Jump to content

گليور جو سير ۽ سفر/ڀاڱو پهريون/باب پهريون

From Wikisource
گليور جو سير ۽ سفر (1969)
جوناٿن سئفٽ (1667 - 1745), translated by مرزا قليچ بيگ
باب پهريون : گليور ڪيئن قيد ٿيو
جوناٿن سئفٽ (1667 - 1745)319990گليور جو سير ۽ سفر — باب پهريون : گليور ڪيئن قيد ٿيو1969مرزا قليچ بيگ

منهنجي پيءُ کي ناٽنگهام شائر ۾ هڪڙي ننڍي جائداد هئي. آءٌ سندس پنجن پٽن مان ٽيون هوس. چوڏهن ورهين جي عمر ۾ آءٌ ڪيمبرج جي مدرسي ۾ ويس، جتي ٽي ورهيه رهيس، ۽ ڏاڍي محنت ڪري پڙهيس. جڏهن بابو مون کي وڌيڪ وقت لاءِ اتي رکي نه سگهيو، تڏهن آءٌ ڪاليج ڇڏي لنڊن ۾ وڃي سرجن يا ڊاڪٽر ٿيس. اتي مون کي گهڻو فائدو ڪونه ٿي پيو، تنهنڪري هڪڙي جهاز تي وڃي ڊاڪٽر ٿيس، ۽ هڪڙي _ ٻه سمنڊ جي مسافري ڪري موٽي لنڊن ۾ آيس، ۽ ڳچ وقت تائين اتي رهجي پيس. پهرين ته مون کي ڪمائي گهڻي هوندي هئي، پر نيٺ اها گهٽجي ويئي، تنهنڪري مون وري ارادو ڪيو ته ڪنهن درياهي سفر تي وڃان. آءٌ ٻن جهازن ۾ ڊاڪٽر هوس، ۽ ڇهن ورهين تائين ڪيتريون ئي مسافريون ڪيم ڪي” ايسٽ انڊيز“ ڏي ڪي ”ويسٽ انڊيز“ ڏي، جن مان مون چگو پئسو ڪمايو، ۽ پنهنجي دولت وڌائي.
پوئينءَ مسافريءَ مان گهڻو فائدو حاصل نه ٿيو، تنهن ڪري آءٌ سمنڊ جي سفر مان ڪڪ ٿي پيس، ۽ ارادو ڪيم ته اڳتي آءٌ پنهنجي ٻارن ٻچن سان گهر گذاريندس، پر ٽن ورهين کان پوءِ مون پاڻ کي هڪ چڱي جهاز ۾ ”ائنٽيلوپ“ (يعني هرڻ) تي ڊاڪٽر مقرر ڪرايو، جو ڏکڻ واري سمنڊ ڏي وڃڻو هو، اسين سن 1699ع جي مئي مهيني جي 4- تاريخ ”برسٽل“ مان روانا ٿياسين، شروعات ۾ اسان جي مسافري تمام سک واري هئي، انهيءَ پاسي جي سمنڊن ۾ جيڪي اسان جا کوڙا ڪڍيا، تن جي مفصل بيان ٻڌائڻ سان ڪن سببن ڪري، اسين پڙهندڙن کي تڪليف نه ڏينداسين، ايترو چوڻ بس آهي ته جڏهن ڏکڻ واري سمنڊ کان لنگهي اڀرندي وارن انڊيز ٻيٽن ڏي ٿي وياسين، تڏهن هڪڙو سخت طوفان اچي لڳو، جنهن اسان جي جهاز کي ڌڪي ”وارن ڊيمنسلئنڊ“ جي اُتر اُلهندي ڏي آندو، اسان جي خلاصين مان ٻارهن سخت پورهئي ۽ بک جي وگهي مري ويا، باقي تمام ضعيف حالت ۾ هئا.
نومبر جي 5- تاريخ جڏهن انهيءَ ملڪ ۾ اونهارو شروع ٿو ٿئي، تڏهن هوا غبار واري ٿئي ٿي. صلاصين جهاز کان ٿوري پنڌ تي هڪڙو ٽڪر ڏٺو، پر هوا اهڙي زور واري هئي، جو اسان جو جهاز ڌڪجي وڃي انهيءَ ٽڪر تي وڃي لڳو، ۽ ڀڄي ٻه ٽڪر ٿي پيو.
