ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/مرتب پاران
سنڌي ادبي بورڊ طرفان مون کي ڪنڊڙي (تعلقي روهڙي) جي درويشن جي ڪلام جمع ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني ويئي هئي. ڪيتري عرصي کان تمنا هئي ته انهن جي ڪلام کي جلد مرتب ڪري پيش ڪيو وڃي، پر حالات جي ناساز گاريءَ سبب ترتيب ۾ دير پوندي رهي. ان جو وڏو سبب اهو هو ته مٿين بزرگن جو ڪلام هر جاءِ تي منتشر حالات ۾ دستياب ٿيندو رهيو، ان جي ترتيب ڪا آسان ڳالهه نه هئي. ”بياض خادمي“ فقير روحل ۽ فقير مراد جو سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام ڪنهن حد تائين ملي ويو. اهو ساڳيو ڪلام سکر جي هڪ ڪتب فروش، هريسنگهه به ڇپايو هو (فقير مراد جي سنڌي ڪلام کان سواءِ). ”تذڪره“ جي ترتيب وقت، فقير غلام علي ”مسرور“ وٽ فقير روحل ۽ فقير مراد جو گهڻيءَ حد تائين ڪلام موجود ڏٺو هوم. منهنجي دوست سانوڻمل، رٽائرڊ سپروائيزنگ تپيدار ڏهرڪي وٽ فقير صاحب جي مڪمل ڪلام جي موجودگيءَ جو اطلاع ٿي ٻڌم. مگر ان صاحب وٽان به ڪجهه جزوي ڪلام ئي ميسر ٿي سگهيو.
مئي 1956ع ۾، هڪ ڏينهن صبح جي وقت جيئن آءٌ فقير صاحب جي ڪلام جي ترتيب ۾ مشغول هوس، تيئن اوچتو هڪ غريب شخص، جنهن جي ڪپڙن ۾ ڪيئي پيوند هئا، مون وٽ آيو. سندس وار خاڪ آلود هئا ۽ منهن ۾ ڪيئي جهريون پيل هيس، جن مان سندس عمر جو اندازو آسانيءَ سان لڳي ٿي سگهيو. هن مون کان سوال ڪيو ته ”اوهين ڪنڊڙيءَ جي درويشن جو ڪلام گڏ ڪري رهيا آهيو؟“ منهنجي اثباتي جواب تي هن وعدو ڪيو، ته هو منهنجي خاطرخواهه مدد ڪندو. پوءِ هو هليو ويو.
سندس انتظار ڪندي مهينو گذري ويو، پر هو نه موٽيو. مون سندس وعدي کي هڪ اتفاقي حقيقت سمجهيو. هو وسري چڪو هو، جو وري جون جي آخري هفتي ۾ اچي نڪتو. سندس هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو، جو مون کي ڏيئي ويو. مان ڀيٽڻ کي لڳي ويس ۽ ڪافي ڪلام هٿ آيم. پوئين دفعي جڏهن ڪتاب کي واپس وٺڻ آيو، تڏهن پنهنجو اصلي نالو لڪائي، فقط ”بيراڳي“ ٻڌايائين. مان ان اجنبيءَ جو، جو ڏسڻ ۾ ته واقعي ”بيراڳي“ هو، بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن کان روحل فقير جي هڪ ناياب سي حرفي ۽ ڪجهه ڪافيون، ۽ مراد فقير جو عشقيه ڪلام ۽ جهولڻو حاصل ٿيا. جيڪڏهن حياتي مستعار رهي ۽ هيءَ ترتيب شايع ٿي ويئي ۽ هو موقعي تي آيو، ته پنهنجو پورهيو ان جي سامهون ضرور پيش ڪندس.
مون کي هن حقيقت جو بيحد افسوس آهي، ته جي به مسودا مليا آهن، انهن ۾ ڪجهه نه ڪجهه غلطيون ضرور موجود هيون. مراد فقير ۽ روحل فقير جي سنڌي ڪلام جو ڪجهه حصو مسٽر بولچند ”سنڌو“ رسالي ۾ به ڏنو هو، جنهن جي گڏ ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪئي هيم. آخر ۾ مان پنهنجي ڪرم فرما، سيد عبدالحسين شاهه موسويءَ جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن پڻ هن ڏس ۾ ڪافي مدد ڪئي اٿم.
بهرحال، سنڌ جي هنن ٻن عارفن جي ڪلام کي يڪجا ڪيو اٿم. شايد سندن ڪلام جو ڪو حصو اڃا به مون تائين نه پهتو هجي، جيڪڏهن اهو حاصل ٿي ويو، جنهن جي گهٽ اميد آهي، ته پوءِ ٻئي ايڊيشن ۾ ان کي شامل ڪيو ويندو. سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام جي طباعت کان پوءِ، هندي ڪلام کي ترتيب ڏني ويندي. اميد آهي ته منهنجي هيءَ ڪاوش سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن وٽ مقبوليت حاصل ڪندي.
شڪارپور 14 - آگسٽ 1961ع
لطف الله بدوي