ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير مراد صوفي/05
Appearance
(1)
سرتيون سـِـڪي ساهه، پڻ عينَ اُداسي اُنَ ري،
پسڻ خاطر پـِـر جي، روز نهاريان راهه،
وٺي محب ”مراد“ چئي، ويا آرياڻي ارواح،
آڻين شال الله، ته ڏسيو لاهيان ڏکڙا.
(2)
حجت حبيبن سان، ڪاڻياريون ڪئن ڪن،
جن حق نه رکيو هوت جو، سي ڇو دعوا دم هڻن،
ڪهڙو منهن ”مراد“ چئي، وٺي ڪيچ وڃن،
شل اَوَڳـُـڻَ ڳـَـڻَ نه ڪن، پوي ٻاجهه ٻروچ کي.
(3)
اُٿي سنبهه سسئي، پير پنهوءَ جو پـَـسُ،
تان ڪـِـي ڏورج ڏونگرين، جان ڪي لڳئي وَسُ،
موٽج ڪـِـيم ”مراد“ چئي، ڇڏي گونگن[1] گـَـسُ،
مـَـنَ ڪو ڏيئي ڏَسُ، سـُـونهون اِنهيءَ ساٿ جو.
(4)
وَڻ وَڻ هيٺ نه ويهه، مرندينءَ ڪين ”مراد“ چئي،
توڪل جا تنبو اَڏي [2] ڇـُـلي ڇپر پيهه،
ڏونگر تنهنجو ڏيهه، لوچ ته لهين پـِـرُ کي.