جهاز وارن مان ڇهن ڄڻن- جن مان آءٌ به هڪڙو هوس، هڪڙو بتيلو لاهي سمنڊ ۾ وڌو، ۽ ڏاڍا مٿا هنيائون ته جهاز ٽڪر کان نڪري پري ٿئي. اسين ڳنَ ڏيئي اٺ- نو ميل ڪري وياسين، پوءِ ٿڪجي پياسين، جو جهاز تي سخت محنت ڪئي هئيسون، تنهنڪري لاچار ٿي، پاڻ کي لهرن جي حوالي کڻي ڪيوسون، پر اڌ ڪلاڪ جي اندر واءُ جي اوچتي جهوٽي اچڻ ڪري، بتيلو اونڌو ٿي پيو، آءٌ چئي نٿو سگهان ته منهنجي بتيلي وارن سنگتين جو، يا جي بچي وڃي ٽڪر تي پهتا يا جهاز ۾ رهجي ويا تن جو، ڪهڙو حال ٿيو، پر آءٌ ڀانيان ٿو ته اهي سڀ ٻڏي مئا. باقي آءٌ سو قسمت جي اشاري تي ترڻ ۽ ٻانهون هڻڻ لڳيس، ۽ سمنڊ جي لهرين ۽ هوا جيڏي ٿي ڌڪيم اوڏي ٿي ويس. ڪڏهن ته ٽنگون هيٺ ڪري ٿي ڏٺم، ته ترو پيرن سان ڪونه ٿي لڳو، جڏهن آءٌ بلڪل ٿڪجي پيس ۽ وڌيڪ ٻانهون هڻي نه سگهيس ۽ ٻڏڻ تي هوس، تڏهن اوچتو ڏٺم ته پنهنجي قد جيڏي پاڻيءَ ۾ آهيان! انهيءَ وچ ۾ طوفان به ڍرو ٿيو، پاڻي اهڙو درجي بدرجي تانگهو ٿيندو ويو، جو آءٌ ميل کن تائين پنڌ ڪري پوءِ ڪناري تي وڃي پهتس، اهو شام جو اٺين بجي جو وقت هو، جو آءٌ سڪيءَ تي وڃي چڙهيس. آءٌ ڏاڍو ٿڪل هوس ۽ هوا به گرم هئي، تنهنڪري ننڊ اچڻ لڳيم. آءٌ ننڍي نرم گاهه تي ليٽي پيس. اتي نوَ ڪلاڪ برابر ستو هوندس، ڇا لاءِ جو جڏهن جاڳيس تڏهن ڏينهن جو سوجهرو ٿيو هو.
مون اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چُري به نه سگهيس، ڇا لاءِ جو جيئن پٺن ڀر پيو هوس، تيئن معلوم ڪيم ته ٻنهي پاسي منهنجون ٻانهون ۽ ٽنگون زمين سان ٻڌيون پيون هيون! منهنجا گهاٽا ڊگها وار به ساڳيءَ طرح سان ٻڌا پيا هئا، ۽ ڪيترائي سنها سنها ڌاڳا پنهنجي بت تان هيڏي هوڏي لنگهيل ڏٺم. آءٌ رڳو مٿي نهاري ٿي سگهيس. سج به تابش ڪرڻ لڳو هو، تنهنڪري روشني منهنجي اکين کي تڪليف ڏيڻ لڳي، پنهنجي آسپاس مون کي هڪڙي قسم جو ڀڻڪو ٻڌڻ ۾ آيو، پر جنهن حالت ۾ پيل هوس، تنهن ۾ آسمان کان سواءِ ٻيو ڪي به ڏسي نٿي سگهيس.
سگهو ئي پنهنجي کٻيءَ ٽنگ تي ڪا شيءِ جيئري چُرندي معلوم ڪيم اها وڌندي وڌندي منهنجي ڇاتيءَ تائين آئي، ۽ کاڏيءَ تائين آئي. جيترو ٿي سگهيو اوترو اکيون هيٺ ڪري ڏٺم، ته هڪڙو ننڍڙو ماڻهو آهي، جو قد ۾ ڇهه انچ به مس آهي، سو هٿن ۾ تير ۽ ڪمان ۽ پٺن تي تيرن جي بٿي کنيو اچي!
