نورجھان/04
سانوڻ جو مهنو هو: هنڌ هنڌ مينهن جا وسڪارا پئجي ويا هوا، رڻ پٽ ملڪ رجائجي ويا هوا. جيڏانهن نهار تيڏاهن زمرد رنگ جا غاليچا وڇائجي ويا هوا. بلبل گلاب جي گل کي ڏسي، مٺي من موهيندڙ للڪار سان ڳائي، گد گد پئي ٿي. ڪٿي پپيهي انب جي وڻ تي ’پيا ڪهان؟ پيا ڪهان؟‘ ڪري پئي پڪاريو. ڪٿي مور ڊيل ساڻ ڀري، سارنگ جي سهج منجهان سونهري کنڀ ٽيڙي، پئي جهمريون پاتيون. جتان ڪٿان هٻڪار پئي آئي، جنهن جان کي فرحت ۽ مغز کي تراوت ٿي ڏني. اهڙو خوش نماءُ ۽ سهڻو نظارو لڳو پيو هو، جو هر ڪنهن جي دل خوشيءَ وچان ٽپا پئي ڏنا. غريب غربا جي توڻ جي تنگيءَ کان اڪثر تنگدل هوندا آهن، سي به اڄ مؤج ۾ اچي ويا هئا.
آرتوار جو صبح هو. بادل جون بوندون پئي پيئون، ۽ ٿڌي فرحتي هير پئي لڳي. غياث بيگ جي زال ۽ سهڻي مهرالنسا سونيءَ پالڪيءَ ۾ چڙهي، شاهي محلات ڏي روانيون ٿيون. اُتي اَڄ جوڌٻائيءَ ٿڌڙي پئي ملهائي. ٻئي راڻيءَ سان کيڪاري، سندس ڀر ۾ ٿي ويٺيون. پر مهرالنسا ستت ئي اُٿي وڃي سرتين ڀيري ٿي. سڀن ٺينگ ٽپا پئي ڏنا ۽ راڳ روپ پئي ڪيا. مهرالنسا به موج ۾ اچي ويئي. ساهيڙين کان ستار وٺي، طرح طرح جا سر آلاپي، اوچتو ئي هڪ نهايت دردناڪ غزل ڳايائين، جو اهڙي خوش موقع تي بلڪل اَڻ سهائيندو پئي لڳو؛ پر تنهن هوندي به سڀني کان ’واه واه!‘ نڪري ويئي. مهرالنسا جي ساهيڙين کانسواءِ، اُن غزل جو ٻڌندڙ هڪ ٻيو شخص به هو، جو ڀر واري ڪمري ۾ ڇپ ڪيو ويٺو هو. ڀانيونٿا ته اُهو شخص ڪير هو؟ اُهو هو شهزادو سليم. سندس روح راڳ جي تڪ تڪ تي ريلا ٿي ڏنا ۽ سندس رڳن ساز جي آواز تي تنبوري وانگي ٿي تنواريو. مهرالنسا ستار ٿي وڄائي ته هو گد گد ٿي ٿيو، ۽ جي هن راڳ ٿي ڳايو ته شهزادي جي روح رقص ٿي ڪيو.
