Jump to content

پھاڪن جي حڪمت/باب پهريون/ڀاڱو ٻيون/فصل پهريون

From Wikisource
پھاڪن جي حڪمت (1925)
by مرزا قليچ بيگ
فصل پهريون - عربي پهاڪا
320066پھاڪن جي حڪمت — فصل پهريون - عربي پهاڪا1925مرزا قليچ بيگ

تمام چڱي جنگ پنهنجي نفس سان آهي.
ڪبوتر خاني جي ڪنجي ٻليء کي ڏيئي ڇڏڻ.
جيڪي ڪپڙا ٻين ڪي ڍڪڻ لاءِ ٿا ڏجن سي پنهنجن ڍڪڻ جي ڪپڙن کان وڌيڪ جٽاءُ ٿا ڪن.
دولتمن بخيل مينهن کان خالي ڪڪر جي مثال آهي.
پهاڪا ڪلام ۾ جا ڏيا آهن.
تِرياق جي اچڻ کان اڳي نانگ ڏنگيل مري وڃيٿو.
عبادت دين جو ٿنڀ آهي.
ٻليء جي دعا قبول نٿي پوي.
حياتيء جو سڀڪو ڏينهن ماڻهوءَ جي تاريخ جو هڪڙو ورق آهي.
ڪنڊن وارا وڻ کونئر پيدا ٿا ڪن.
پيٽ ماڻهوءَ جو دشمن آهي.
ڪاوڙ اندر جي باھ آهي.
ڪاوڙ جو علاج ماٺ سان ڪر.
شل ڪنهنکي به خدا ٻن اکين وارو پاڙيسيري نه ڏئي.
سڀ کان وڏي حڪومت نفس تي يا ڪاوڙ تي حڪم هلائڻ آهي.
پڙهيل ماڻهو مشغوليءَ کان سواءِ اهڙو آهي جهڙ ڪَڪر مينهن کان سواءِ.
دنيا ڍونڍ آهي ۽ جيڪي انهيکي ڳولين ٿا سي ڪتا آهن.
گڏھ سنڱن لاءِ ويو پر ڪَنَ به ڪپائي آيو.
خواهش کان پري رهڻ دولت آهي.
ڪانگ سونهون هوندو ته هلي ڪتن جي ڍونڍن تي بيهاريندو.
ٻن سهن کي ڊوڙائي وٺڻ مشڪل آهي.
جي دل انڌي آهي ته اکيون ڪهڙي ڪم جون؟
ٻرندڙ شمع تي پرواني وانگي.
خراب دوست لوهار وانگي آهي جو توکي باھ سان نه ساڙيندڙ ته دونهي سان هلاڪ ڪندو.
کوھ ماڪ سان ڪين ڀريو.
اڇا وار موت جا قاصد آهن.
ٻڍاپي جي گنڀرائي جوانيءَ جي چالاڪيءَ کان چڱي آهي.
رڇ کان ڀڄندي کڏ ۾ وڃي ڪريو.
بيحيا زال ڄڻ ته لوڻ کان سواءِ کاڌو آهي.
رڙيون ڪندڙ ٻلي ڪوئا ڪين ماريندي.
مسڪين ماڻهو صبر کان سواءِ تيل کان سواءِ ڏئي وانگي آهي.
جيڪو نانگ جو ٻچو پاليندو سو نيٺ انهي کان پاڻ ڏنگائيندو.
چڱو گهوڙو به ٿاٻو کائيندو، چڱو ڪپ به مُڏو ٿيندو.
جن شين کي سسيءَ کان وٺي نه سگهين تنکي پڇ کان وٺ.
وقت يا وجھ ڪڪرن وانگي لنگهي وڃن ٿا.
ٺريل لوھ کي مطرقن هڻن مان ڪهڙو فائدو؟
تونگر بخيل مفلس ماڻهوءَ کان به غريب آهي.
ڪتي جي ڀؤنڪ تي وڃجي پر گدڙ جي اونائڻ تي نه وڃجي.
جيئن گهڻي اميد رکندين تئين وڌيڪ تڪيلف ڏسندين.
فڪر کان خالي دل، ڀريل کيسي کان چڱي آهي.
هنجو نڪ آسمان ڏي آهي، هنجون ٽنگون پاڻيءَ ۾ آهن.
دولت ڪم اچڻ ڪري گهٽجي ٿي، ڏاهپ ڪم اچڻ ڪري وڌي ٿي.
ناداني تمام وڏي مفلسي آهي.
بي ڊؤلي شيءِ جو ڇو به بي ڊؤلو آهي.
همت کان سواءِ ڪو به مذهب ڪونهي.
پرهيزگاري هڪڙو وڻ آهي جنهنجي پاڙ قناعت آهي ۽ ڦر آرام آهي.
صبر خوشيءَ جي ڪنجي آهي.
ڏينهن رات جو ڊپ گم ڪيو ڇڏي.
جڏهن سندان هجين تڏهن صبر ڪر جڏهن مطرقو هجين تڏهن ڌڪ هڻ.
هنجو مٿو مٽيءَ ۾ آهي ۽ پڇ آسمان ڏي.
دنيا ئي خوشين کان پوءِ نفساني خواهشون ڇڏڻ عمدو روزو آهي.
شينهن کان ڀڄڻ کان پاڻ کان ڀڄڻ وڌيڪ ڪمائتو آهي.
توبھ جو عمدو ڀاڱو آهي ٿورا گناھ ڪرڻ.
توبھ جا ڳوڙها ٿڌا آهن ۽ اکين کي ٺارين ٿا.
چڱي ماکي خراب ٿانو ۾.
ڪمان ڏنگي آهي ته به تير سنئون نشان تي ٿي هڻي.