انهيءَ وچ ۾ ساڳئي قسم جا چاليهارو ”ماڻهو“ انهيءَ پهرئين جي پٺيان ايندا معلوم ڪيم، مون کي ڏاڍي حيرت لڳي، ۽ اهڙي وڏي هڪل ڏنم ۽ ڳجڪار ڪيم، جو هو سڀ ڊڄي پٺتي ڀڄڻ لڳا. پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته انهن مان ڪي، جي منهنجي پاسن تان ٽپي هيٺ زمين تي پيا، تن کي ڌڪي اچڻ ڪري ايذاءُ پهتو هو، پر انهيءَ هوندي به، هو سگهو ئي موٽي آيا، ۽ هڪڙي ته اهڙي همت ڪئي جو منهنجو سڄو منهن ڏسي سگهيو. اهو ڏسي، هو پنهنجو هٿ ۽ اکيون مٿي ڪري هڪڙي عجيب ٻوليءَ ۾ سڏ ڪري ڪي چوڻ لڳو، جنهن جو هڪڙو لفظ به مون نه سمجهيو.
اهو سارو وقت آءٌ ڏاڍو ڏکيو پيو هوس، نيٺ آزاد ٿيڻ لاءِ ڦٿڪڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ لڳس. خوش نصيبيءَ سان ڌاڳا ڇني وڌم، ۽ جن ڪلين سان منهنجي کٻي ٻانهن زمين تي ٻڌل هئي، سي ڪڍي وڌم. جڏهن اها ٻانهن منهن تي آنديم، تڏهن خبر پيم ته ڪهڙي رستي هنن مون کي ٻڌو هو، ڏاڍي زور سان هڪڙي ڇڪي ڏنيم، جنهن ڪري مون کي ڏاڍو سور ٿيو، مگر جن ڌاڳن سان منهنجا وار کٻي پاسي ٻڌا هئائون، سي ٿورا ڍرا ٿيا، جنهن ڪري آءٌ اٽڪل ٻه انچ پنهنجو مٿو ڦيرائي سگهيس.
هنن کي جهٽ هڻي وٺڻ جي ڪوشش ڪيم، پر هو وري به ڀڄي ويا. تنهن کان پوءِ هڪڙي وڏي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي. اها بس ٿي ته انهن مان هڪڙي انهيءَ ساڳي ٻوليءَ ۾ وڏي سڏ ڪري چيو. انهيءَ دم سئو کان به مٿي تير ڇٽي ويا، جي منهنجي هٿ ۾ اچي لڳا، ۽ سُين وانگي چڀي ويا. تنهن کان سواءِ هنن ڪيترائي تير هوا ۾ ڇوڙيا، جن مان گهڻا منهنجي بت تي ۽ ڪي ٿورا منهنجي منهن تي اچي ڪريا.
جڏهن اهو تيرن جو دس لڳي رهيو، تڏهن آءٌ سور ۽ اهنج کان ڪنجهڻ لڳس، وري به پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳس، تڏهن هنن وري ٻيو تيرن جو دس اڳئين کان به وڏو ڇوڙيو، منجهانئن ڪن ته منهنجي پاسي ۾ پنهنجا ڀالا به هنيا، پر منهنجو نصيب چڱو هو، جو تمام ٿلهي ڪپڙي جي صدري پيل هيم، جنهن ۾ اهي گهڙي نه سگهيا.
مون خيال ڪيو ته ماٺ ڪري پئجي رهڻ بهتر آهي، منهنجي رٿ اها هئي ته رات تائين ائين پيو هجان، پوءِ پنهنجي ڇٽل کٻي هٿ سان پاڻ کي مشڪل کان سواءِ آزاد ڪري سگهندس. پڪ هيم ته جي هو سڀ انهيءَ قد جا هوندا جيڏو منجهانئن هڪڙو ڏٺو هوم، ته پوءِ جي هو مون تي وڏو لشڪر چاڙهي ايندا، ته به انهن سان آءٌ پڄي سگهندس! پر منهنجي قسمت ٻيءَ طرح جي هئي، جڏهن هنن ماڻهن ڏٺو ته مون کڻي ماٺ ڪئي آهي تڏهن هو وڌيڪ تير نه ڇوڙڻ لڳا. سندس آواز مان معلوم ڪيم ته هنن جو تعداد وڌيو آهي. پاڻ کان چئن والن جي پنڌ تي ڪلاڪ کان به وڌيڪ وقت تائين مون ٺڪاءَ پئي ٻڌا، ڄڻ ڪي ماڻهو ڪم پيا ڪندا هجن. جڏهن مون رسا تاڻي پنهنجو