مهرالنسا غزل ڳائي رهي ته جوڌ ٻائيءَ ڳراٽڙي پائي چيس ته ”ڌيءُ! تنهنجي راڳ ته منهنجو من موهي وڌو آهي. تنهنجو آواز به بلبل جيان شيرين ۽ گهائيندڙ آهي. تو جهڙي ڌيءُ ته ڪنهن بختاور کي ڄمي؛ پر نڄاڻان تو جهڙءِ ٺاهوڪو ڀتار مليئي يا نه.“ مهرالنسا جي ماءُ منهن ورائي چيو ته ”راڻي! مڙسم رات ڳالهه ٿي ڪئي ته مهرالنسا جو مڱڻو علي قلي بيگ سان ڪجي ته چڱو. چئي ٿو ته هو ڏاڍو لائقن ڀريو مڙس آهي.“ جوڌ ٻائيءَ موڙو ڏيئي چيو ته ”علي قليءَ جهڙو اَڻ گهڙيو ڪاٺ سو مهرالنسا جهڙيءَ من موهڻيءَ کي ڪٿان وڻندو؟ گهڻوئي کڻي لائق ۽ بهادر هجي، پر حسن ۽ لطافت جي کيس ڪهڙي پرک يا قدر؟ آءٌ نٿي ڀانيان ته هننجو پاڻ۾ نينهن ٿي سگهندو.“ بيگم چيو ته ”بيشڪ، پر مڙسم سياڻو ۽ دورانديش آهي، جا ڳالهه کيس سهڻي نظر اچي سا اسانکي ڪرڻ حق آهي.“ راڻيءَ جواب ڏنو ته ”خبر نه آهي ته ڇو، پر مونکي اِها مائٽي بلڪل پسند نٿي اچي. خيال ته ڪر ته مهرالنسا جهڙي محبوبڙي علي قلي بيگ جهڙي رکي روح سان ڪئن جالي سگهندي؟“
مهرالنسا، جا شهزادي سليم جي خيال ۾ محو هئي، تنهن جو هيءَ مڱڻي جي ڳالهه ٻڌي سو سائي جهڙي ڀنگ ٿي ويئي، سندس ڳاڙهن ڳلن جو رنگ بدلجي خاڪ مثل ٿي پيو ۽ سندس سنڌر جهڙا چپ نيلا ٿي ويا. بدن مان طاقت ڇڏائي ويس ۽ اکين وڃي زمين ۾ کتيس، ۽ ائين پئي ڏسڻ ۾ آئي جو ڄڻ ته مٽيءَ جو پتلو آهي. نيٺ همت جهلي، اُٿي ڀر واري ڪمري ۾ گهڙي ويئي. اُتي پلنگ تي ليٽي پيئي ۽ نااُميديءَ جي اوڙاه ۾ غرق ٿي ويئي.
سليم مهرالنسا جي مڱڻي جي ڳالهه لڪي ويٺي ٻڌي. انهيءَ کيس اهڙو گهائي وڌو جو ڄڻ ته سيني ۾ تير چڀي ويو اٿس. پر جڏهن مهرالنسا کي ڪمري اندر گهڙندو ڏٺائين، تڏهن سندس محبت درياه مثل اُٿل ڪئي، ۽ پلڪ کن هنجي مڙني ڏکن کي ٻوڙي ڦٽو ڪيائين. پريڙيءَ کي پلنگ تي ليٽيل ڏسي گد گد ٿي ويو، ۽ آهستي آهستي ويجهو وڃي سندس پيرن تي ڪري پيو. مهرالنسا شهزادي کي اوچتو ايندو ڏسي، حيران ٿي ويئي ۽ اُٿي ٻاهر نڪرڻ جي ڪيائين؛ پر شهزادي جي ليلڙاٽين تي اُتي ئي ويهي رهي. ڳچ وقت تاءِ ته اَکيون اَکين ۾ کتيون پيئون هين ۽ زبان مان ڳالهائڻ نه اُڪلين. آخر شهزادي چيو ته ”معاف ڪج، جو اوچتو لنگهي آيو آهيان. ڀلائي ڪري، منهنجو عرض اُناءِ.“
مهرالنسا: ”ڇو اڄ صبح ساڻ هت پيا ڏسجو؟“
