيءَ جو بندوبست ڪري، (مهاڀارت، شانتي پرو، 3 ۽ 29). راڄ جي سلامتي ۽ واڌاري جو مدار راجا تي آهي؛ پر خود راجا جي اُنتيءَ جو مدار سندس پروهت تي آهي. (شانتي پرو 74، 1-2). عام طرح ماڻهو ائين وسهندا هئا ته براهمڻن ۾ اهڙو ڪو ٻل آهي، جو اُهي جڏهن پوريءَ وڌيءَ سان ويدن جا منتر اُچارين ٿا، تڏهن هرڪو يگيه سڦلو ٿئي ٿو، ۽ ديوتائون ماڻهن جي من جون مرادون پڄائين ٿا. ائين به وسهندا هئا ته يگين ۽ پوڄائن ڪر5ڻ کان سواءِ گت ٿيڻي ڪانهي، تنهنڪري عام ماڻهن کي، توڙي راجائن کي ڪو وڏو يگيه ڪرڻو هوندو هو ته سدائين براهمڻن ۽ رشين کان ڪرائيندا هئا. يگين ۽ پوڄائن مهل براهمڻن ۽ رشين کي راجائون به پيرين پوندا هئا، ۽ سندن چرن ڌئندا هئا، جا تابعداريءَ جي نشاني آهي. عام خلق به براهمڻن ۽ رشين جي اڳيان سر جهڪائيندي هئي، ۽ راجا خود عام خلق جي مدد جو محتاج هوندو هو. اهڙيءَ حالت ۾ براهمڻن ۽ رشي راجائن کان به وڌيڪ زور هوندا هئا، سو به ايتري قدر هرهڪ ڏيهي رياست جو راجا ”وسپتي“ يعني ”وس“ يا عام خلق جو راجا سڏبو هو، ۽ نه ”برهمڻپتي“، براهمڻ گويا پنهنجا حاڪم پاڻ هوندا هئا. هيڏي مان مرتبي ۽ ججهيءَ هلنديءَ هوندي به براهمڻن اڪثر راجا ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جو ڄاتائون ٿي ته وزيري جي عهدي تي رهي؛ راجا کي ڌرم ۽ نيتيءَ جي پٽاندر هلائبو، ته انهيءَ ريت ديس جي شيوا وڌيڪ چڱيءَ ريت ڪري سگهبي. براهمڻن پنهنجي ڪا ڌار ڪليسا يا چرچ (Church) به ڪانه ٺاهي، جيئن قديم زماني ۾ يورپ ۾ رواج هو. يورپ ۾ اڳي هڪڙو ئي ڪئٿولڪ ڌرم هوندو هو، ۽ پاپا (Pope) ”ڌرم رکپال“ (Defender of Faith) سڏبو هو. ويدڪ زماني ۾ توڙي ان کانپوءِ ڪنهن به براهمڻ يا رشيءَ کي اهڙو لقب مليل ڪونه هو، ته به سڀ ماڻهو کين ڌرم جو رکپال سمجهندا هئا. خود راجائون به سندن ٺهرايل قاعدن پٽاندر هلڻ لاءِ ٻڌل هوندا هئا. اڄ به سندن ئي جوڙيل قاعدن ۽ سندن ئي وڌل رواجن پٽاندر ڪورٽن ۾ هندن جي معاملن جو نبيرو ٿئي ٿو. سڀ ڪورٽون انهيءَ قديم ”هندو لا“ (Hindu Law) تي هلڻ لاءِ ٻڌل آهن، ۽ جيڪو به فيصلو انهن قاعدن پٽاندر نٿو ٿئي، سو رد ۽ باطل سمجهيو وڃي ٿو.
براهمڻن ۽ رشين جو مان مرتبو جيتوڻيڪ يورپ جي پوپن (Popes) جهڙو هوندو هو، ته به ٻنهي جي هلت ۾ وڏو ڦير هوندو هو. يورپ جا پوپ شاهاڻو شان شوڪت رکندا هئا، ۽ وڏي تزڪ ۽ تومان سان ديول (چرچ) ۾ ايندا هئا. سنڌو ماٿر جي باهمڻن جي هلت ئي نرالي هوندي هئي. هو ننڍڙي هوندي ئي مٿو ڪوڙائي، جڻيو پائي، پنهنجي گروءَ وٽ وديا پرائڻ ويندا هئا، ۽ اُهو سڀ وقت ڌنڌو ڪري يا پِنَ ڪري پاڻ به کائيندا هئا، ۽ گروءَ کي به کارائيندا هئا. جڏهن هر طرح جي وديا پرائي پر پڪ ٿيندا هئا، تڏهن ٻين کي وديا سيکارڻ، يگين ۽ پوڄائن ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کڻندا هئا. بگين ۽ پوڄائن ڪرڻ مهل به ڪنهن مسند تي چڙهي ڪونه وهندا هئا؛ پر چؤنڪو پائي پٽ ۾وهندا هئا. مطلب ته ٺاٺ يا آڊمبر وٽن ڪونه هوندو هو. نهٺائي ۽ نماڻائيءَ سان ڌرمج ڪرم تي پوريءَ ريت هلي، پاڻ کي ايتري قدر لائق ڪندا هئا؛ جو راجائون کين پيرين پئي سندين آسيس گهرندا هئا. خود رگ ويد ۾ چيل آهي ته ”جيڪو راجا براهمڻن سان ڀال ڀلائي ٿو، تنهن تي ديوتائون پرسن ٿي سندس رکيا ڪن ٿيون“، (منڊل چوٿون، سوُڪت 5، 8-9). انهيءَ هوندي به براهمڻن ۽ راجائن جي وچ ۾ وقتي تڪرار ٿيندا هئا، جيئن يورپ ۾ بادشاهن ۽ پوپن جي وچ ۾ ٿيندا هئا. مثلاً انگلنڊ جي بادشاهه هينري اٺين جي مرضي ٿي ته پنهنجي راڻي ڪئٿرين کي ڪڍي، اِئن بلين سان پرڻجان. ان لاءِ پوپ کان موڪل گهريائين ته هن جيئريءَ تي جيئري پرڻجڻ جي موڪل نه ڏنس. انهيءَ تان بادشاهه کي اهڙي باهه لڳي، جو پوپ کان ڪليسا (Church) جون سڀ اختياريون کسي ورتائين، ۽ آئيندي لاءِ ڌرم جو رکپال پاڻ ٿيو. سنڌو ماٿر ۾ براهمڻن ۽ کٿرين (راجائن ۽ ٻين کترين) جي وچ ۾ تڪرار اڪثر ٽن ڳالهين تان ٿيندا هئا:
(1) براهمڻن ۾ سؤمان (Self Respect) جو انگ بلڪل گهڻو هوندو هو، تنهنڪري جڏهن ڪو راجا ڪنهن براهمڻ جو اَپمان ڪندو هو، يا چڙ منجهان کيس ڪلو ايذاءُ رسائيندو هو، يا ڪهي وجهندو هو، تڏهن براهمڻ کيس سامهون ٿيندا هئا، ۽ وڏو تڪرار مچندو هو.
(2) جڏهن ڪو راجا براهمڻن کي ريٽي، يگين ۽ پوڄائن ڪرڻ جو پاڻ کي حقدار سمجهندو هو. تڏهن براهمڻ اعتراض اُٿاريندا هئا، جو سمجهندا هئا ته راجا اسان جن ڪمن ۽ حقن ۾ دست اندازي ڪري ٿو، پر اهڙا تڪرار گهڻو پوءِ ٿيڻ لڳا.
(3) جيڪڏهن ڪوبه کٿري، راجائن ۽ ٻين کي يگيه ڪرائيندو هو، ته انهيءَ تان به براهمڻن جو انهيءَ کتريءَ سان تڪرر ٿيندو هو. مثلاً وشوامتر کتري ٿي راجا سوداس کلي يگيه ٿي ڪرايو، ته وشٽ منيءَ سخت اعتراض اٿاريو هو.
راجائن ۽ براهمڻن جي وچ ۾ تڪرار ٿيڻ لاءِ پهريان ٻه مکيه سبب هوندا هئا، تن مان پهريون سبب وڌيڪ مکيه هوندو هو، جو ڪوبه براهمڻ پنهنجو اَپمان سهي ڪين سگهندو هو، جنهنڪري هر ڪنهن راجا کي چيتي هلڻو پوندو هو. *
رگ ويد واري زماني ۾ براهمڻ رشي هيترو زور هوندا هئا، ته به وس پڄندي انهيءَ ڳالهه جو اڻ ٺهندو فائدو نه وٺندا هئا. عام خلق اڪثر سندين ڏوريءَ ۾ ٻڌل هوندي هئي، جنهنڪري ڪنهن راجا کي راڄگديءَ تي وهارڻ توڙي راڄگديءَ تان لاهڻ سندن وس جي ڳالهه هوندي هئي، ته به وس پڄندي نه ڪڏهن پاڻ راجا ٿيڻ جي ڪوشس ڪندا هئا، نه ڪنهن راجا کي تخت ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪندا هئا. هنن ڄاتو ٿي ته روز روز راجا پيو بدلائبو ته انهيءَ ۾ خود ديس لاءِ چڱائي ڪانه ٿيندي. انهيءَ سبب ساز سلوڪ ۾ رهڻ جي ضرورت محسوس ڪيائون، جنهن ڳالهه جو مهاڀارت جي شانتي پرو ۾ ججهو ذڪر ٿيل آهي. راجا کي متان ڪي دشمن ٿڏڻ جي ڪوشش ڪن، ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ٿئي، تن ڳالهين کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ به جوڳا قدم کنيائون، جنهن جو ذڪر ڪجي ٿو.
