هئا، انهيءَ ۾ ويندا هئا. برقعو به ايراني يا پٺاڻڪي ڊول جو هوندو هون، نه سنڌي ڊول جو. ميرن جي صاحبيءَ ۾ ته هنن کي به ڪجاون ۾ چڙهي وڃڻ جو لاچار هو. ڇالاءِ جو هنن جو گهڻو واسطو حاڪمن سان هو، تنهن ڪري رسم به انهن جي تي هلندا هئا. صاحبيءَ وئيءَ کانپوءِ ٿورو ٿورو ڪري ڪجاوا ڇڏي، ڏوليءَ ۾ چڙهڻ جي رسم ورتي هئائون؛ پر جيئن غريب ٿيندا ويا ۽ ڏوليءَ جو به کٽراڳ ڏسندا ويا تيئن انهيءَ کي به ڇڏي هاڻي اچي پنهجي پيرن جي پنڌ ۽ ڀاڙي جي گاڏيءَ تي بيٺا هئا. علي نواز خان ڏاهو ماڻهو هو ۽ ٻيو وري ولايتي ماڻهو هو، تنهن کي ولايتي مسلمانن جون رسمون سجهيون ٿي، تنهن ڄاتو ته جنهن کي پردو چئجي سو مطلب هن مان ئي ٿو نڪري تڏهن پاڻ کي ٻيڻي تڪليف ۽ خرچ ۾ وجهڻ جو ڪهڙو ضرور؟
فتح خان جي گهر سان اهو حال نه هو. هو سرائي ماڻهو هئا، هنن جو پردو وڌيڪ سخت هو. جيڪو دستور ميرن جي صاحبيءَ کان هليل هو، سو هليو آيو. هنن ۾ زال ماڻهو پهريائين ته گهڻو ڪري ٻاهر نڪرندي ڪين هئي. جڏهن ڪڏهن ضرور پوندو هو تڏهن قنات ۽ پوش واري ڪجائي کان سواءِ ڪين نڪرندا هئا، پوءِ ڀلي پنڌ تمام ٿورو هجي ته به جتي ڪجائي جي جاءِ نه هوندي هئي اتي لاچار ڏولي ڪم آڻيندا هئا.
مطلب ڳالهه جو ته مائي جان بيبي پورهيت سميت اچي سرائي فتح علي خان جي گهر لٿي. هوءَ گهر جي ڀاتين سان ملي، پوءِ وڃي سڀ صفي ۾ ويٺيون. مايون ٻيءَ هڪڙي کٽ تي ويٺيون. زينت بانو وري پاسي ۾ ٻيو کٽولو پيو هو تنهن تي ويٺي ۽ مريم سڀني جي اڳيان تڏي تي ويهي رهي. اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪيائون. ٻه ٽي ڏينهن لنگهي ويا هئا جو هو مليانه هئا، تنهن ڪري هڪٻئي ڏي ڏک ڏوراپا ڪڍيائون.
مائي جان بيبي ۽ مائي شهربانو پاڻ ۾ ويٺي ڳالهايو – تيتري ۾ زينت بانو اٿي بورچيخاني ۾ ويئي ۽ بختاور کي رڌڻ پچائڻ ۾ مدد ڏيڻ لڳي. ٻه پهر اچي قابو ٿيا هئا، تنهنڪري همت ڪري ٻه – ٽي چلها کڻي چاڙهيائون؛ ٻه – ٽي طعام هُن پچايا، ٻه – ٽي هُن، جهٽ ۾ ماني تيار ٿي ويئي.