سليم: ”جڏهانڪر توکي ڏٺو اٿم، تڏهانڪر آرام ئي ڦٽي پيو اٿم؛ ۽ نيڻن ننڊ نه ڪئي آهي. توکان جدا روح کي راحت نه آهي. تنهنجي ديدار لاءِ پئي واجهايو اٿم. نيٺ اڄ کڻي خدا من جون مرادون پوريون ڪيون اٿم.“
مهرالنسا: ”شهزادا! ڇو اچي منهنجي پٺيان پيا آهيو“
سليم: ”توکي منهنجي درد جي چڱيءَ پر خبر آهي. دراوُن ته ڪونه ٿي ڪرين، اٽلو عتاب ٿي ڪرين! ڀلا، تو ڪو درد ڏٺو هجي ته درد وندن جو قدر پويئي.“
مهرالنسا: ”اَفسوس! منهنجون سڀ خوشيون ۽ فرحتون هڪ ڇن ۾ ناس ٿي وييون! توهين وڃي عيش عشرتون ڪريو، مون اَڀاڳڻ کي کڻي ڇڏيو. منهنجي مڱڻي جي ته ضرور گفتار ڪن پيئي هونديوَ؟”
سليم: ”مون ساري گفتگوءِ ويٺي ٻڌي. انهيءَ ڪري ته پاڻ وڌيڪ پريشان آهيان. پر تون فقط زبان سان هي اَکر ڪڇ’ته مان توکي پيار ڪريان ٿي،‘ ته پوءِ ڏس ته سڀ رنڊڪون ڪئن نه ٿو لاهي ڏيکاريانءِ.“
مهرالنسا: ”سو ته مون توهان کي پهرين ئي چيو هو ته ’آءٌ توهان کي دل و جان سان پيار ڪريان ٿي.‘ زالون ڪي مردن وانگر چلوليون ڪين آهن. هڪ واريءَ پيار ڪيائون ته عمر ڪين ڦرنديون. مرد ئي آهن جي زالن کي گويا رانديڪو ڪيو سمجهن. جئن نه هڪڙو رانديڪو ڦٽي ڪري ٻئي تي دل ٿيندي آهي، تئن هوُ به هڪڙي زال ڇڏيو وري ٻيءَ ڏي لاڙو ڪن.“
سليم ”تڏهن سچ ٿي چوين ته تون مونکي پيار ٿي ڪرين؟ منهنجي محبت رڳو وهم ڪينهي، منهنجو پيار بلڪل سچو ۽ ڳوڙهو ۽ هميشہ جٽاءُ ڪرڻ وارو آهي. منهنجيءَ جان ۾ مچ مثل پيو ٻري، ۽ نيچ خود غرض حرصن ۽ هوسن کي جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو اٿس. قبول ٿو ڪريان ته هيستاءِ پاڪ دامن نه رهيو آهيان. تنهنجو سبب اِهو هو جو سچي محبت کان غافل هوس. پر توکي ڏسڻ شرط منهنجي دل ۾ نهايت اعليٰ خيال اُتپن ٿيڻ لڳا آهن. پهرياءِ پڻهين کي منٿ ڪندس ته تنهنجو مڱڻو رد ڪري، پر جيڪڏهن قبول نه ڪياءِ ته بابي کي چئي اِهو ڪم ڪئن به ڪرائيندس.“
مهرالنسا: ”توهانکي بابي جي طبيعت جي برابر خبر نه آهي. ڪن ڳالهين ۾ هو بلڪل مدمغ ۽ هوڏي آهي. مونکي ته ڪابه اُميد ڏسڻ ۾ نٿي اچي.“
سليم: ”پر ائين ڪئن ٿيندو؟ تو کانسواءِ منهن جي زندگي عبث آهي. ڪئن به ڪري توکي پنهنجي هٿ آڻيندس. هيءَ ساري سلطنت وڃي ته وڃڻ ڏينس، پر توکي پاڻ کان پري ٿيڻ نه ڏيندس. توساڻ دوزخ به بهشت آهي، ڇو ته تون منهن جي زندگيءَ جي نور ۽ جيءَ جو جياپو آهين.“