راجائن جي چونڊ: سنڌو ماٿر ۾ ڪنهن به هنڌ لاءِ ڪو راجا مقرر ڪرڻو هوندو هون، ته ٻين هنڌن جي راجائن کي نينڍ ڏيئي گهرائيندا هئا، اهو ڀر وارن راجائن سان ڀائپيءَ ڳنڍڻ جو رستو هو. ساڳئي وقت سندين قبوليت سان راجا مقرر ٿيڻ ڪري، ڪنهن جنگ فساد جو امڪان نه رهندو هو. جيڪو راجا مقرر ڪرڻو پوندو هون، تنهنجي عزيزن مان متان ڪو حسد ڪري ۽ راڄگدي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪي سٽون سٽي وڳوڙ پيدا ڪرائي، تنهنڪري ضروري ڄاتائون ته راجا جي چونڊ ڪرڻ ۾ خود سندس عزيزن جو به هٿ هئڻ گهرجي، ۽ اُهي پوءِ به سندس صلاحڪار ٿي رهن. راجا سندين صلاح سان ڪاروبار هلائيندو، ته پوءِ ڪنهن کي ويڪن ڪڍڻ جو وجهه ڪونه ملندو. اهو دستور اختيار ڪري، وير، وروڌ، حسد ۽ هُوس کي ڄڻ ته ٻنجو ڏيئي ڇڏيائون. هيءُ حقيقتون اٿرو ويد ۾ ڄاڻايل آهن. اٿرو ويد جي منڊل ٽئين (سُوڪت 4) ۾ راجا کي راڄگدي ملڻ جي يگيه ٿيڻ مهل هڪ رشي چوپيس ٿو ته: ”جدا جدا نياتين جا ماڻهو اوهان کي راجا ڪري چونڊيندا، توهان جا سجاتي (ذات وارا يا مٽ مائٽ) توهان کي ڪوٺ ڏيئي، توهان سان ملڻ لاءِ ايندا ۽ اوهان سان گڏ اگن ديوتا به اوهان جي اچڻ جي سڌ اڳواٽ ڏيڻ ايندو“. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته راجا جي چونڊ ڪرڻ ۾ جدا جدا نياتين جي ماڻهن، رشين، براهمڻن ۽ راجا جي عزيزن جو هٿ هوندو هو. اهي سڀيئي ”راجڪرتهه“ (King Makers) سڏيا ويا آهن. راجا جي چونڊ ٿيڻ مهل جدا جدا ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي گرام منيءَ کي پنهنجو عيوضي ڪري موڪليندا هئا، ۽ اهو عام خلق جي پاران رايو ظاهر ڪندو هو. راجا جي مقرريءَ ۾ ٻيو هٿ هوندو هو ”رٿڪارن“ جو يعني رٿن يا گاڏين جوڙيندڙن جو. جيئن هن وقت جپاني توڙي يوروپي لوڪ هوائي جهازن ۾ چڙهي جنگ ڪن ٿا، ۽ هوائي جهازن جوڙيندڙن کي ججهو مان ڏين ٿا، تيئن اڳي راجائون ۽ ٻيا جنگي عملدار رٿن تي چڙهي جنگ جي ميدان ۾ ويندا هئا، جنهنڪري رٿڪارن جو مان هوندو هو. اُهي به راجائن جي چونڊ ڪرڻ ۾ بهرو وٺندا هئا. راجائن جي چونڊ ڪرڻ ۾ ”سوُتن“ جو به هٿ هوندو هو. ”برهمڻي ماءُ“ ۽ ”کتري پيءُ“ مان پيدا ٿيل پٽ ”سوُت“ سڏبو هو. سُوت اڪثر ”سارٿي“ يعني رٿ هلائيندڙ هوندا هئا. اِهي رواجي گاڏيءَ وارا ڪين هوندا هئا، پر وڏا جنگي جوڌا ۽ تير اندازيءَ ۾ ڀڙ هوندا هئا. جنگ مهل جيڪو راجا يا جنگي عملدار رٿ ۾ چڙهي، رڻ ڀوميءَ (جنگ جي ميدان ۾ ويندو هو، سو سارٿيءَ جي پٺيان ويهي دشمنن کي ٻاڻ (تير) هڻندو هو. دشمنن جي طرفان جيڪي تير ايندا هئا، سي سڌو سارٿيءَ ڏي! پر هو اتڪل ڪري تير کان پاڻ بچائي وٺندو هو، ۽ ساڳئي وقت پاڻ سان گڏ چڙهيل سوار جو به بچاءُ ڪندو هو. مطلب ته جيڪو سوُت جبرو جنگي جوان ۽ لڙائيءَ جي فن ۾ ماهر هوندو هو، تنهن کي پنهنجو سارٿي ڪندا هئا. اِهو ئي سبب هو جو مهاڀارت واريءَ لڙائيءَ ۾ شري ڪرشن پنهنجي ڪرپا ڪري آرجن جي رٿ ٿي هڪليو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي آرجن جو بچاءُ ڪيائين ٿي. ويدن واري زماني ۾ راجا جي مقرريءَ مهل اِهي سُوت جنگي فوج جا عيوضي ٿي ايندا هئا. ائين نه رڳو رشين ۽ براهمڻن؛ پر جنگي کاتي ۽ عام خلق جي عيوضين جي مڃتا سان راجائون مقرر ٿيندا هئا، ۽ ماڻهو سچو پچو سو راج ماڻيندا هئا. هي ڳالهيون اٿرو ويد جي منڊل ٽئين، سوُڪت 5 ۾ لکيل آهي.
راجا جي تاجپوشي: رعيتي ماڻهو جيڪو راجا پنهنجي لاءِ چونڊيندا هئا، تنهن جي تاجپوشيءَ جو ذڪر رگ ويد جي منڊل ڏهين (سوُڪت 173)، ۽ اٿرو ويد جي منڊل ڇهين (87، 88) ۾ آهي. راجا کي راڄگديءَ تي ويهارڻ مهل هڪ رشي چوي ٿو ته ”اسان جي وچ ۾ اچو، ۽ پختا ٿي وهو. شل سڀني کي اوهين وڻو. توهين شل پنهنجي گاديءَ تان نه ٿڙڪو. هتي اسٿر ٿي وهو، ۽ شل اِتان لهي هيٺ نه اچو. هتي اندي ديوتا وانگر پختا ٿي وهو ۽ راشٽر (رياست) جون واڳون جهليو. جيئن آڪاس اسٿر آهي، پرٿوي اسٿر آهي، جبل اسٿر آهن، تيئن شل ”وِس“ يا عام خلق جو راجا اسٿر هجي! شل ورڻ ديوتا، برهسپت ديوتا، اندر ۽ اگني ديوتا جي ڪرپا سان حڪومت جون واڳون توهان جي هٿ ۾ پختيون هجن! جيڪي توهان جا دشمن هجن، يا توهان سان دشمن جهڙي هلت ڪن، تن کي توهين پنهنجن پيرن هيٺ پورو ڪري ڇڏيو، پر توهان کي ڪا ٺوڪر نه اچي. سڀ يڪراءِ ٿي اوهان جو مان ڪن ٿا، ۽ سمتي توهان کي مقرر ڪري ٿي توهين محڪم هجو“. هن مان ظاهر آهي ته قديم زماني ۾ ئي رشين ڄاتو ٿي ته حڪومت جو چرخو چڱيءَ ريت تڏهن هلي سگهندو، جڏهن راجا جي راجائي پڪي پائي تي بيٺل هوندي. انهيءَ سبب ئي اهڙيون آراڌنائون ڪيائون ٿي، ته راجا جو راڄ قائم رهي!
سڀا ۽ سمتي: رگ ويد واري زماني ۾ راڄ درٻار جا ميڙ ٻن نالن سان سڏبا هئا: ”سڀا“ ۽ ”سمتي“، ٻنهين جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت هوندو هو، سو رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪونهي، پر جيڪي حقيقتون ويدن ۾ جدا جدا هنڌن تي ڄاڻايل ڪونهي، پر جيڪي حقيقتون ويدن ۾ جدا جدا هنڌن تي ڄاڻايل آهن، تن مان اسان جي عالمن کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ”سمتي“ هڪ وڏي ڪانگريس هوندي هئي، جنهن ۾ سڀني ڪُلن جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيند هئا. سمتيءَ ۾ راجائون به ويندا هئا (رگ ويد منڊل نائون 92، 6)، ”راجنهه سمتوير“ يعني امير امراءَ به اتي اچي ڪٺا ٿيندا هئا، (منڊل ڏهون 97، 6). رگ ويد جي منڊل ڏهين (173، 1) ۾ چٽيءَ ريت چيل آهي ته ”سڀ يڪراءِ ٿي اوهان جو مان ڪن ٿا ۽ سمتي توهان کي مقرر ڪري ٿي“. هيءَ ساڳي سٽ جا مٿي تاجپوشيءَ جي ذڪر ڪندي ڏني ويئي آهي، تنهن مان ۽ ٻين اهڙن احوالن مان عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي ته سمتين ۾ ماڻهن جو ميڙ راجا چونڊڻ، تاجپوشيءَ جي جلسن ۽ ٻين اهڙن خاص موقعن تي مڙندو هو، باقي ٻيو ملڪي ڪاروبار راج سڀائن ۾ هلندو هو.
