Jump to content

Page:Zeenat.pdf/24

From Wikisource
This page has not been proofread.

ڪري ايرانين سان وڙهڻ لاءِ سنڀري آيو ۽ ڪاهه ڪري اچي ويجهو پيو هو. علي نواز جي پيءُ جڏهن خبر ٻڌي ته سندس ملڪ جو بادشاهه ڪاهي اچي ويجهو ٿيو آهي ۽ اڳيئي پيو خيال پچائيندو هو، ته وجهه ملي ته ڀڄي وڃي هن سان شامل ٿيان، سو هاڻي ڪنهن حيلي سان پنهنجي وڏي پٽ سوڌو، جو سورهن ورهين جي ڄمار جو جوان هو، ڀڄي نڪتو ۽ پنهنجي سرحدي قوم گڏ ڪري اچي روسي بادشاهه سان گڏيو.

اگرچه هن پنهنجي وطن ۽ قوم جي طرفان ايمانداري ۽ بهادري ڏيکارڻ ۾ ڪين گهٽايو، پر تڏهن به سندس حياتي اچي پوري ٿي هئي، سو پٽ سوڌو دشمن سان جنگ ڪندي مارجي ويو.

هيءُ جو هن طرح ٺڳي ڪري ڀڄي ويو ۽ وري وڃي ايران سان سامهون ٿيو، تنهن ڪري ايران جي سرڪار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ويئي. هن جي زال ۽ ننڍي پٽ علي نواز کي دڙڪا ڏنائون ته اهو وير اوهان کان وٺنداسون يا غلام ڪري وڪڻي ڇڏينداسون. هن ڊپ ۽ شرم کان علي نواز جي ماءُ هينءَ ڪيو، جو رات جو سمهڻ مهل زهر ذرو کائي ڇڏيائين.

صبح جو ننڍو پٽس معصوم اٿي ڏسي ته هنڌ تي امان مئي پيئي آهي. جيڪا حالت هن ڇوڪري سان ٿي گذري هوندي، سا لکي نٿي سگهجي، البت آسانيءَ سان خيال ۾ اچي سگهندي: چار ڏينهن اڳي هن پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ خوش پئي گذاريو. هاڻي پيءُ ۽ ڀاءُ ته ڀڄي ويا،باقي ماءُ بچي هيس جا پرڏيهه ۾ هيڏڙي ٻار جي انگل کڻڻ واري هئي، سا به ويندي رهي. هي يتيم علي نواز تڏهن ڏهن ورهين جي عمر جو مس هو.

انهيءَ وقت کان پوءِ سگهوئي حڪم جاري ٿيو ته ننڍيءَ عمر وارن قيدين ۽ قيدياڻين کي غلام ڪري وڪڻي ڇڏجي. ڪيترا سو ٻارن جا روز ٿورا ٿورا ڪري، ٻانهن جي بازار ۾ وڪڻندا هئا. هڪڙي ڏينهن علي نواز جو به وارو آيو. هن کي هڪڙي ايرانيءَ خريد ڪيو، جنهن وٽ هو پنج – ڇهه مهينا رهيو. پوءِ وري اهو ماڻهو ڪنهن ٻئي پاسي ٿي ويو،تنهن هن کي دلال جي حوالي ڪيو ته وڪڻي ڇڏيس.