مٿو انهيءَ گوڙ ڏي ڦيرايو، تڏهن مون هڪڙو ڪاٺ جو ٿَلهو جڙيل ڏٺو، جو زمين کان ڏيڍ فوٽ مٿي هو، جنهن تي مجهانئن چار ڄڻا بيهي ٿي سگهيا، انهيءَ ٿلهي تي بيهي، انهي مان هڪڙي ماڻهوءَ وڏي تقرير ڪئي، جنهن جو هڪڙو لفظ به مون نه سمجهيو. پر تقرير شروع ڪرڻ کان اڳي هن حڪم ڏنو ته جن ڌاڳن سان منهنجي مٿي جو کٻو پاسو ٻڌو هو، سي وڍي ڇڏين. انهيءَ ڪري آءٌ پنهنجو مٿو سڄي پاسي به ڦيرائي، انهيءَ ماڻهو کي ڏسي سگهيس ٿي، جنهن تقرير ٿي ڪئي. هو وچوليءَ عمر جو ماڻهو هو. انهن مان هڪڙو ته خاص خدمتگار ڇوڪر هو، جو سندس جُبي جو پٺيون جهول وارو ڀاڱو کنيو بيٺو هو، ۽ اهو منهنجي وچينءَ آڱر کان قد ۾ ٿورو وڏو هو. ٻين ٻن مان هڪڙو هن جي هِن پاسيء ۽ هڪڙو هُن پاسي سندس مدد لاءِ بيٺو هو. ڏاڍيءَ مشڪلات سان آءٌ انهيءَ کي سمجهائي سگهيس ته آءٌ نڪي سندس ٻوليءَ نه ٻين جي ٻولي سمجهي سگهيس، مڱر منهنجي ڪابه مرضي ڪانه هئي ته کين ڪو ايذاءُ پهچايان.
مون کي ڏاڍي بک هئي، جو جهاز ڇڏڻ کان ڪي ڪلاڪ اڳي هڪڙو گرنهه به نه کاڌو هوم، تنهنڪري پنهنجي هٿ جي هڪڙي آڱر ذري ذري پنهنجي وات ۾ وجهي، اشاري سان چيم ته مون کي ماني گهرجي. هنن جو سردار جو ٿلهي تي هو، تنهن منهنجو اشارو چڱي طرح پروڙيو. هو هڪدم هيٺ لهي آيو، ۽ حڪم ڏنائين ته منهنجن پاسن تي ڏاڪڻيون رکيون وڃن. انهيءَ تي سوين ماڻهو مون تي چڙهي آيا. اتي جي بادشاهه کي جڏهن منهنجي خبر پهريندي ملي، تڏهن سندس حڪم پٺيان کاڌي جون ٽوڪريون اهي ماڻهو کڻي آيا هئا، ۽ آڻي منهنجي وات ۾ وڌائون. کائڻ سان مون کي معلوم ٿيو ته انهيءَ ۾ ڪيترن ئي جانورن جو گوشت هو، پر سواد مان آءٌ سمجهي نه سگهيس ته ڪهڙن جانورن جو هو، ٽنگون، ڦڻيون، رانون، جن جي شڪل ٻڪريءَ جي عضون جهڙي هئي، سي چڱيءَ طرح پڪل هيون، مگر جهرڪيءَ جي کنڀڙاٽين کان به ننڍيون! مون گرنهه گرنهه ۾ اهي ٻه ٻه، ٽي ٽي ڪري پئي کاڌيون، ۽ ٽي ٽي ”روٽيون“ گرنهه سان ٿي کاڌيم، جو اهي قد ۾ بندوق جي گولين جيڏيون مَس هونديون!.... هنن ٽوڪرن تي ٽوڪريون منهنجي وات ۾ پئي وڌيون! جيترو کاڌو مون کاڌو تنهن تي، ۽ منهنجي قد تي، هنن حيرت ۽ عجب جون هزارين نشانيون ڏيکاريون.
تنهن کان پوءِ مون وري اشارو ڪيو ته مون کي اُڃ لڳي آهي. منهنجي کائڻ مان هنن کي معلوم ٿيو ته آءٌ پاڻي به ٿورو ڪونه پيئندس. هو تمام هوشيار ماڻهو هئا، تنهنڪري هنن تجويز ڪري پنهنجو هڪڙو وڏو ڀريل ”پيپ“ کڻي رسي ۾ لڙڪايو . اهو هنن ريڙهي منهنجي هٿ وٽ آندو، ۽ پوءِ انهيءَ جو ڍڪ ڌڪ هڻي لاهي ڇڏيائون. اهو آءٌ کڻي هڪڙيءَ ئي ساهيءَ سان پي ويس. ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ هوئي پاؤُ کن پاڻيءَ جو مس! معلوم ڪيم ته سواد شراب جهڙو هو، مگر ڏاڍو لذيذ هو.
