Jump to content

Page:Zeenat.pdf/32

From Wikisource
This page has not been proofread.

ڏي لنگهي ويئي جتي سندس ماءُ هئي، ۽ آءٌ به دهلجي بيهي رهيس. پوءِ ته مائي بختاور صفي ۽ ڪوٺيءَ جي وچ وارو در ڏيئي ڇڏيو، ۽ ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ بلا ماري، لٺ تي لڙڪائي در تي نڪري آيس. اها ڪوٺي به شايد سرائي جي نياڻيءَ جي هئي، جنهن جي ڳالهه مريم ٿي ڪئي، ڇالاءِ جو لکڻ پڙهڻ جو سامان گهڻو ئي اتي پيل هو ۽ جاءِ جو ٻيو سامان به ڏاڍي پوشيدگائيءَ سان رکيل هو. انهيءَ وقت کان وٺي، منهنجي دل ۾ يقين ٿيو ته سرائي جي ڌيءَ بيشڪ صورت واري به آهي، لکڻ پڙهڻ واري به آهي، ۽ سگهڙپائيءَ واري به آهي!“

مريم به شاهدي ڏني ته ”ابا، آهي به ائين.“ علي رضا شوق مان چيو ته ”تڏهن امان هاڻي دير نه ڪريو، هاڻي اوهان جي وس آهي، متان پوءِ وري مون تي ڏوهه رکو، پرڻايونس ٿا، پر پرڻجي نٿو.“

جان بيبيءَ جواب ڏنو ته ”ابا، سو ته چڱو، پر جي هنن سيٺ جهڙي مڙس سان اڳئي هائو ڪئي هوندي، ته پوءِ ڪيئن ڳالهه ٿيندي.“

علي رضا چيو ته ”پوءِ خير، پر مون کي بيشڪ ارمان ٿيندو، جو اهڙي ٻانهن مون کي وري آسانيءَ سان نظر نه ايندي.“

جان بيبيءَ چيو ته ”چڱو ابا، ڏينهن – ٻن ۾ ڪنهن عذر سان آءٌ سرائي جي گهر وينديس ۽ وجهه ڏسي ڳالهه چورينديس، پوءِ جيئن لکيو هوندو، ائين ٿيندو.“

اتي ڳالهين ڪندي، هنن کي اچي ڏينهن ٿيو، مريم اٿي ٻهاري سهاريءَ جي ڪئي، ۽ علي رضا ۽ جان بيبيءَ به اٿي نماز پڙهڻ جو سعيو ڪيو.