”سمتي“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”جتي ماڻهو وڃي ڪٺا ٿين“.تنهنڪري اڄ تائين ”سمتي“ لفظ سڀا منڊل يا ميڙ“ جي معنيٰ سان ڪم اچي ٿو، پر شاين آچاريه، جنهن ويدن جي ٽيڪا ڪئي آهي، تنهن ”سمتي“ لفظ جي معنيٰ ڪئي آهي ”سنگرام يا لڙائي“، ياسڪ منيءَ به اهائي معنيٰ ڪئي آهي. وڏي ڳالهه ته اٿرو ويد جي منڊل ٻارهين سوُڪت پهرئين۾ ”سمتي“ ۽ ”سنگرام“ لفظ ائين گڏ ڪم آيل آهن، جو ڄڻ ته ساڳي معنيٰ وارا لفظ آهن. ”سمتي“ لفظ جي اڳي اها معنيٰ ڪهڙي حساب سان هئي، سا ڳالهه سمجهڻ تڏهن سولي ٿئي ٿي، جڏهن يورپ جي آڳاٽين سمتين جون ڳالهيون ڌيان ۾ رکجن ٿيون. يونان جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم زماني ۾ اتي ڪا وڏي ملڪي ڳالهه ٿيندي هئي، ته آزاد خيالن وارا ماڻهو پلٽڻ وانگر صفون ٻڌي راج درٻار ۾ وڃي بيهندا هئا. ٽيوٽانڪ قوم وارن ۾ دستور هوندو هو ته جڏهن صلح يا جنگ ڪرڻ جو ٺهراءُ ٿيڻو هوندو هو، تڏهن به آزاد خيالن وارا ماڻهو صفون ٻڌي وڃي بيهندا هئا، ته ڏسون ته ڪهڙو فيصلو ٿو ٿئي. جيڪڏهن فيصلو سندن دل وٽان نه ٿيندو هو، ته پنهنجي ناراضپي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڀُڻ ڀُڻ يا ڪنجهڪار ڪندا هئا؛ پر جيڪڏهن سندن دل وٽان فيصلو ٿيندو هو، ته پوءِ پنهنجي راضپي ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجا نيزا يا ڀالا کڙڪائيندا هئا! اِهي ڳالهيون ويچار ۾ رکجن ٿيون ته ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته سنڌو ماٿر ۾ به جيڪي ”سينا ناني“ يا لشڪري مهندار (Leaders of the Army) گرام مني ۽ ٻيا جنگي جوڌا رعيت جا عيوضي ٿي سمتيءَ ۾ ايندا هئا، سي صفون ي اچي بيهندا هئا، تنهنڪري سمتي“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”جتي ڪٽڪ اچي مڙن“. مطلب ته سمتيءَ ۾ ماڻهو ائين اچي مڙندا هئا، جيئن جڌ يا لرائيءَ ۾ ڪٽڪ اچي مڙن ٿا، تنهنڪري ”سمتي“ ۽ ”سنگرام“ اصل ساڳئي معنيٰ وارا لفظ هوندا هئا. اڳي سڀ ڳوٺاڻا جنگي جوڌا هوندا هئا، جا ڳالهه اڳي ئي ڄاڻائي وئي آهي.*
”سڀا“ لفظ جي به معنيٰ آهي ”منڊلي، ميڙ يا درٻار“. مثلا ”اندر سڀا“ معنيٰ راجا اندر جي درٻار. سڀا ۾ راجا ٻهڪندڙ ويس ويس وڳو ڪري ۽ سنهري جيو پائي ايندو هو، ته ڀَٽَ پريان ئي سندس اچڻ جي سڌ ڏيندا هئا (رگ ويد مندل ڏهونم، 40، 3)، درٻاري سندس وڏائي ۽ واکاڻ ڪندا هئا (منڊل پهريون 173، 10)، ۽ راجا جو حڪم احڪام دوُت (Messengers) ٻين تائين پهچائيندا هئا، (منڊل (ڏهون 123، 6). راجا جي گادي سون سان سينگاريل هوندي هئي (منڊل پنجون 62، 7)، ۽ هيٺان فرش وڇايو پيو هوندو هو، (رگ ويد منڊل پهريون، 171)، امير وزير بلڪ راجا جا مقرر ڪيل جاسوس به سندس چوڌاري ميڙ ڪري وهندا هئا، (منڊل پهريون، 25، 10).
رگ ويد واري زماني ۾ ”سڀا“ هڪ ملڪي ڪائونسل (Political Council)هوندي هئي، جنهن ۾ راجا حاضر ٿي، ملڪ جو ڪاروبار هلائيندو هو. وڏا وڏا معاملا به اُتي نبرندا هئا، تنهنڪري اِها جُڊيشل اسيمبلي (Judicial Assembly)به هُئي، جنهن ۾ راجا جا صلاحڪار به اچي مڙندا هئا. راجا پاڻ سڀاپتر ٿيندو هو، ۽ درٻارين مان ڪي ”اَسيسر (Assessor) يا ”مشير“ ٿي وهندا هئا. البت راجا جي راءِ کي گهڻو وزن ملندو هو، ۽ سڀ فيصلا سندس دل وٽان ٿيندا هئا (رگ ويد منڊل چوٿون، 21، 2)، ته به سڀني جي دلي مراد اها ئي هوندي هئي، ته ڌرم تي هلجي. اهو ئي سبب آهي، جنهنڪري ”شُريتن“ ۽ ”سُمريتن“ ۾ ملڪي توڙي پنگتي ڳالهيون ڌرمي ڳالهين سان ڳنڍيون ڳتيون پيون آهن.”جيڪو راچا ڌرم تي هلي ٿو، تنهن کي سوڳ جا سک نصيب ٿين ٿا، ۽ جو اڌرم ڪري ٿو، سو نرڪ گامي ٿئي ٿو، (مهاڀارت، شانتي پرو 15، 4-6 ۽ 17- 6-9)“. اِهي هئا آڳاتن آرين جا عقيدا، تنهنڪري ڌرم تي هلڻ پهرين ۽ مکيه ڳالهه هوندي هئا. جيڪڏهن اتفاق سان ڪو معاملو پوريءَ ريت فيصل نه ٿيندو هو، ۽ پوءِ پتو پوندو هو ته بي انصافي ٿي آهي، ته راجا سميت سڀ درٻاري پاڻ کي ڏوهه ڏيندا هئا، ۽ پراڇت ڪندا هئا! مطلب ته هر طرح اهائي ڪوشش ڪندا هئا ته ڪو ڪنياءُ نه ئي، ۽ حقدارن کي حق پلءِ پوي. سڄيءَ دنيا جي تاريخ ڏسو ته انهيءَ قديم زماني ۾ ٻئي ڪنهن به ملڪ جي ماڻهن ۾ ايتري جاڳرتا ڪانه هئي، جيتري سنڌو ماٿر ۾ هئي. اُن وقت جي ٻي هڪ مکيه ڳالهه آهي، جا هن وقت به ڪانهي.*
هن وقت پارليامينٽن، اسيمبلين، ميونسپالٽين، پنچاتين ۽ ٻين منڊلين ۽ سڀائن ۾ ڪيتريون ڳالهيون غلبي راءِ بحال ٿينديون آهن، يعني جيڪڏهن رڳو ڪي ٿورا ڪنهن رٿ جي برخلاف هوندا آهن، ته انهنجي راءِ کي ڪونه ليکيندا آهن. اڳي ائين ٿيڻ نه ڏيندا هئا، جيڪي ساڻن شامل راءِ نه ٿيندا هئا، تن سان به ٿڌي سيني بحث مباحثو ڪري، کين پنهنجي طرف آڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ته هرهڪ ڳالهه بنه يڪراءِ فيصل ٿئي. هن بقبت رگ ويد جي پڇاڙيءَ واري سُوڪت ۾ جيڪي لکي هي، تنهن جو مطلب هي آهي:
”مڙي اچو، گڏجي ڳالهيون ڪريون، شل توهان جن دلين ۾ متفق راءِ پيدا ٿئي!… هيءُ ماڳ سڀني لا3 عام آهي. هيءَ سڀا سڀني جي آهي، دليون به سڀني جون عام لاءِ آهن. شل خيالن ۾ به ملي هڪ ٿيون! آئون اوهان جي اڳيان جيڪا ڳالهه پيش ڪريان ٿو، سا عام لاءِ آهي، ٺهراءُ به ساڳيو هڪڙو ڪريون. شل اوهان جن دلين ۾ اتفاق پيدا ٿئي! سڀني جا خيال به سامان (هڪجهڙا) ٿين، ته سڀيئي هڪٻئي سان شامل راءِ ٿيون!“
* انگريزي لفظ ”رائيول“ (Rival) اصل ۾ ”رور“ (River) يعني نديءَ لفظ مان ٺهيو آهي. ندين جي پاڻيءَ جي تڪرار سبب هڪ ڌر ٻيءَ ڌر جي برخلاف ٿيندي هئي، ۽ ائين منجهن پهاڄپڻو (Rivaly) پيدا ٿيندو هو. (مصنف)
* Maitrayani Sanhita IV. 14, 12. Macdonell and Kesth: Vedic Index II, p. 51.
* ”جن“ لفظ جي اصل معنيٰ آهي ”ماڻهو“، ۽ انهيءَ مان سنڌي لفظ ”ڄڻو“ ٺهيو آهي؛ جيئن چئون ته هڪڙو ڄڻو، ٻه ڄڻا. اهو ئي ساڳيو ”جن“ لفظ جمع جي معنيٰ به ڏئي ٿو. مثلاً ”هريجن“ معنيٰ ”هريءَ يا ڀڳوان جا جيو“ (People of God). ائين ”جن“ لفط نيات يا قوم جي معنيٰ به ڏيکاري ٿو. سنسڪرت لفظ ”جن“ (Jana) جو اُچار لئٽن ۾ Gens ۽ گريڪ يا يونانيءَ ۾ Geons آهي.
* "This scheme can be supported by apparent analogies not only from Greece, Italy Germany and Russia, but also from the Iranian State with the graduated hierarchy of family or house holds, viz, Zentu and Dahyu." Cambridge History of India, Vol. 1, p.91.
* "The vast majority of contests mentioned were of the first kind. Very few of the second kind are recorded. These two kinds were the analogues of disputes and contests in Europe between the temposal and spiritual powers." F.E. Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition, p.p. 243-44.
* * سنسڪرت ۾ ”اِ“ يعني اچڻ يا وڃڻ، ”اِت“ معنيٰ آيو يا ويو ۽ ”سم“ معنيٰ گڏ، تنهنڪري ”سمتي“ (سم + اِت + اي) معنيٰ ”جتي سڀ اچي يا سڀ وڃي گڏ ٿين.“
* "The intimate contact of religion with the rest of life explains, why Hindu social and political theory is often presented in the same books with law and domestic ritual." Dr. Beni Parsad. Theory of Government in Ancient India, p.3.
ڏسو ته رگ ويد واري قديم زماني ۾ ئي حق تي هلڻ، ۽ ديس جي ڀلي خاطر سڀني کي يڪراءِ ڪرڻ لاءِ ملڪ جي مدبرن ڪيئن ٿي مٿاڪٽ ڪئي!
سڀا برخواست ٿيڻ کانپوءِ ڪيترا درٻاري اُتي ئي ويهي کائيندا پيئندا هئا، ۽ ڍاري راند ڪندا هئا. اوڏيءَ مهل سڀا کي ڦيري ”ڪلب“ (Club) ڪري ڇڏيندا هئا. راجائون به ڍاري راند ۾ شامل ٿيندا هئا، جو اِها راند اُن وقت جي ماڻهن لاءِ هڪ وڏي وندر هوندي هئي.