مهرالنسا: ”پر ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته قضا ٻي سٽ سٽي آهي، ڇو ته توهين جلد ئي بادشاه ٿيندا، ۽ پوءِ شڪ اٿم ته مونکي وساري ڇڏيندا. پر آءٌ يقين سان ٿي چوان ته آءٌ توهانکي موُر نه وسارينديس.“
سليم: ”ڇا؟ توکي وساري ڇڏيندس؟ جي وس پڄيم ته دل کولي ڏيکاريانءِ ته ڪئن نه تنهن جي مورت اُتس اُڪري پيئي آهي.“
مهرالنسا وراڻي ڏيڻ تي هئي ته اوچتو دروازو کلي پيو، ۽ ماڻس ڌوُ ڌوُ ڪندي اندر گهڙي آئي ٻنهي کي گڏ ويٺل ڏسي، اهڙو جوُلان کڻي ويس جو هڏ هڏ پئي ڏڪيس، ۽ اَکين مان اُلا پئي نڪتس. ٿورو اَڳڀرو ٿي چياءِ ته ”شهزادا! هاءِ افسوس! تنهنجو فرض آهي ٻين کي چڱو مثال ڏيڻ؛ سو تون پاڻ ويٺو آهين منهنجيءَ ڀورڙيءَ ڌيءُ سان ڏينهن ڏٺي جو هٿ چراند ڪرڻ! واه! واه! چڱو پنهن جو شان رکيو اٿيئي!“ سليم چيو ته ”بيگم! مهرباني ڪري منهنجي ڳالهه ته ٻڌ.“ پر بيگم ورندي ڏني ته ”هٿ جي ڪنگڻ کي ڪهڙي آرسي؟ مهرباني ڪري، زبان بند رک. هن بيجاءِ هلت جو ڪوبه عذر ڏيئي نٿو سگهين.“
ائين چئي مهرالنسا کي ٻانهن کان گهليندي، راڻيءَ وٽ آئي ۽ زار زار روئي، چياءِ ته ”راڻي! دنيا بديءَ سان ڀري پيئي آهي. اِشرافت ۽ پاڪدامنيءَ جو ڪو قدر ڪونهي. هن منهنجي ندوريءَ ڌيءُ ڀر واري ڪمري ۾ آرام ويٺي ڪيو ته شهزادو سليم وڃي اوچتو مٿانس ڪڙڪيو. آءٌ وڃان ته ڏسان ته ٻئي هڪ ٻئي سان رهاڻيون پيا ڪن. هي آهن پٽهن جا حال. هاڻ جئن توکي سهڻي نظر اچي تئن ڪر.“ راڻيءَ گهڻي افسوس سان جواب ڏنو ته ”منهن جو سليم اڃا جوانيءَ جي اَنڌ ۾ آهي، پر هروڀرو ويل ڪينهي. يقين ڄاڻج ته سندس انهيءَ بدچال جو جوڳو تدارڪ ڪيو ويندو. پر ڀلائي ڪري، ڳالهه ڪنهن سان نه ڪج.“ بيگم چيو ته ”مان تنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر هلنديس. ڳالهه کي ڳجهي رکڻ مان اُٽلو منهنجيءَ ڌيءُ جو فائدو آهي.“
پوءِ بيگم راڻيءَ کان موڪلائي، اُٿڻ تي هئي ته مهرالنسا راڻيءَ جي پيرن تي ڪري، ليلائي چيو ته ”رحمدل راڻي! منهنجي وينتي ٻڌ. يقين اٿم ته تنهنجي دل منهنجي مائٽن جهڙي سخت نه آهي. سليم مونکي دل و جان سان پيار ٿو ڪري، ۽ آءٌ به کيس ائين ئي پيار ٿي ڪريان. خدا گواه آهي ته مونسان ڪابه بيجاءِ هلت نه ڪئي اٿس. معاف ڪجانءِ جو هئن لڄ لاهي، پنهنجيءَ محبت جو اظهار ڪيو اٿم. پر لاچاريءَ ۾ ڪي به روا آهي. آءٌ وري وري ٿي چوان ته شهزادي کي سچيءَ دل سان پيار ٿي ڪريان. آءٌ توکي ڳچيءَ ۾ پلاند پائي، منٿ ٿي ڪريان ته هيءُ گهنگهر جو منهنجي مائٽن مونلاءِ سٽيو آهي، تنهنکان مونکي آجو ڪر. علي قلي بيگ سان منهنجي اُلفت موراهين نه ٿيندي. تو به هميشہ سڳيءَ ماءُ جيان منهنجي سار لڌي آهي. هيءَ واهر جي ويل اٿيئي. همٿ ڪري هن اوڙاه مان ڪڍينم.“
