Jump to content

ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير مراد صوفي/14

From Wikisource

(1)
چاڪـِـي چـِـتُ ”مراد“ ڪري، گهاڻو من گهماءِ،
ساري سـُـرت نـِـرت جا، ڏينهڪ ڏاند وهاءِ،
تـُـهه تاري ڪڍ تـَـنَ مؤن، سـِـرهه صاف پيڙاءِ،
تهان پوءِ تون لاءِ، لڱين تيل لقاءَ جو.

(2)
ڪر ڪبوتر روح کي، دل پڃري پارينس،
سـِـرهه صاف سـُـرت جي، چـُـوڻي چـِـت وارينس،
پاڻي پاڪ پريت جو، پلپل پيارينس،
هـُـو ۾ محو ”مراد“ ڪري، ٻي وائي وسارينس،
سا ڪا بازي سيکارينس، جنهن سان وڃي وحدت ۾ پوي.

(3)
نـِـڪر ”نانهن“ ڪلهي ڪري، وِڄا سڀ وِڃاءِ،
رياضت جا روح ۾، فڪر ڪر فناءِ،
حال هلي حيرت سين، تون منهن مهندا پاءِ،
عدم منجهان ”مراد“ چئي، ڪنهن کي رسي نه ڪاءِ،
هت ٻـِـئي جي جـُـڙي نه جاءِ، ٿو پاڻ سڃاڻي پاڻ کي.

(4)
نـِــِـڪر ”نانهن“ ڪلهي ڪري، ڇڏ تعين تات،
هليو وڃ حيرت ۾، جتي ڏينهن نه رات،
عدم منجهه ”مراد“ چئي، جهت ڪانهي جهات،
نفي نڪو اثباب، ٿو پاڻ سڃاڻي پاڻ کي.

(5)
تنهن کي سـَـل مَ سور، جنهن کي سڌ نه آهي سـُـور جي،
جنهن کي گهاءُ نه آهي گهٽ ۾، ڀڄ تنهن کان ڏور،
جي وهم پريان جي وڍيا، رهج تن حضور،
هيءُ اَٿـِـي محبت مـُـور، ”مـُـوتـُـوا“ ٿي ”مراد“ چئي.

(6)
هـِـتون لوڀي من! لڏي، وڃي پاڙي ويهه پرين جي،
پکا پکن سامهون، اوڏا ويهه اڏي،
موٽي ڇيڪ ڇڏي، توکي شال ڇڏيندا ڪينڪي.

(7)
هـِـن تـَـن ۾ من!مَ ويهه، جو آهي چوڪس چلهه چورن جي،
ٺڳندءِ ٺڳيءَ سان، اَٿئي ٺڳ ٺڳن جو ڏيهه،
انهيءَ مهل ”مراد“ چئي، وڃي پکي پـِـرَ جي پيهه،
سندءِ سو ساڻيهه، جنهن ۾ وار ونگوئي نه ٿئي،

(8)
رهزن نفس نفيءَ سان، توڻي ڪوڙين ڪارون ڪن،
توءِ گڻ ڏسي اوگڻ ڪري، ڏئي ڏهاڙيون ڏک تن،
تنهن کي مار ”مراد“ چئي، جيئرو ڇڏ مَ ڇـَـن،
سا ٻيلهه کڻي وجهه ٻـَـن، جنهن مؤن جيءَ جوکو ٿئي.

(9)
توکي معلوم سڀڪي، منهنجو حال حبيبَ،
چئي چونديس ڪيترا، اوڳڻ آءٌ عجيبَ،
پنهنجو قرب ڪريج تون، مون سان ڪرم قريبَ،
جو تو ريءَ تـَـنَ طبيبَ، ٻيو ڪونهي مور ”مراد“ چئي.

(10)
اديون مون گهر عيد ٿي، آيم اڄ عجيبَ،
ٿي سـَـرهائي ساهه کي، لڌي ڪـَـرَ قريبَ،
پسي حال حبيبَ، ڪيو مون تي مهت ”مراد“ چئي.

(11)
اوڏِي ٿيان نه اَرٽِ، ڪاڻ ڪوريءَ جي نه ڪڍان،
هڪ پڇن پڃارن کي، ٻيو هر هر وڃن هـَـٽِ،
مـَـٽينديون ”مراد“ چئي، کوٿ جنهين جي گهٽ،
وَرَ منهنجي وَٽِ، ڪمي ناهه ڪَپَڙَ جي.

(12)
پهرين ماءُ جي پيٽ ۾، جڏهن هـُـئڙين نـُـطفو نير،
پاري تنهن پيدا ڪيئين، وجهي ساهه سرير،
تو هون مهند ”مراد“ ڪيو، تنهن رَت رڳن مون کير،
جو اهڙي سـُـک سـُـڌير، سو ڪيئن ڇڏيندءِ قوت ري!