شهر ۽ عالم پناهون: ملڪ ۾ نياءَ ڪاري راجا هوندو ۽ ماڻهن جي جان، مال عزت جي بچاءَ لاءِ پورو بندوبست هوندو، ته ماڻهواَڻ پڇو پنهنجو ڌيان علم ۽ هنرن تي ڏيندا ۽ ائين سڀيتا جو واڌارو ٿيندو. سڀيتا جو واڌارو سدائين صلح سانت جي وقت ۾ چڱيءَ ريت ٿيندو آهي. اِنهيءَ ترقيءَ جا اُهڃاڻ رگ ويد منجهان ئي ملن ٿا، جنهن ۾ ”درگاهه“ ۽ ”پُر“ لفظ ڪيترا گهمرا ڪم آيل آهن. ”درگاهه“ لفظ ۾ ”دُر“ معنيٰ ”مشڪل“ ۽ ”گ“ (گم) معنيٰ وڃڻ، تنهنڪري ”درگا“ معنيٰ ”قلعو“ (جنهن ۾ ڪو ڌاريو ماڻهو مشڪل وڃي سگهي). ديويءَ کي به ”درگاهه“ چئبو آهي، جو اِها پنهنجن پوڄارين لاءِ هڪ قلعو يا پناهه آهي، يعني سندن اَجهو ۽ اوٽ آهي. هن مان ثابت آهي ته قلعا نهايت مضبوط جوڙيندا هئا، جن ۾ ڪو ڌاريو ماڻهو سٿرو گهڙي ڪين سگهندو هو.
هن وقت ”پر“ (پور) لفظ جي عام طرح معنيٰ ناهي ”شهر“ جهڙوڪ: خيرپور، ميرپور ۽ نصرپور. رگ ويد جي منڊل پهرئين (53، 785، 8)، منڊل ٽئين (15، 4؛ ۽ ٻين منڊلن ۾ ”پُر“ لفظ ڪوٽ يا قلعي جي معنيٰ سان ڪم آيل آهي. هاڻوڪي سنسڪرت ۾ به ”پُر“ (پُور) لفظ جي معنيٰ ”شهر“ به آهي ته ”قلعو“ به آهي. ساڳي لفظ جون اِهي ٻه معنائون هن ڪري ٿيون آهن، جو اڳي جيڪي شهر هوندا هئا، تن کي عالم پناهه ڏنل هوندي هئي. هن وقت به جيسلمير ۽ ٻيا ڪي شهر قلعن يا عالم پناهن جي اندر آهن. اِهو رواج سنڌ ۾ به عام هو. مثلاً شڪارپور جو شهر، ويجهڙائيءَ جو ٻڌل آهي، سو سڄو ئي قلعي جي اندر هوندو هو. شهر ۾ آمدرفت لاءِ جدا جدا پاسن کان دروازا هوندا هئا، جي اڄ تائين لکي در، هاٿي در، هزاري در، سوي در ۽ ٻين نالن سان سڏجن ٿا. شڪارپور کان گهڻو پوءِ ڪراچيءَ جو شهر ٻڌو. اصلوڪو ڪراچيءَ جو شهر به قلعي اندر هوندو هو، جنهن کي ٻه دروازا هوندا هئا، هڪڙو دروازو سمنڊ جي طرف هوندو هو، تنهنڪري اُهو ”کارو در“ سڏبو هو، ۽ ٻيو دروازو لياري نديءَ جي مٺي پاڻي طرف هوندو هو، تنهنڪري اُهو ”مٺو در“ سڏبو هو. شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جا وارا قلعا ڳچ وقت کان ڊهي ويا آهن، ته به دروازن جا اُهي نالا اڄ تائين هليا اچن، اِهي ٻئي شهر قلعن اندر ٻڌل هئا، جنهنڪري چئبو ته شهرن جي چوڌاري عالم پناهه يا قلعن ٻڌڻ جو رواج، جو رگ ويد واري زماني ۾ هو، سو پوءِ به سنڌ ۾ ساندهه هلندو پئي آيو. پروفيسر پٽي واري سنسڪرت ڊڪشنريءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته ”پُر“ اُنهيءَ عالم پناهه ڏنل شهر کي چئبو آهي، ”جنهن ۾ وڏيون عمارتون هجن، چوڌاري کاهي هجي ۽ جنهنجي اِراضي هڪ ڪوهه کان گهٽ نه هجي“.
ڪوبه شهر قلعي جي اندر ٻڌبو، ته ماڻهن جي جان ۽ مال ملڪيت عالم پناهه ”پرٿوي“ يعني ويڪري، ۽ ”اُروي“ يعني ڪشادي سڏي ويئي آهي، (منڊل پهريون 189، 2) اِها عالم پناهه ”شَتَ ڀڄي“ يعني ”هڪ سؤ ٻانهن واري“ به ڪوٺي ويئي آهي، (منڊل پهريون (166، 8 ۽ منڊل ستون 15، 4) ۾ ”اَيسيويهه پُرو“ (Ayasivih Purvih) يعني ”لوهه جا قلعا“ ڪوٺبا ويا آهن. هيءُ سڀ ڳالهيون تڏهن پوريءَ ريت سمجهي سگهجن ٿيون، جڪڏهن يوناني تاريخ نويسن بئبلان بابت ڏنل احوال ڌيان ۾ رکجن ٿا.
”يدو“ ۽ ”تروسو“ آرين بابت مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته اِهي بئبلان کان سمنڊ رستي آيا هئا، ۽ آرين جون بيٺڪون پوءِ به ڪي صديون ساندهه بئبلان ۾ هيون، اِهو شهر به عالم پناهن اندر ٻڌل هو، ۽ اِهي عالم پناهون پوءِ به ڪئين ورهيه ساندهه سالم بيٺيون هيون، جي هيرو ڊوٽس ۽ ٻين يوناني تاريخ نويسن وٺيون هيون. اِنهن اکين ڏٺل احوالن موجب بئبلان جو شهر فرات (يوفريٽس) نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي چورس نموني ٻڌل هو. سڄي شهر کي ڀتين جون ٻه ٽي قطارون هيون ٻاهرين ڀت. 360 کان 480 ”سٽيڊ“ (Stades) ٻائيتاليهن کان وٺي ڇاونجاهه ميلن تائين هئي، ۽ ان جي اوچائي ٽي سؤ يا ساڍا ٽي سؤ فوٽ ۽ ويڪر پنجاسي کن فوٽ هئي! سڄي شهر جي ايراضي ٻه سؤ کن چورس ميل هئي!!! ماڻهن جي امدرفت لاءِ ٻاهرين ڀت کي هڪ سؤ دروازا هئا، جي سڀ ”برانز“ (Bronze) جا ٺهيل هئا، ٿنڀا ۽ چاپڙا (Lintels) به برانز جا هئن. شهر جي اندر ڪن ڀتين کي پنجويهه دروازا هئا، جن مان لنگهي جدا جدا گهٽين ڏي ماڻهو ويندا هئا. مطلب ته گهٽيون به پنجويهه هيون، ۽ هرهڪ گهٽيءَ کي ٻاهريون دروازو هو. اِنسئڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۾ بئبلان جي اُنهن احوالن ڏيندي ڄاڻايو اٿن، تن هيرو ڊوٽس ۽ ٻين يوناني تاريخ نويسن اُٺاءُ ۽ وڌاءُ ڪيو آهي؛ پر هتي اُٺاءَ جي ڳالهه ڏسڻ ۾ ئي ڪانه ٿي اچي. رگ ويد ۾ عالم پناهه کي ”شَتَ ڀڄي“ يعني هڪ سؤ ٻانهن وارو سڏيو اٿن، ۽ يوناني تاريخ نويسن به ائين ئي ڄاڻايو آهي ته بئبلان جي ٻاهرينءَ ڀت کي هڪ سؤ دروازا هئا. پڌرو پيو آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر جي هرهڪ عالم پناهه کي هڪ سؤ دروازا هوندا هئا، ۽ اُهي دروازن وارا هنڌ عالم پناهه جون ٻانهون سڏيا ويا آهن. بئبلان وانگر سنڌو ماٿر جي شهرن جون عالم پناهون به نهايت گهڻي اِراضي والاري بيٺيون هيون، جنهنڪري رگ ويد ۾ هرهڪ عالم پناهه ”پرٿوي“ (ويڪري) ۽ ”اُروي“ (ڪشادي) سڏي ويئي آهي. رگ ويد واري زماني کان هزارها ورهيه پوءِ هيرو ڊوتس ۽ ٻيا يوناني تاريخ نويس پيدا ٿيا. انهن به جڏهن بئبلان جا ايهي ئي احوال ڏنا آهن، تڏهن يقين ڄاڻڻ گهرجي ته بئبلان جي سڀيتا جا بانيڪار اِهي ئي آريه لوڪ هئا، ۽ ٻنهين هنڌن جي تهذيب ۾ تفاوت هئو ئي ڪونه. ائين وسهڻ لاءِ هيڪاري هن ڪري سبب ٿئي ٿو، ته جنهن اعليٰ درجي جي سڀيتا بابت حيرت جهڙيون حقيقتونمهن جي دڙي مان معلوم ٿيون آهن، سي ساڳيون ميسو پوٽيميا مان به معلوم ٿيون آهن. اِهي ڳالهيون سنڌو ماٿر ۽ ميسو پوٽيميا جي رهاڪن جي هڪ ٻئي سان ججهي لهه وچڙهه جو اُهڃاڻ ڏين ٿيو. بئبلان وسايو ئي سنڌو ماٿر جي رهاڪن، جيئن بابت ٻارهين ۾ ڄاڻايو اٿئون.
رگ ويد جي منڊل ڇهين (47، 2)، ۽ منڊل ستين (6، 5) ۾ ”ديهي“ (Dehi) لفظ ڪم آيل آهي. ڀانئجي ٿو ته جيئن حيدرآباد جي قلعي جي چوڌاري کاهي کوٽيل آهي – تيئن قلعن يا عالم پناهن جي چوڌاري ”ديهيون“ (کاهيون) هونديون هيون، ۽ جنگ مهل انهن ۾ لڪي، دشمنن کي پريان تير هڻندا هئا.