هنن مون کي شراب جو ٻيو پيپ آڻي ڏنو، جو آءٌ اڳي وانگي تڪ ڏيئي پي ويس، ۽ وڌيڪ اشارا ڪرڻ لڳس. پر هنن وٽ ٻيو موجود ڪونه هو، جو ڏين، جڏهن آءٌ اهي عجب جهڙا ڪم ڪري رهيو هئس، تڏهن هنن خوشيءَ مان رڙيون ڪيون، ۽ منهنجي ڇاتيءَ تي نچڻ لڳا. هنن مون کي اشاري سان چيو ته اهي پيپ هيٺ اڇلائي ڇڏ،.... پر پهرين هنن هيٺ ماڻهن کي خبردار ڪيو ته پري ٿي بيهن! جڏهن هنن اهي سڀ پيپ هوا ۾ ڏٺا، تڏهن منجهانئن وڏي رڙ اُٿي!
سچ ٿو چوان ته ڪيترائي ڀيرا منهنجي دل ۾ آيو ته جيئن هو منهنجي بُت تي آيا ۽ ويا، تيئن پهريان چاليهه _ پنجاهه جي منهنجي پهچ ۾ هئا، تن کي جهلي هيٺ زمين تي اُڇلائي وجهان، پر وري ياد آيم ته جيڪي هنن مون سان ڪيو هو، سو شايد تمام خراب نه هو، ۽ مون به هنن سان انجام ڪيو هو ته آءٌ سندس نقصان ۾ نه آهيان، تنهنڪري سگهوئي اهي خيال منهنجي دل مان نڪري ويا. هنن تمام ننڍڙن انسانن جي همت تي مون کي عجب ٿي لڳو، جي بي ڊپا منهنجي بُت تي چڙهيا ۽ هليا، جڏهن منهنجو هڪڙو هٿ ڇٽل به ٿي ڏٺائون، ۽ مون جهڙي وڏي حيوان کي ڏسي ڏڪيا به نٿي!
ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن هنن ڏٺو ته آءٌ وڌيڪ کاڌو نٿو گهران تڏهن هڪڙي وڏي درجي وارو ماڻهو شهنشاهه طرفان منهنجي اڳيان آيو. منهنجي سڄيءَ ٽنگ تي پير کان چڙهي، هلي منهنجي منهن وٽ آيو. پٺيان ڏهه _ ٻارهن ماڻهو هئا. اٽڪل ڏهن منٽن تائين هن مون سان ڪنهن به ڪاوڙ جي نشانيءَ کان سواءِ ڳالهايو. مگر نظر منهنجي مُنهن ۾ کُتل هيس! ڳالهائيندي، هن اڪثر اڳ ڏانهن هٿ کنيو ٿي، جيڏانهن پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته سندن وڏو شهر هو، جو اُتان اڌ ميل پنڌ تي هو، شهنشاهه اهو پڪو ٺهراءُ ڪيو هو ته مون کي اُتي وٺي هلن.
مون مختصر لفظن ۾ ورندي ڏني، پر هنن اها نه سمجهي. ڇُڙيل هٿ ٻئي هٿ تي رکي، ۽ پوءِ پنهنجي مٿي ۽ بُت تي رکي، اشاري سان چيومانس ته ”منهنجي مرضي آهي ته مون کي هن بند مان آزاد ڪريو.“ ڀانئجي ٿو ته هن منهنجو مطلب سهي ڪيو، ڇالاءِ جو هن ڪنڌ ڌوڻي نهڪر ڪئي، ۽ پنهنجو هٿ اهڙيءَ طرح مٿي ڪيائين جو مون سمجهيو ته: چوي ٿو ته توکي ائين ئي ٻڌل کڻي هلنداسين. انهيءَ هوندي به هن ٻيا اشارا ڪيا، جن مان مون سمجهيو ته مون کي چڱي طرح کارائيندا پياريندا، ۽ سکيو رکندا.