هي حرف ٻڌي ماڻس جا ڏند چپن سان لڳي ويا. ڌيءُ کي ڀونڊو ڏيئي چيائين ته ”ڇوري ندوري! انهيءَ کان ته هوند بيابان ۾ مري وڃي ها ته چڱو.“ پر مهرالنسا جي ليلڙاٽين راڻيءَ جي دل ڀڄائي وڌي. هڪل ڪري چياءِ ته ”بيگم! هروڀرو ايڏي ڪاوڙ؟ جي ويچاريءَ مهرالنسا پنهنجي اندر جو حال مونسان اوريو ته انهيءَ ۾ ڪهڙي اربع خطا ڪيائين؟ ڇو، منهنجي ڌيءَ نه آهي؟ توکي ڀلا ڪهڙي سڌ ته سچي محبت ڪهڙي شيءِ آهي؟ هاڻ ڇڏ انهيءَ قصي کي. مونتي ڪري رک ته سڀ چڱي ٿي پوندي. مهرالنسا! تون دل نه لوڙه. آءٌ تنهنجو ڪم پنهنجو ڪري سمجهنديس. تنهنجي سک لاءِ ترت اُپاءُ ڪنديس.“ پوءِ مهرالنسا ۽ ماڻس راڻيءَ کان موڪلائي گهر روانيون ٿيون.
شام جي وقت، شاهي محلات ۾ شمعن ۽ هنڊين جي جهرمر لڳي ويئي. اُنهنجي روشنائيءَ تي سفيد سنگ مر مر جي پٽ جهلڪا پئي ڏنا. آس پاس مر ۽ لوبان مجمرن ۾ پئي ٻريا، جنجي سڳنڌ ۽ سرهاڻ مغز کي تراوت ٿي ڏني. اڪبر اڄ ڏاڍو سرهو ٿي ڏٺو. سڀني ساڻ کيڪاري، جوڌ ٻائيءَ جي ڀر ۾ ٿي ويٺو. پر راڻيءَ کي مايوس ڏسي، پڇيائين ته ”ٻيو ته مڙيوئي خير آهي؟“
جوڌ ٻائي: ”هائو، مڙيوئي خير آهي، پر دل تي هڪ ڳالهه اٿم جنهن متيون ئي منجهائي ڇڏيون اٿم.“
اڪبر: ”ڪهڙي آهي اها ڳالهه؟ جلد ٻڌاءِ. توکي مايوس ڏسي، مونکي الائي ڇا ٿو ٿئي.“
جوڌ ٻائي: ”مهرالنسا، مرزا غياث بيگ جي نياڻي، ته ڏٺي هونديوَ. قصو ڪوتاه، ته اسانجو سليم مٿس عاشق ٿي پيو آهي.“
اڪبر: ”انهيءَ ۾ ڪهڙو عجب؟ مهرالنسا اهڙي موهڻي آهي جو جيڪر ملائڪ به مٿس عاشق ٿي پون. راڻي ٿي، راڄ ڪرڻ جي هوءَ هر طرح لائق آهي. توکي ته پاڻ خوشي ۽ فخر ڪرڻ گهرجي، جو اهڙي ننهن ٿي مليئي. مونکي اها ڳالهه بلڪل پسند آهي، ۽ پڪ اٿم ته توکي به وڻي ٿي.“
جوڌ ٻائي: ”هت فقط اسان جي پسنديءَ جي ڳالهه ڪانهي،. ٻين ڪيترين ڳالهين جو خيال ڪرڻو آهي.“
اڪبر:”سچيءَ محبت اڳيان سڀ ڳالهيون آسان آهن. عشق اهڙي عجب چيز آهي، جو رڪ کي به ڳاريو پاڻيءَ جهڙو نرم ڪيو ڇڏي. ياد اٿيئي ته جڏهن مان تنهنجي دام ۾ گرفتار ٿيو هوس، تڏهن ڪنهن ٿي ڄاتو ته تنهنجا مائٽ مون ساڻ تنهن جي شادي ڪرائيندا؟ پر ڏٺءِ ته پيار جي آڳهه ڪئن نه هٿ ڪيو مانءِ. اميد ته سليم به اهڙيءَ ريت مهرالنسا کي پنهنجي وس آڻي سگهندو. پر مونکي ته سليم ۾ ٽپڙ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. عيش عشرت جو سو ڪوڏيو گهڻوئي آهي، باقي ٻيو ٿيو ڀلو.“