مٿي ذڪر ڪيل عالم پناهه ۽ کاهين کان سواءِ ٻيا ڪي قلعا هوندا هئا، جي رگ ويد ۾ ”شَردي“ يعني سرءُ جي موسم جا قلعا سڏيا ويا آهن. انهن قلعن بابت عالمن جا علحده علحده رايا آهن. ڪي چون ته اهي ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ هوندا هئا (ويدڪ انڊيڪس 1، 385)، ڪي چون ته رنگين زبانيءَ ۾ برسات جي ڪڪرن کي انهيءَ نالي سان سڏيو اٿن، جي سرءُ جي موسم ۾ ٽڙي پکڙي وڃن ٿا، جنهن صورت ۾ هنن قلعن بابت عالمن جي هڪ راءِ ڪانهي، تنهن صورت ۾ انهن بابت ڪجهه به وڌيڪ چئي نه ٿو سگهجي.
راجائن جا محلات: رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته راجائن جا محلات قلعن جي اندر هوندا هئا، جن ۾ ڪاٺ جو سهڻو ڪم ٿيل هوندو هو. اهي محلات ايتري قدر لنبا ۽ چؤڙا هوندا هئا، جو ٿوريءَ ٿوريءَ وٿيءَ تي ٿنڀو ڏيڻو پوندو هو، جنهنڪري اهي ”سهسر سٿوڻ“ يعني هزار ٿنڀن وارا سڏيا ويا آهن، (منڊل ٻيو 41، 5) ۽ (منڊل پنجون 62، 6) ٿنڀن تي اگهاڙين ڇوڪرين جي شڪل اُڪريل هوندي هئي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته بيشمار دريون ۽ دروازا هوندا هئا، (منڊل ڏهون 99، 3). هن مان اها ساک ملي ٿي ته سنڌو ماٿر (پنجاب ۽ سنڌ) ۾ ان وقت جهرا قابل هئا واڍا ۽ رازا، تهڙائي قابل هئا سروير يا معمار، جن ههڙيون وڏيون ۽ عاليشان عمارتون بنايون ٿي.
رگ ويد ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته محلاتن ۾ اندر ڌن مال اڪيچار هوندو هو، (منڊل ٻيو 41، 5). راجائون وڏيءَ دل سان دان ڪندا هئا. رشين سندن دان آستتيون ڳايون آهن، سا ڳالهه به ڄاڻائي ٿي ته راجائن وٽ ڌن مان اڪيچار هوندو هو. اهي محلات ڪاٺ جا ٺهيل هوندا هئا، تنهنڪري وقت تي انهن کي باهيون لڳنديون هيون (منڊل ستون 5، 3)، ۽ ملڪيت جلي ويندي هئي.
سلطنت شاهي Imperialism : آڳاٽا راجائون، جن جا ابا ڏاڏا اصل ڳوٺاڻي جيوت گذاريندا هئا، سي هاڻ قلعن اندر عاليشان محلاتن ۾ رهڻ لڳا، ۽ رعيت وٽان ڍلن ملڻ ڪري مالا مال ٿيا، ته پاڻ ترشنا وين وڌندي، اهو انساني سڀاءُ آهي. ”اِنسان اُونڌي کوپڙي آهي“. ڪڏهن به سندس ڍءُ ٿيڻ جو نه آهي. ”گهڻي ۾ گهڻو گهرجي“. ”طمع سندو طس ڀريو ڀرجي ڪينڪي“. هو پوءِ مهاراجا ۽ چڪروتي راجا ٿيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي حد وڌائڻ لڳا. انهيءَ مان سندن هڪ ٻيو ڪارج به ٿي سِڌو. ننڍڙي ڏيهي رياست ۾ ڪو راجا سڌيءَ طرح نه هلندو هو، ته اُتي جا رهاڪو آسانيءَ سان يڪمشت ٿي، خود راجا کي سِڌو ڪري سگهندا هئا. حڪومت جي حد وڏي هوندي، ته رڳو ملڪ جا مدبر ۽ ديس شيوڪ ملڪي ڳالهين ۾ بهرو وٺندا باقي ٻيا ٿڌا ٺڪر ويٺا هوندا، جنهنڪري راجا کي آپيشاهي نمونو اختيار ڪرڻ، بلڪ عام خلق جو رايو ريٽڻ سولو ٿيندو. اهڙين مرادن سان پنهنجي حڪومت جي حد وڌائڻ خاطر راجائن کي بعضي پنهنجن ڀر وارن راجائن سان جنگيون جوٽڻيون پونديون هيون.
قديم زماني کان وٺي هندستان جي راجائن جا جنگ بنسبت ٻه علحده متا هوندا هئا: هڪڙن جو متو اهو هوندو ته پنهنجو ملڪ سنڀالي ويهجي، ۽ ڪنهن ڌارئي کي پنهنجي ملڪ ۾ پير پائڻ نه ڏجي، تنهنڪري جنگ فقط تڏهن ڪجي، جڏهن غنيم ڪاهي اچي. ٻين جو متو هيءُ هو، ته خواهه مخواهه به ٻين جي ملڪ تي ڪاهي، کين پنهنجو ڏن ڀرو ڪجي. انهيءَ سلطنت شاهيءَ جي خيال وچان، جيئن هينئر جرمني ۽ جپان ڪلور ڪري رهيا اهن، ۽ انگلينڊ، آمريڪا، رشيا ۽ چائنا پاڻ ۾ ملي سندن ڪلورن کي روڪڻ جي ڪوشس ڪري رهيا آهن، تيئن رگ ويد واري زماني ۾ به راجائون اِئين ڪندا هئا.
رگ ويد جي پهرئين ئي پهرئين منڊل (53، 9) ۾ ڄاڻايل آهي ته هڪ لڱا ويهن هنڌن جا راجائون پاڻ ۾ ٻڌي ڪري، ششروا (Sushrava) نالي هڪ جبري راجا تي ڪاهي ويا. سندن لشڪر ۾ سٺ هزار نوي ماڻهو هئا، ته به اِندير ديوتا جي ٻاجهه سان اٽلندو هو کائن کٽي ويو (53، 1). رگ ويد ۾ انهيءَ جنگ جو ذڪر رڳو ايترو آهي، تنهنڪري پتو ڪونه ٿو پوي، ته اها جنگ ڇا تان لڳي هئي ۽ ڪيئن هڪڙو حاڪم ويهن حاڪمن کان کٽي ويو هو.
دش راجن (War of Ten Kinds) : رگ ويد ۾ ٻي هڪ مهاڀاري لڙائيءَ جو ذڪر آهي، جا ”دش راجن“ يعني ڏهن راجائن جي لڙائي سڏي ويئي آهي. اُن جا احوال رگ ويد ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، جي عالمن ڳنڍي، سلسلي وار بيهاريا آهن، جنهنڪري سڄي ڳالهه ڳچ قدر سمجهي سگهجي ٿي.
نهايت قديم زماني ۾ وشوامتر نالي هڪ رشي ٿي گذريو آهي، هو اصل کتري هو؛ پر پنهنجيءَ تپشيا جي ڪري راج رشي بلڪه يرهم رشي سڏجڻ ۾ آيو. اهڙي ته تپشيا ڪيائين جو خود اِندر ديوتا کي ڊپ لڳو، ته هيءُ ڪنهن وقت منهنجو اِندرآسن (راجا اِندر جو آسڻ) کسيندو. راجا اِندر پوءِ ”ميڻيڪا“ نالي هڪ اَپسرا (پريءَ) کي موڪليو، جنهنجي خوبصورتيءَ وشوامتر کي ايتري قدر موهيو، جو هن جوڳ آسڻ ويڙهي ڇڏيو ۽ سندس سنگ ۾ گذارڻ لڳو. کيس پوءِ انهيءَ اَپسرا مان هڪ نياڻي ڄائي، ميڻيڪا اِهو ٻار ڪنهن جهنگ ۾ ڦٽو ڪري، آڪاس ڏي اُڏامي ويئي. انهيءَ ٻار تي ”شڪَنُت“ يعني پکي اچي مڙيا. ڪڻو نالي هڪ رشيءَ اها ٻالڪي ڏٺي، ته پکين کي هڪالي، اها پنهنجي نياڻي ڪري وڃي، پاليائين ۽ نالو رکيائينس ”شڪُنتلا“ (شڪنت + لا) يعني ”پکين مان لاڀ ٿيل يا حاصل ٿيل“، اها شڪنتلا پوءِ راجا دشينت سان پرڻي ۽ ”ڀرت“ نالي پٽ ڄائس، جنهنجي نالي پٺيان سڄو هندستان هاڻ ”ڀارت ورش“ ۽ ”ڀارت کنڊ“ سڏجي ٿو، انهيءَ ڀر جو اولاد ”ڀرت آريه“ لوڪ سڏبا هئا؛ جي پُروُ آرين جي هڪ شاخ مان هئا. رگ ويد واري زماني ۾ انهن مان ڪي سرسوتيءَ ته ڪي شتدري (ستلج) نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا.
وشوامتر جي گوتر واري سندس ئي نالي پٺيان سڏبا هئا. انهن مان هڪڙو وشوامتر راجا سُوداس جي ڪُل جو پروهت هو. راجا سُوداس جي پيءُ جو نالو راجا پجون (Pijavana) هو ۽ ڏاڏس جو نالو راجا دِووداس هو. اِهي ترتسو آرين مان هئا، جي پرو ۽ ڀرت آرين جا ڏورانهان سوٽ هئا، ۽ پوءِ پنچالن جي دعي ۾ ليکجڻ ۾ آيا، جن مان پنچالي (دروپدي) هئي. راجا سوُداس جي ڏاڏي راجا دوداس پنهنجي وقت ۾ يدو ۽ تروسو آرين سان جنگيون جوٽيون هيون (رگ ويد منڊل نائون 61، 2)، ۽ ٻين ڪيترن آرين کي به پنهنجو ڏن ڀرو ڪيو هئائين، جنهنڪري سندس پوٽي راجا سوُداس سان گهڻن جو حسد هوندو هو. گهڻن ڏينهن کان ڪيترن ڀر وارن راجائن جي مرضي هئي ته راجا سوُداس جو زور ڀڃجي، پر ڪنهن به يڪي سر ساڻس جنگ جوٽڻ جي سمرٿي نٿي ساري. کين پاڻ کان هيڻو سمجهي، راجا سوُداس ارادو ڪيو، ته انهن کي پنهنجي تابعي ڪجي، ۽ پنهنجيءَ حڪومت جي حد اڃا وڌائجي. هن پوءِ ”اَشو ميڌيگيه“ يعني گهوڙي جي قربانيءَ جي يگيه جو سانباهو ڪيو.