تنهن تي وري به مون کي خيال آيو ته زور لاهي رسا ڇنان ۽ ڪِلا پٽيان، پر جڏهن منهن ۽ هٿن تي هنن جي تيرن جو وسڪارو لڳم، جن مان گهڻا اڃا ٽنبيا پيا هئا، ۽ ڌڪن وارين جاين تي ڦوڦينڊا ٿي پيا هئم، تڏهن مون هنن کي اشارن سان چيو ته هاڻ جيئن اوهان کي وڻي تيئن مون سان ڪريو، تنهن تي ستت ئي مون هڪڙي وڏي رڙ ٻڌي، ۽ معلوم ڪيم ته گهڻا منهنجي کٻي پاسي تي چڙهي رسا پيا ڇوڙين. نيٺ ايترو ٿيو، جو آءٌ پنهنجي سڄي پاسي تي اُٿلي آرام وٺي ٿي سگهيس.
اُنهيءَ کان اڳي هنن هڪڙي قسم جي مرهم سان منهنجو مُنهن ۽ هٿ ٿڦي ڇڏيا هئا. اهو مرهم ڏاڍو سُرهو هو، ۽ سگهوئي هنن جي تيرن جا، ننڍڙا ڦٽ ڇٽائي ڇڏيائين. انهيءَ ڪري، ۽ جيڪو کاڌو پيتو مون کي ڏنو هئائون، تنهن مان مون کي گهڻي طاقت حاصل ٿي، تنهنڪري مون کي ننڊ اچي ويئي. مون کي پوءِ ٻڌايائون ته آءٌ اٺ ڪلاڪ برابر ستو پيو هوس! ۽ اُنهيءَ ۾ ڪو عجب نه هو، ڇا لاءِ ته جيڪو شراب مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو هئائون، تنهن ۾ گهري ننڊ آڻڻ جي ڪا دوا گڏي ڇڏي هئائون.
ڀانئجي ٿو ته جڏهن جهاز تان لهڻ کان پوءِ پهرين هنن مون کي زمين تي ستل ڏٺو تڏهن شهنشاهه کي بروقت خبر ڏني هئائون، تنهن تي پنهنجا مشير گڏ ڪري، هن ارادو ڪيو ته مون کي ستي ئي کڻي ٻڌن. ان موجب، رات ئي رات جو هنن کڻي مون کي ٻڌو هو، جيئن مٿي مون بيان ڪيو آهي. هن اهو به حڪم ڪڍيو هو ته مون کي کاڌو پيتو مَئو پهچائين ۽ هڪڙي ڪِل جي گاڏي ٺاهين، جنهن تي مون کي ٻڌل ئي کڻي شهر ۾ آڻين.
اها تجويز شايد بهادريءَ جهڙي ۽ خوفناڪ ڏسڻ ۾ ايندي، ۽ مون کي پڪ آهي ته يورپ جو ڪوبه بادشاهه اهڙي وقت تي جيڪر ائين نه ڪري،”مگر منهنجي راءِ ۾ اها تجويز ڏاڍي سياڻپ جهڙي به هئي، ۽ مروت جهڙي به. جيڪڏهن اهي ماڻهو مون کي سُتي ئي ڀالن ۽ تيرن سان مارڻ جي ڪوشش ڪن ها، ته پهرئين ئي چُڀڪاري سان يقينا آءٌ جاڳي پَوان ها، انهيءَ ڪري مون کي اهڙي چِڙ وٺي ها، ۽ ايترو زور لايان ها، جو جن ڌاڳن سان آءٌ ٻڌل هوس، تن کي جيڪر ڇني ڇڏيان ها، پوءِ هو منهنجي اڳيان بيهي نه سگهن ها، ۽ آءٌ به هنن تي رحم ڪرڻ نه گهران ها.