(13)
جان ڪر منهنجي جيءَ کي، لڳي عشق لپاٽَ،
تان ڪر هـَـڏ حرام ٿي، نيڻين ننڊ نِپاٽَ،
صبـُـر سـِـڪ وڃائيو، ويٺي پـَـسان واٽَ،
اکين اُڃ اُساٽَ، اچي وَٽـِـي ڏيج وصال جـِـي.

(14)
ويچارا وِرسيا، ويهي ڏيئي وَٽ،
مهندان مرُليڌر جي، پاڻ هڻن ٿا پـَـٽ،
موٽي مهاڏيو ڏي، ڪن سوالي سـَـٽ،
سو گـَـهڙي نه پسن گهـَـٽ، جنهن ۾ محب ”مراد“ چوي.

(15)
جتي سوئي ڄاڻ، جنهن جي جويون ڏين شاهدي،
تنهن سـَـتَ ڀـَـريي سورهيه جي، ويهي ڪن واکاڻ،
سائين جـَـهين ساڻ، تنهن کي مهت ”مراد“ چوي.

(16)
جئن اُٺَ ناڪيري نڪ ۾، ۽ جـَـت هٿ مهار،
اٿي، ويهي ۽ هلي، سر تي کڻي بار،
جو جيڏهن تاڻي تنهن کي، تڏنهن ترت تيار،
تئن وس وڃي پيو يار، منهنجو من ”مراد“ چوي.

(17)
جيلهائي هٿ ڪري هاري، تيلها ڪـُـني ٿي ڪارِي،
ڄر ڄراٽيو ڄندڙو، سڀ عمر سارِي،
ڏهاڙي ڏويـِـن جـِـي، ٿـِـي مارَ جهلين مارِي،
مري ٿـِـي ”مراد“ چئي، سکي قرارِي،
ڇو ڏاگهه چڙهين ڏارِي، ڀڄ ته ڇـُـٽين باهه کان.

(18)
طوطا توکي ڪهڙو، اندر قيد قرار،
آءُ اُڏام ”مراد“ چئي، هت ماريندءِ منجهار،
هيڪر هندستان جا، جي پـَـسين باغ بهار،
ته موٽي سڀ ڄمار، پير نه ڏئين پـِـڃري.

(19)
سو[1] ساءُ مـَـٽايو سڄڻا! ڪو جو واڻون واءُ،
ياري[2] يارن کان وئي، مٽي مـِـٽَ نه ڪاءُ،
پـُـٽ نه وڻي پيءُ کي، ٻيو ڀائن ڇڏيو ڀاءُ،
سـُـوجهي سڀ ڪنهن جو، جان لڌوسين تر ڀاءُ،
ته هڪ ڌڻي! تو ڌاراءُ، ٻي ڪانهي ماڙ ”مراد“ چئي.

(20)

منهنجا مـِـٺا چـِـتَ وٺڻا، دل جا دغا بازَ،
جن کي عادت عداوت جي، ٻـِـي هڏ نه ڄاڻن هاجَ،
پر پٺ گوز گلا جا، منهن تي ڪن ميٺاج،
جن جا اهڙا ڪـُـوڙا ڪاجَ، تن کي مـُـور نه پـَـس ”مراد“ چئي.

(21)
ٻـَـن حلوا هالار جا، ور پـَـکن جي پـَـت،
جي سڄڻ هونِ سنگت، ته ڏکيا ڏينهن نه ساريان.

(22)
ور پـُـسـِـي پدمات جـِـي، ٻن حلوا هالارَ،
جي هونِ هيڪاندا يارَ، ته ڏکيا ڏينهن نه ساريان.

(23)
ويا هـَـنجهه هـَـلي، آيا ڪانءَ ڪـُـنبن تي،
مورن جي، ”مراد“ چئي، مـُـرن جاءِ جهلي،
چـِـٻن سان چـُـلي، ٿي مـَـينا مقالون ڪري!

(24)
باري پروردگار ڪيا، وڻ ڪامل ڪڪاڙين جا،
ٽاريون ٽالپرن جون، ٿيڙيون باغ بهار،
سي مـَـرڪن شال ”مراد“ چئي، سنڌ صوبي سردار،
جن کي ڏنو ڏيهـُـه ڏاتار، مر کائن خانَ خوشيءَ سان.

(25)
ٽاريون ٽالپرن جون، پرور پوکايون،
دائم تنين دعا جو، اسين پاڻي ٿا پايون،
سي سدائي سايون، جن جي مدد محمد ”مراد“ چئي.


  1. پسو (ب).
  2. سو ياري (ب).