قديم زماني ۾ دستور هوندو هو، ته جنهن راجا کي ٻيا راجائون پنهنجي تابعي ڪرڻا هوندا هئا، سو پنهنجي سواريءَ جو گهوڙو ڇيڪ ڇوڙي ڇڏيندو هو، ته ڀلي ڪنهن به راڄڌانيءَ ۾ گهڙي وڃي. گهوڙي جي پٺيان پنهنجو وڏو ڪٽڪ موڪليندو هو. اِهو گهوڙو جنهن راڄڌانيءَ ۾ پاڻمرادو گهڙي ويندو هو، تنهن جو راجا يا ته گهوڙي جي مالڪ جي ماٺ ميٺ ۾ آڻ مڃيندو هو، يا سندس موڪليل ڪٽڪ جي سامهون ٿيندو هو، پوءِ ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“. جيڪڏهن گهوڙو گهڻين راڄڌانين ۾ ويندو هو، ۽ اُنهن سڀني هنڌن جا راجائون گهوڙي جي مالڪ جي تابعي ٿيندا هئا، ته گهوڙي جي موٽي اچڻ تي، سوڀارو راجا يگيه ڪندو هو، جنهن ۾ اِهو گهوڙو ٻل چاڙهيندا هئا. اهو هو ”آشوميڌيگيه (Horse Sacrifice). سوڀارو راجا ”راجسوُيه يگيه“ به ڪندو هو. اهو سندس تاجپوشي جو يگيه هوندو هو، جنهن ۾ سندس ڍل ڀريندڙ راجائون به اچي شامل ٿيندا هئا، ۽ کيس پنهنجو شهنشاهه ڪري مڃيندا هئا. اِهي يگيه عام طرح ٿيندا هئا، تنهن مان ظاهر آهي ته سلطنت شاهيءَ جو خيال عام هوندو هو.
راجا سوُداس جنهن وقت آشوميڌيگيه ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تنهن وقت وشوامتر رشيءَ کي انهيءَ يگيه جي تياري ڪرڻ لاءِ چيائين. تن ڏينهن ۾ رشين جي مڃتا تمام گهڻي هوندي هئي، ۽ سندن رڳو هڪل ڪرڻ تي هزارين جنگي جوڌا اچي سندين حضوريءَ ۾ حاضر ٿيندا هئا. وشوامتر رشيءَ پنهنجي ڪُلَ وارن کي چيو ته راجا سوُداس جو گهوڙو ڇيڪ ڇوڙي ڇڏيو، ۽ اوهين گهوڙي جي پٺيان اوڀر، اولهه ۽ اُتر طرف وڃو، ته راجا سترو (دشمن) ناس ٿين، (منڊل ٽيون 53، 11). اُن وقت ڏکڻ ڏي شايد (راجپوتانا ۽ ٿر ڊويزن وارو) سمنڊ هو، تنهنڪري لشڪر کي فقط ٽن طرفن ڏي وڃڻ جو حڪم مليو. هاڻ ڏسو ته وائين هڪ ٻيو معاملو ڪيئن ٿو مچي.
راجا سوُداس جي درٻار ۾ اُن وقت هڪ وشٽ مني هو، جو نهايت قديم زماني واري وشٽ منيءَ جي گوتر مان هو، تنهنڪري سندس نالي پٺيان سڏبو هو. انهيءَ وشٽ منيءَ ۽ وشوامتر رشيءَ جي پاڻ ۾ اڻبڻت هئي. شتپٿ براهمڻ (ٻارهون 6، 1، 41) مان معلوم ٿئي ٿو ته وشٽ مني براهمڻن جي ڪُلَ مان هو، ۽ اوائل ۾ رڳو سندس ڪُلَ وارا براهمڻ راجائن جا پروهت ٿي کين يگيه ڪرائيندا هئا، پر پوءِ ڪهڙو به رشي (براهمڻ خواجه کتري) پروهت ٿي يگيه ڪرائيندو هو. وشٽ مني ترتسو آرين مان هو، (رگ ويد منڊل ستون 83، 8). آڳاٽي زماني وارو وشوامتر اصل کتري هو، ۽ پوءِ پنهنجيءَ تپشيا جي ڪري برهم رشي ليکبو هو. سندس گوتر مان جيڪو وشوامتر راجا سوُداس جي درٻار ۾ هو، سو اصل کتري هو، پر راڄ رشي ٿي يگيه ڪرائيندو هو – ڀانئجي ٿو ته وشٽ منيءَ اِهو اعتراض اٿاريو ته وشوامتر کتري ٿي آشوميڌ جهڙو وڏو يگيه نه ڪرائي. انهيءَ تان وشوامتر کي اهڙي چڙ لڳي، جو هو راجا سوُداس جي درٻار ئي ڇڏي هليو ويو، ۽ وڃي ڀرت آرين سان مليو، جو پاڻ به اُنهن مان هو. ڀرت آرين ۽ سندن ڏورانهن سوٽن ترتسو آرين جي پاڻ ۾ پوندي ڪانه هئي، تنهنڪري پنهنجي لشڪر جي سموري مدد کين ڏنائين. اِنهيءَ ريت لشڪر جي جيڪا مدد راجا سوُداس کي ملڻي هئي، سا اٽلندو مخالف ڌر کي ملي. پر متانڀرت آريه لوڪ اِنهيءَ مدد ملڻ کانپوءِ به راجا سؤداس سان مٽ پئجي نه سگهن، تنهنڪري وشوامتر جملي ڏهن هنڌن جي راجائن کي ڀڙڪائي، کين جنگ لاءِ کڙو ڪيو. اينهن ڏهن ئي هنڌن جي راجائن کي ڀڙڪائي، کين جنگ لاءِ کڙو ڪيو. اِنهن ڏهن ئي هنڌن جا راجائون پوءِ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري راجا سُوداس جي زور ڀڃڻ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳا، ۽ وشوامتر کي پنهنجو اڳواڻ ڪيائون. اِهي ڏهه راجائون، جي هڪ ٻئي جا طرفدار ٿيا سي ڪير هئا؟ اِهو پتو رگ ويد مان پوريءَ طرح نٿو پوي، پر ڪيترن عالمن کي رگ ويد منجهان ئي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته انهن مان هڪڙا هئا ”پنج جن“ يعني يدو، ترسوسو، پرو، اَنو ۽ داهيو، ۽ ٻيا پنج هئا اَجَه، يڪشُو، ڀيڙ، شگرو ۽ ڀرت آريه لوڪ. سڀني مان ڀرت آريه لوڪ زور هئا، ۽ وشوامتر به سندن ئي ڪُلَ مان هو، تنهنڪري هاڻ ڏسڻو هوس ته راجا سُوداس کي وشٽ مني ڪيئن ٿو سوڀارو ڪري.
راجا سُوداس کي جنهن مهل سڌ پيئي، ته وشوامتر رشيءَ ڏهن هنڌن جي راجائن کي سندس برخلاف کڙو ڪيو آهي ۽ وڏيءَ جڌ جون تياريون ٿي رهيون آهن، تنهن مهل هن به اُتر اولهه سرحد علائقن وارن آرين کي ريڙهي پنهنجي طرف ڪيو، جن مان هڪڙا پڪٿ، ٻيا ڀلان ۽ ٻين نياتين وارا هئا، انهيءَ ريت اُن وقت وارو سڄو هندستان جنگ ۾ شامل ٿيو ۽ مهاڀاري لڙائيءَ جي تياري ٿي ويئي. ڏهن راجائن سان ڪيترا اَڻ آريه لوڪ به سامل ٿيا، جنهنڪري سندن لشڪر هيڪاري وڌي ججهو ٿيو.