هي ماڻهو ڏاڍا هوشيار آهن. سندن شهنشاهه، جو علم ۽ هنر جو حامي آهي، سو هنن کي همتائيندو آهي، ۽ تنهنڪري هو ڏاڍا قابل هنرمند ٿي پيا آهن. بادشاهه وٽ ڪيتريون ئي ڦيٿن واريون ڪلون آهن، جن تي وڻ ۽ ٻيا ڳرا ڳرا بار کڻندا آهن. هو اڪثر وڏا وڏا جنگي جهاز به جوڙائيندو آهي، جن مان ڪي نَوَ فوٽ ڊگها آهن. اهي ٻيلن ۾ جڙندا آهن، جتي وڻ ٿين ٿا، ۽ پوءِ انهن ڪَلَن تي اهي کڻائي، ٽن- چئن سَون يارڊن جي پنڌ تي سمنڊ تائين آڻيندا آهن. پر انهن ڦيٿن وارين ڪَلَن يا گاڏين مان ڪابه اهڙي وڏي يا مضبوط ڪانه هئي، جا مون کي کڻي سگهي، تنهن ڪري پنج سئو واڍا ۽ انجنيئر ويهاريا ويا ته جيڏي وڏي ڪل ٺاهي سگهن اوڏي ٺاهين، اها ڪاٺين جي جڙيل هئي، ۽ زمين کان ٽي انچ مٿي هئي، ست فوٽ ڊگهي ۽ چار فوٽ ويڪري هئي، ۽ ٻاويهن ڦيٿن تي ٿي هلي. جيڪا وڏي رڙ مون ٻڌي هئي، سا انهيءَ ڪَل جي اچي پهچڻ تي ٿي هئي. ڀانئجي ٿو ته اها منهنجي سُڪيءَ تي لهڻ کان چار ڪلاڪ پوءِ نڪتي هئي.
اها وڏي گاڏي، جيئن آءٌ ليٽيو پيو هوس، تيئن منهنجي پاسي سان لڳ آڻي بيهاريائون، پر وڏي مشڪلات اها هئي ته مون کي ڪيئن کڻي ان ۾ رکن! انهيءَ ڪم لاءِ اسي ڪاٺيون ڪِلن وانگي کوڙي، (هر هڪ ڪاٺي هڪ فوٽ اوچي هئي) مضبوط رسا، سوتليءَ جهڙا، ڪَڙن ڪُنڍن سان منهنجي بُت تي ٻڌل رسن سان ٻڌي ويا. اهي رسا ڪم ڪندڙ ماڻهو پهرين منهنجي ڳچيءَ ۽ منهنجن هٿن، پيرن ۽ ڀڀريءَ جي چوڌاري ٻڌي ويا هئا، پوءِ اُنهن ڪاٺين يا ڪِلن تي ڪپيون يا ڦرڻيون ٻڌي، انهن تان نَوَ سئو ماڻهو، اهي رسا ڇڪڻ لڳا، انهيءَ طرح ٽن ڪلاڪن اندر مون کي انهيءَ ڪَل يا گاڏي تي رکيائون، ۽ اتي مضبوط ٻڌي ڇڏيائون.
اهو سڀ احوال مون کي ٻڌايائون، ڇالاءِ جو ڪم هلندي آءٌ ڏاڍي گهريءَ ننڊ ۾ پيو هوس، جو ننڊ جي دوا انهيءَ شراب ۾ وڌي هئائون، جو مون کي پياريو هئائون. شهنشاهه جي تمام وڏن گهوڙن مان پنج سئو گهوڙا، جن مان هر هڪ ساڍا چار انچ اوچو هو، سي کڻي انهيءَ گاڏيءَ ۾ ٻڌائون ته ڇڪي مون کي شهر تائين نين، جو اُتان اڌ ميل تي هو، جيئن مون مٿي به چيو آهي.
اتان رواني ٿيڻ کان چار ڪلاڪ پوءِ هڪڙو تمام عجيب اتفاق ٿيو، جنهن تي آءٌ جاڳي پيس. گاڏيءَ کي ڪا حرڪت ٿي پيئي، تنهن جي درست ڪرڻ لاءِ اها ڪي ٿورا منٽ بيٺي. اتي جي ٻن- ٽن جوان مڙسن کي خواهش ٿي ته ڏسن ته جڏهن آءٌ ستل آهيان تڏهن ڪيئن ٿو ڏسجان. انهيءَ ڪري هو گاڏيءَ ۾ چڙهي، آهستي هلي منهنجي منهن ڏي آيا. انهن مان هڪڙو، جو پهري وارن سپاهين جو عملدار هو، تنهن پنهنجي هٿيار جي چهنب منهنجي نڪ جي کٻي ناسوٽيءَ ۾ ڳچ تائين اندر لنگهائي ڏني، جنهن ڪري مون کي خارش ٿيڻ لڳي، جيئن نَڪ ۾ ڪک ڦيرائڻ سان ٿيندي آهي، مون کي ڏاڍي نِڇ آئي، جنهن تي هو اهڙو لڪي ڀڄي ويا، جو ڏسڻ ۾ ئي نه آيا! ٽن هفتن کانپوءِ مس مون کي خبر پيئي ته منهنجي انهيءَ اوچتي جاڳڻ جو سبب ڇا هو.