جوڌ ٻائي: ”جوانيءَ جي جوش ۾ آهي، پر دل بڇڙي نه اٿس. مونکي وڏي اميد آهي ته مهرالنسا سان شادي ڪرڻ ڪري سندس حياتيءَ ۾ گهڻي تبديلي ٿيندي.“
اڪبر: ”تحقيق، محبت هڪ عجيب چيز آهي. محبت جي ڪيميا ٽامي کي زرين ۽ تلخيءَ کي شيرين، ڦاهيءَ کي تخت ۽ آهيءَ کي بخت، نار کي نور ۽ ديو کي حُور، بيماريءَ کي صحت ۽ قهر کي رحمت، مردي کي زندو ۽ شاه کي بندو بنايو ڇڏي.“
جوڌ ٻائي: ”سچ، پر سليم توهان وانگر نه آهي، جو هڻي وڃي هنڌ ڪندو. اسين جي مدد نه ڪنداسونس، ته مشڪلاتون هڻي منجهائي رکنديس.“
اڪبر: ”مونکي ته ڪابه مشڪلات نظر ڪانه ٿي اچي. مهرالنسا ڪنهن جي محبت ۾ ڦاٿل آهي ڇا؟ جي ائين آهي، ته آءٌ ڪي به ڪري نه سگهندس. پر سمجهانٿو ته مهرالنسا سليم کي پيار ڪرڻ کان پاڻ روڪي ڪين سگهندي؛ ڇو ته هو به جهڙس ئي سهڻو ۽ من موهڻو آهي. آهن سي ٻئي هڪ ٻئي جا لائق.“
جوڌ ٻائي: ”مهرالنسا ته سليم جي نالي تي نهال آهي. ماءُ اڳيان پنهنجيءَ محبت جو منجهه مون سان کوليو اٿس. اڃا اڄ سليم سان ڳجهون رهاڻيون ڪيون اٿس. آءٌ سمجهان ٿي ته هن کان اڳ به ضرور پاڻ ۾ گڏيا هوندا.“
اڪبر: ”جي ائين آهي، ته پوءِ ڪهڙي مشڪلات درپيش آهي؟ مونکي يقين آهي ته مرزا غياث بيگ کي ڪو اعتراض ڪونه هوندو.“
جوڌ ٻائي: نه، نه غياث بيگ کي اعتراض آهي هن مهرالنسا جو مڱڻو علي قلي بيگ سان ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اهڙو هوڏي آهي جو پنهنجو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ رد نه ڪندو.“
اڪبر: ”تڏهن ڀلا، تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟
جوڌ ٻائي: ”مرزا غياث بيگ کي توهين قبول ڪرايو.“
اڪبر: ”آءٌ مرزا غياث بيگ کان زوريءَ ڪوبه ڪم نه ڪرائيندس. نه فقط ائين؛ آءٌ مورڳو اِها ڳالهه به ساڻس نه چوريندس. پر تنهنجي جي هروڀرو مرضي آهي، ته کڻي ڪچهريءَ ۾ اهڙو اشارو ڪندس جنهن مان معلوم ٿيندو ته جيڪڏهن سليم ۽ مهرالنسا پاڻ ۾ شادي ڪندا ته آءٌ بلڪل ارهو نه ٿيندس. پر هاڻ ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي. اچ ته ڪو وقت فرحت ۽ خوشيءَ ۾ گذاريون.“