راجا سوُداس پنهنجو لشڪر پرشني (راوي) نديءَ جي اتر طرف واري ڪناري تي وڃي ڪٺو ڪيو. مخالف ڌرين جي مرضي هئي ته شتدري (ستلج) ۽ وياس (بياس) نديون اُڪري، راوي نديءَ ڏي وڃجي، اِها سرءُ جي موسم هئي ۽ آسرو هون، ته ندين ۾ پاڻي گهٽ هوندو، تنهنڪري ارادو هون ته پنهنجو لشڪر، رٿ ۽ گهورا وغيره سڀ ٻيڙين جي رستي روانا ڪجن؛ پر شايد تازو ڪا برسات پيئي هئي ۽ جبلن تان برسات جو پاڻي وهي اچي ندين ۾ پيو هو، جنهنڪري نديون ڦوڪجي پئي وهيون. اِنهيءَ تي وشوامتر رشيءَ ندين کي آراڌنا ڪئي، ته توهين پنهنجو پاڻي گهٽايو، ته اسان جو لشڪر آسانيءَ سان پار اُڪري سگهي، (رگ ويد منڊل ٽيون 33، 9). ندين سندس عرض اگهايو، (منڊل ٽيون 33، 10). ڀرت آريه لوڪ ۽ سندس طرفداري ستلج ندي اُڪري، بياس ۽ راوي ندين جي وچ واري ملڪ ۾ وڃي پهتا، ۽ راوي نديءَ جي ڏکڻ واري ڪناري وٽ پنهنجي ڇانوڻي وڃي وڌائون. اِتي هڪ سِٽَ سِٽيائون. راجا سُوداس جي ڪُلَ وارن (ترتُسو آرين) جي ٻنين، ڳوٺن ۽ شهرن جي بچاءَ لاءِ هڪ وڏو بند پرشني (راوي) نديءَ جي اُتر واري ڪناري تي ٻڌل هو. مخالف ڌرين جي مرضي ٿي ته انهيءَ بند کي گهارو وجهجي، ته ترتُسو آرين جون ٻنيون ٻارا ۽ شهر ٻڏن، ته هو ڀلي مونجهاري ۾ پون، ۽ انهيءَ مونجهاري مهل مٿانئن وڃي ڪڙڪجي، ته سوڀ کٽڻ سولي ٿئي، ”پر بندي جي من ۾ هڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي“. هنن نببند کي گهارو وڌو؛ پر انهيءَ ۾ وچ ۾ نديءَ جو پاڻي زور ڇڏي رهيو هو، تنهنڪري اُٿل ٿي ڪانه، ندي پوءِ به پنهنجي واٽ هميشهه وانگر وٺي وهڻ لڳي، (منڊل ستون 18، 8-9). اِتحادين جو لشڪر اڳي ئي ججهو، ويتر ههڙيون سٽون پئي سٽيائون، ته راجا سُوداس جي ماڻهن کي ڊپ ويڙهي ويو، ۽ سوڀ کٽڻ جو ڪوبه آسرو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آين – راجا سُوداس جي لشڪر جو اڳواڻ وشٽ مني هو، تنهن اِهي ئي آراڌنائون پئي ڪيون ته مخالف ڌرين کي ڪيئن به شهه ڏيئي، وشوامتر جو ڪنڌ هيٺ ڪجي؛ پر وڙهڻ لاءِ ڪا واٽ ڪانه ٿي مليس. راجا سوُداس پاڻ به سمجهيو ته راويءَ جي ڏکڻ طرفان ندي اُڪري، دشمنن کي سامهون ٿيڻ، سو ٿيندو هٿ وٺي پاڻ کي ٻوهي جي منهن ۾ ڏيڻ. اهڙي اونڌي قدم کڻڻ بدران هن هڪ ٻي اٽڪل ڪئي، جا اوچتو خيال ۾ اچي ويس. راوي نديءَ جي ڏکڻ ڏي اتحادين جو لشڪر ڪٺو ٿيو بيٺو هو، تنهنڪري هن اُهو پاسوئي ڇڏي ڏنو. هو ماڳهين اُتر طرف ڪيترا جنگي جوڌا رات جي وڳڙي ۾ پاڻ سان وٺي ويو (منڊل ستون 33، 3)، ۽ اُتان ندي اُڪري، دشمنن کي پٺيان ئي پٺيان وڃي گهيرو ڪيائين – سندس دشمنن کي اِها ڳالهه من نڪا چت هئي. هاڻ هنن ڏٺو ته ٻن باهين جي وچ ۾ آهيون – جيڪڏهن اڳڀرو وڌنداسين ته نديءَ ۾ ٻڏنداسين، ۽ جيڪڏهن پٺتي ورنداسين، ته راجا سؤداس جي لشڪر جي هٿان مارجي وينداسين. اِنهيءَ مونجهاري سبب منجهن اچي ڦڙڦوٽ پئي. راجا سُوداس جو لشڪر ٽن پاسن کان ويڙهي وين، ۽ چوٿين پاسي ندي سامهون هين، جنهنڪري پڄڻ جي ڪابه واٽ ڪانه هين. پوءِ ته پنهنجي جند بچائڻ سانگي ڪي پاڻمرادو پاڻيءَ ۾ گهڙي پيا، ته منجهانئن ڪيترا وهڪ ۾ گهلجي ويا ۽ ٻڏي مُئا (منڊل ستون 18، 11). ڪي آسانيءَ سان گرفتار ٿيا. ڪي همت جهلي راجا سُوداس جي سامهون ٿيا، پر سگهو ئي سندس لسڪر جي هٿان مارجيويا، جن مان هڪ سردار ”ڀيڙ“ به هو. انهيءَ لڙائيءَ ۾ رڳو اَنو ۽ درهيو آرين جا ڇاهٺ هزار ڇهه سؤ سٺ ماڻهو چٽ ٿي ويا (منڊل ستون 18، 14). ڪيترا ڀڄي به ويا (منڊل ستون 18، 15، 16). انهيءَ ريت راجا سُوداس جي جئي ٿي. وشوامتر، جنهن ڏهن راجائن کي ڀڙڪائي جنگ لاءِ کڙو ڪيو هو، تنهن جو ڪنڌ هيٺ ٿيو، ته وشٽ مني گد گد ٿيو، ۽ اندر ديوتا ۽ ورڻ ديوتا جي ججهي آستتي ڪيائين، جن پنهنجيءَ ٻاجهه سان کين سوڀارو ڪيو هو. اِنهيءَ آستتي (واکاڻ) ڪندي، هن مهاڀاري لڙائيءَ جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي، تنهن مان ظاهر اهي ته ”پرٿو پرشوهه“ يعني ويڪرن ڪهاڙن سان هڪ ٻئي تي هلان ڪيائون ٿي. ٻي هڪ ڳالهه جا ججهو ڌيان ڇڪي ٿي، سا هيءَ آهي ته انهيءَ قديم زماني ۾ اصل پنهنجا قومي جهنڊا هئن، جي انهي نگ مهل کڙا ڪيا هئائون. *
قومي جهنڊي ۾ وڏي ڪرامت آهي. جيستائين جهنڊو کڙو ٿيو بيٺو آهي، تيستائين اهو جنگي جوانن ۾ جذبو جاڳائيندو رهي ٿو ۽ هو ججهي اُتساهه سان لڙن ٿا؛ پر جنهن مهل دشمنن جي هٿان جهنڊو ڪري وڃي پٽ تي پوي ٿو، تنهن مهل سڀ دلگير ٿين ٿا ۽ سوڀ کٽڻ جو آسرو پلي وهن ٿا. جهنڊي لاءِ سِرُ به ڏيندا، پر جهنڊو هٿان نه ڇڏيندا.
رگ ويد واري زماني جا سن ۽ سنبت ڄاڻائڻ ڪٺن ڪم آهي. اهڙيءَ حالت ۾ چئي نٿو سگهجي، ته هيءَ ڏهن راجائن واري جڌ ڪڏهن لڳي هئي. انهيءَ هوندي به ڊاڪٽر سيتا ناٿ پرڌان ڪيترا حوالا ڏيئي تخميني طور ڄاڻايو آهي ته اِها ڏهن راجائن واري جڌ عيسوي سن کان 1470 ورهيه اڳي لڳي هئي، ۽ ويهن ورهين کانپوءِ يعني عيسوي سنه کان 1450 ورهيه اڳي شري رامچندر ۽ رانوڻ جي وچ ۾ لنڪا واري لڙئاي لڳي هئي، ۽ انهيءَ کان ٽي سؤ کن ورهيه پوءِ مهاڀارت واري لڙائي لڳي هئي. *حقيقتاً شري رامچندر ترتيا جڳ ۾ ٿي گذريو آهي ۽ مهاڀارت واري لڙائي دواپور جڳ جي پڇاڙيءَ ۾ لڳي هئي، تنهنڪري ڊاڪٽر پرڌان جي اينهن انگن تي ڪيترا هندو عالم ڪوبه اعتبار ڪونه ٿا ڪن ۽ اسان جو به اعتبار ڪونهي.
سنڌ ۾ پنچالن جي حڪومت:
رگ ويد ۾ گهڻن زمانن جي سڀيتا جو ذڪر آهي. هرهڪ زماني ۾ ڪهڙا ڪهڙا راجائون سنڌ ۾ هئا، تن جو ڪو خاص ذڪر آهي ئي ڪونه، پر جن راجائن گهڻا دان ڪيا هئا، تن جون ”دان آستتيون“ يعني سخا جون ساراهون ڪن رشين ڳايون آهن، جن رگ ويد ۾ ڏنل آهن. اُنهن دان آستتين مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن قديم زماني ۾ سنڌ جو راجا سونيه ڀاوييه (Svanya Bhavya) هو، جنهنجي راڻيءَ جو نالو روماسا هو. اِهو راجا ”ڪروي“(Krivi) آرين مان هو، جي پوءِ پنچال سڏجڻ ۾ آيا، جيئن شتپٿ براهمڻه (13، 5، 774) ۾ ڄاڻايل آهي. اِنهن مان ڪي سنڌونديءَ جي ڪناري تي، ته ڪي ”اَسڪني“ (Healing) نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا، جا سڪندر اعظم جي وقت ۾ چندر ڀاڳ“ (Moon-Portion) سڏبي هئي، ۽ هاڻ ”چناب“ (The gathered Waters) ڪوٺجي ٿي. سندن ڏورانهان سوٽ پرو ۽ ڀرت آريه لوڪ هئا، جن سان راجا سوُداس لڙيو هو. مسٽر پارجيٽر اٽڪل روءِ ڄاڻايو آهي ته راجا سوُداس ۽ سندس ڏاڏي راجا دوداس جي وچ واري وقت ڌاري سنڌ جو راجا سونيه ڀاوييه ٿي گريو. +هن موجب چئبو ته ڏهن راجائن واري لڙائي سنڌ جي هن راجا جي وقت کانپوءِ لڳي هئي. راجا سوُداس ترستو آرين مان هو، جن پراڻن پٽاندر پوءِ پنچالن جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيا، ۽ سنڌ جو راجا سونيه ڀاوييه به پنچالن مان هو، تنهنڪري ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو، ته سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه ڀاڱي ۾ اُن وقت پنچالن جي گڏيل حڪومت هوندي هئي.