باقي جيڪو ڏينهن رهيو هو، تنهن ۾ اسان گهڻو پنڌ ڪيو، ۽ پوءِ رستي ۾ رات جي لاءِ ساهي کنئيسون. پنج سئو پهري وارا منهنجي هر هڪ پاسي بيٺا، جن مان اڌ کي تير ڪمانون هيون، انهيءَ لاءِ ته جي چُران ته مون کي هڻي ڪڍن. ٻئي ڏينهن صبح جو سج اُڀرئي مهل اسين وري پنڌ پياسين، ٻنپهرن ڌاري شهر جي درن کان باقي وڃي ٻن سَون يارڊن تي بيٺاسين، شهنشاهه ۽ سندس سڀ درٻاري اسان کي گڏجڻ لاءِ نڪري آيا، پر وڏن عهديدارن شهنشاهه کي نه پئي ڇڏيو ته پنهنجي جان خوف ۾ وجهي منهنجي بُت تي چڙهي، جنهن هنڌ گاڏي بيٺي، اُتي هڪڙي قديم مڙهي هئي، جا ساريءَ بادشاهت ۾ تمام وڏي سمجهيل هئي، اها ديول ڪن ورهين تائين ڪم ۾ نه آئي هئي، جو انهيءَ ۾ ڪو خون ٿي پيو هو. اهو ٺهراءُ ٿيو ته انهيءَ ”عمارت“ ۾ مون کي رکن. انهيءَ جو وڏو در، جو اُتر ڏي هو، سو چار فوٽ مٿي هو، ۽ قريب ٻه فوٽ ويڪرو هو، در جي ٻنهي پاسي هڪڙي هڪڙي ننڍي دري هئي، جا زمين کان ڇهه انچ مٿي مس هئي.
کٻي پاسي واري دريءَ ۾ بادشاهه جي لوهارن اسي هڪڙيون ۽ يارهن ٻيون زنجيرون کڻي وڃي رکيون، جهڙيون يورپ ۾ سکر زالن جي واچ يا گهڙيءَ ۾ پونديون آهن، ۽ اوڏيون ئي هيون. اهي هنن منهنجيءَ ٽنگ ۾ وجهي، انهن کي ڇٽيهه ڪلف ڏيئي بند ڪري ڇڏيو.
هن مڙهيءَ جي آمهون سامهون، وڏي شاهي سڙڪ جي ٻئي پاسي ويهن فوٽن جي پنڌ تي هڪڙو منارو هو، جو پنج فوٽ مٿانهون هو، انهيءَ ۾ شهنشاهه چڙهي ويٺو، ۽ ساڻس گڏ سندس درٻار جا گهڻائي مُک امير ويٺا، انهيءَ لاءِ ته مون کي ڏسي سگهن، جو آءٌ هنن کي ڏسي نٿي سگهيس، اٽڪل هڪ لک ماڻهو تماشي ڏسڻ لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري آيا، منهنجن پهريدارن هوندي به، آءٌ ڀانيان ٿو ته ڏهن هزارن کان ٿورا ماڻهو نه هئا، جي جدا جدا وقتن تي ڏاڪڻيون رکيو، منهنجي بت تي پئي چڙهيا، پر پوءِ اهڙو حڪم جاري ٿي ويو ته جيڪو چڙهندو، تنهن کي موت جي سزا ملندي.
جڏهن ڪم ڪندڙ ڏٺو ته آءٌ بلڪ پاڻ کي آزاد ڪري نٿو سگهان، تڏهن جن رسن سان آءٌ ٻڌل هوس، سي سڀ هنن وڍي ڇڏيا. تنهن تي آءٌ اُٿيس، پر اهڙي شڪستي ۽ خراب حال ۾ هوس، جنهن ۾ اڳي عمر نه هوس. پر جڏهن ماڻهن مون کي اُٿندو ۽ گهمندو ڏٺو، تڏهن اهڙا حيران ٿيا ۽ اهڙيون رڙيون ڪيائون، جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر! جنهن زنجيريءَ سان منهنجي کٻي ٽنگ ٻڌل هئي، تنهن سان آءٌ اڌ گهيري ۾ هيڏي هوڏي گهمي ڦري ٿي سگهيس. اها در کان چئن انچن تي ٻڌل هئي، تنهنڪري آءٌ مڙهيءَ منجهه وڃي سنئون ٿي سمهي به ٿي سگهيس.