زينت – (البت منهن ۾ گهنڊ وجهي)، امان به زورآور آهي، ماٺ ڪيو پراون ماڻهن جون سوکڙيون وٺيو رکي.
بختاور – ڇو امان، نيٺ اهي پراوا آهن، جي پنهنجا ٿيندا آهن، اهو جهان جو دستور آهي.
زينبت – دائي، تون الائجي پا ٿي چوين، آءٌ ته نه ٿي سمجهان. بختاور – ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن، جو ويچارو سيٺ سوکڙيون پاکڙيون پيو موڪلي. هڪ ٻه ڀيرو آءٌ وٽن ويئي آهيان ته مون کي ايتري آبرو ڏني اٿن، جو حد کان ٻاهر.
زينبت – دائي، اڄ تون الله ۽ رسول جي تعريف ڇڏي اچي انهيءَ سيٺ جي تعريف ۾ پيئي آهين، ٻيو خير ته آهي.
بختاور – امان! جيڪي وڙن وارا هوندا، تن جا ته وڙ ڳائبا، سندس پٽ ڊوڙي مون وٽ آيو، اچي مون کي ڀاڪر پائي مليو ڏاڍو ملوڪڙو ٻار آهي. ماشاء الله وڏي هوندي ته موتيءَ جو داڻو ٿيندو.
زينت – پوءِ تنهنجو ڇا؟
بختاور – خدا ڪري ته زينت تون به اهڙي سکئي گهر ۾ وڃي سکي ٿين. زينت – دائي، واه واه، اڄ تون سنڀري مون کي گاريون ڏيڻ آئي آهين ڇا؟ آءٌ. توکي ماءُ وانگي ڄاڻي گستاخي ڪري، توسان چرچا گهٻا ڪندي آهيان، متان انهيءَ ڪري سنڌو سيڙهو وڃائي ڇڏيو اٿئي ڇا؟ هونءَ ته سياڻي هوندي هئينءَ اڄ ڇا ٿيو اٿيئي؟
بختاور – زينت امان، انهيءَ ۾ ڇا آهي؟ ڌيون نيٺ پرايون آهن. تون سمجهه واري آهين، توکي خبر ناهي ته سدائين هن گهر ۾ ويٺي ڪين هوندينءَ، نيٺ ڪنهن سکر جو گهر وسائيندينءَ؟
زينت – سو ته سچ آهي، مگر دائي، تون دعا ڪر ته ڪنهن سچي پچي لائق ماڻهوءَ سان پلئو اٽڪي، جو ساري ڄمار انهيءَ سان رهڻو ٿيندو. هونءَ ته مون کي حيا ٿو ٿئي، پر جڏهن اڄ تون بيحيا ٿي بيٺي آهين، ۽ اهڙي ڳالهه سڌي مون سان چورين ٿي، تڏهن آءٌ به توکي بي حجاب ٿي سچ ٿي چوان.