سنڌ جو راجا سونيه، راجا ڀاوييه جو پٽ، وڏو ڌرماتما هو. سندس ساکون ڪاڪشون نالي هڪ رشيءَ ڳايون آهن. اهو رشي ڄائي ڄم کان سورداس يا اکين کان سڄو هو؛ پر پوءِ اَگني ديوتا جي پوڄا ڪرڻ سان نور سهائو ٿيو هيس. اِنهيءَ کانپوءِ ڪيتريون رچنائون (Hymns) چيائين، جي رگ ويد ۾ ڏنل آهن. نيتي منجري ۾ لکيل آهي *- ته ڪاڪشون پنهنجي گروءَ وٽان هر طرح جي وديا پرائي، گهر ڏي موٽيو ته واٽ تي رات پئجي ويس، جنهنڪري واٽ تي ئي سمهي پيو. صبح جو سنڌ جو راجا، راجا سونيه ڀاوييه پنهنجي اَٽالي سان اُتان اچي لانگهائو ٿيو. هن کي رشيءَ جي شڪل شبيهه ۽ سونهن سوڀيا وڻي ويئي. سو کيس ننڊ مان جاڳايائين ۽ پنهنجي محلات ڏي وٺي ويس. سندس حال احوال وٺندي ۽ هلت چلت جاچيندي، جڏهن خاطري ٿيس، ته هي هر طرح لائق انسان آهي، تڏهن پنهنجو ناٺي ڪيائينس. راجا کي ڏهه نياڻيون هيون، سي ڏهه ئي پرڻايائينس، ۽ ججهو ڌن مال ڏنائينس. هو پوءِ پنهنجي پيءُ وٽ ويو، جنهنجو نالو ”درگهه گمس“ (ڊگهي اوندهه) هو. راجا وٽان ججهو دان مليو هيس، تنهنڪري سندس دان اَستتي ڳايائين، جا رگ ويد جي منڊل پهرئين (26، 1-5) ۾ ڏنل آهي. اِنهيءَ دان اَستتيءَ ۾ راجا سونيه ڀاوييه جي نالي جيڪي چيو اٿس، تنهن جو مختصر مطلب هيءُ آهي:
”سنڌ جي راجا مون کي هڪ سؤ نِشڪ (سونا سڪا)، هڪ سؤ گهوڙا، هڪ سؤ ڏاند، هڪ هزار ۽ سٺ ڳئون، ۽ يارهين رٿ ڏنا، (ڏهن زالن لاءِ ڏهه رٿ ۽ يارهون رٿ ڪاڪشون رشيءَ لاءِ. هر هڪ رٿ ۾ چار چار سنڌي گهوڙا ٻڌل هئا، جن تي موتين سان جڙيل سنج هئا. سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه هيترو سارو دان ڪري پاڻ کي اَمر ڪري ڇڏيو آهي“. ڪاڪشون رشيءَ جي هن ٿوري حوال مان گهڻيون ئي ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون:
(1) پهرين ۽ مکيه ڳالهه هيءَ آهي ترگ ويد واري زماني ۾ ذات پات جو گهڻو ڀيد هئو ئي ڪونه، تنهنڪري جنهن کي جتان وڻندو هو، سو تتان پرڻبو هو. آڳاٽا رشي کترين مان به پرڻبا هئا، جيئن ڪاڪشون رشي سنڌ جي راجا جون نياڻيون پرڻيون. ڪاڪشون رشيءَ جي ماءُ جو نالو ”اُشِج“ هو، جا راجا اَنگ جي هڪ داس يا ٻانهي (شودر) جي نياڻي هئي، جنهنڪري چئبو ته ڪي رشي شودرن مان به پرڻبا هئا.
(2) هڪ مرد گهڻيون زالون پرڻبو هو، تنهنڪري ڪاڪشون رشي ڏهه راجڪماريون گڏ پرڻيون هو.
(3) گهڻين زالن پرڻجڻ جي رواج ڪري، هرهڪ مان ڄاول ٻار پنهنجي ماءُ جي نالي پٺيان سڏبو هو، ته سڌ پوي ته پيءُ جي ڪهڙيءَ زال مان پيدا ٿيل آهي، رگ ويد ۾ ڪاڪشون رشي ”اؤشِج“ يعني اُشِج جو پٽ سڏيو ويو آهي.
(4) نياڻين اُڪلائڻ ۾ مائٽن جو هٿ هوندو هو.
(5) آڳاٽا لوڪ پنهنجي نياڻي ڪنهن سان پرڻائيندا هئا، ته اُهو ”ڪنيادان“ ليکيندا هئا. وهانءَ مهل نياڻيءَ کي ڏاجو ڏيندا هئا، ۽ اُهو به ”دان“ ليکبو هو. مطلب ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي ڏيتي ليتيءَ جو رواج هو. رگ ويد جي منڊل ڏهين (سوُڪت 85) ۾ ڄاڻايل آهي ته سورج ديوتا جي نياڻي ”سوُريا“ جو وهانءُ سوم (چنڊ) سان ٿيو هو، ته ڪنئاريتن ججهي ڏيتي ليتي هلائي هئي. ديوتائن بنسبت ڏيتي ليتيءَ ۽ ڏاجي جون ڳالهيون رشين ڪيون آهن، تنهن مان ظاهر آهي ته خود ماڻهن ۾ ڏيتي ليتيءَ جو رواج هو، جنهن ديوتائن بابت به اِئين چيو اٿن. مطلب ته ڏيتي ليتيءَ جو رواج، جو هن وقت اسان وٽ آهي، سو رگ ويد واري زماني کان وٺي هلندو پيو اچي.
(6) رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهو سون مارڻ سکيا هئا ۽ سونا سڪا به هئن، جي ”نِشڪ“ (Niska) سڏبا هئا.
(7) سنڌ جو پرڳڻو ڀريو ڀاڳيو هو، جنهن ۾ چوپايو مال ججهو هو، سنڌ جا گهورا ناميارا هئا ۽ اُحي رٿن ۾ ٻڌندا هئا.
(8) گهوڙن تي راجائون موتين سان جڙيل سنج وجهندا هئا، جنهنڪري چئبو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي راجائون پنهنجو شاهاڻو شان رکندا هئا. اُن وقت ئي غواص هوندا هئا، جي مهراڻ مان سپون سوجهي، آبدار موتي آڻيندا هئا.
رگ ويد جي اِنهيءَ ساڳئي منڊل پهرئين ۾ سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه جي ساراهه کانپوءِ ڪي تڪون سندس راڻيءَ ”روماسا“ بابت آهن، جنهن جي پيءُ جو نالو ”برهسپتي“ هو، (رگ ويد، منڊل پهريون، 126، 6-7). انهيءَ راڻيءَ جو مٿي ذڪر ڪيل دان اُستتيءَ سان ڪوبه لاڳاپو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. اينهيءَ سبب مسٽر گرفٿ، جنهن رگ ويد جا ڪي منتر انگريزي نظم ۾ ترجمو ڪيا آهن، تنهن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي راڻي روماسا بابت شايد ڪو راڳ عام هو، جنهن جون تڪون رگ ويد ۾ اچي ويون آهن. اِنهن تڪن ۾ فقط ايترو ڄاڻايل آهي ته هڪ لڱا راڻي روماسا هڪ نئين قسم جو ويس وڳو پهري چيو ته ”هن ويس ۾ مان جهڙي گنڌارڻ (قنڌار ديس جي اِستري) پيئي ڀانئجان.“ جي نالي پٺيان ”گنڌار“ (قنڌار) سڏبو هو. راڻي روماسا جي مٿين لفظن مان ظاهر آهي ته اينهيءَ قديم زماني ۾ ئي سنڌ جي ماڻهن جي قنڌار طرف جي رهاڪن سان گهڻي لهه وچڙهه هئي، ۽ راڻي روماسا کي سڌ هئي ته اِنهيءَ طرف جون زالون ڪهڙي قسم جي پوشاڪ پهرينديون آهن، جنهنڪري اِئين چيائين ته ”هن ويس ۾ مان جهڙي گنڌارڻ پيئي ڀانئجان“. جيڪڏهن گنڌار جي زالن جي پوشاڪ جي سڌ نه هجيس ها، ته اِئين چوڻ جو خيال هرگز نه اچيس ها. هن مان ايهو به پتو پوي ٿو ته اُنهيءَ وقت سنڌ جي زالن جي پوشاڪ جو نمونو هڪڙو ۽ گنڌار طرف جي آرين زالن جي پوشاڪ جو نمونو ٻيو هو. اِهي نمونا ڪهڙا هئا، سورگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪونهي. اِنهيءَ هوندي به رگ ويد ۾ اُن وقت جي سڀيتا جو ٻيو ججهو ئي ذڪر آهي.
ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو حاڪم نه هوندو ۽ اَنڌ ڌنڏ سرڪار لڳي پيئي هوندي، ته ڏاڏا ماڻهو هيڻن کي ڦري ماري ويندا، بلڪه سندين زالون ۽ سڀ ملڪيت به کڻي ويندا، ۽ وقتي کين ڪهي پورو ڪري ڇڏيندا. اِنهيءَ سبب مهاڀارت جي شانتي پروَ ۾ چيل آهي ته ”اول ڪو راجا مقرر ڪري، ۽ پوءِ شادي ڪريو ۽ ڌن مال ميڙيو“. اسان به انهيءَ خيال تي اول راڄنيتي جوڙجڪ، ملڪي انتظام ۽ بادشاهتن جو ذڪر ڪيو آهي. هاڻ ماڻهن جي گهرو جيوت جو ذڪر ڪجي ٿو، ته سمجهڻ سولو ٿئي ته کيتيءَ جي هنر جاري ٿيڻ ڪري، جڏهن ماڻهو خانه بدوش ٿي گذارڻ بدران هڪ هنڌ ٿانئيڪا ٿي رهڻ لڳا، ۽ پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءَ سانگي گوترن جوڙڻ جو رواج وڌائون، تڏهن ڳوٺن ۽ گوترن اندر پنهنجي جيوت ڪيئن ڪاٽيندا هئا. سچي پچي تاريخ آهي ئي اها، تنهنڪري اها ڄاڻائڻ بلڪل ضروري آهي.
* "Looking to you, ye strong Gods! They marched east-wards, armed with broad axes and thirsting for spoil. Ye helped Sudas, and smote his Dasa and Arya enemies, O Indra and Varuna!" "Where strong men came together with their banners raised, where in the encounter there was nought favourable to us, where all looked up to the sky in terror, there ye spoke to us, words of comfort, O Indra and Varuna! Both sides invoked you. O Indra and varuna! In the fight for victory and wealth. Yet protected Sndas and the Tritsus assailed by the ten kings," Reg. veda VII, 83, 1,2 and 6 R.C. Dutt's Translation.
* Dr. Sita Nath Pradhan: Chronology of Ancient India, p. 175.
+ F.E. Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition, p. 223.
* John Wilson: India Three Thousands Years Ago, p.50.