Jump to content

Page:Zeenat.pdf/46

From Wikisource
This page has not been proofread.

ناهي. اوهين سمجهو عقل وارا آهيو – ڄاڻو ٿا ته زماني جو اهو دستور آهي، نبين ولين به پنهنجن ٻارن جا اهڙا بندوبست پئي ڪيا آهن، تڏهن پاڻ ڪير آهيون. هاڻي منهن مٿي ڪري مون کي ڪو دلاسو ڏي، ته منهنجي دل کي ڏڍ اچي.“

تڏهن لاچار شهربانوءَ منهن مٿي ڪري چيو ته ”ادي! تون منهنجي ڀيڻ آهين، مائٽن وانگي آهين. اهڙن ڪمن ۾ مون کي توکان عيب ڪونهي، توکي مون کان عيب ڪونهي. مگر مون کي خيال به ڪونه هو ته اڄ تون رڳو انهيءَ لاءِ پنڌ ڪري اچي اهڙي ڳالهه مون سان ڪندينءَ!“

جان بيبيءَ چيو ته ”ادي! ائين متان چوين، آءٌ رڳو انهيءَ ڪم لاءِ نه آيس. ڪيترا نه ڏينهن ٿي ويا آهن، جو پاڻ نه مليا آهيون، تنهنڪري ڄاتم ته اچي اوهان جو منهن به ڏسان ۽ جيڪو حال هوم سو به توسان ڪريان، جو توکان سواءِ هتي مون کي صلاح مصلحت ڏيڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟“

شهربانوءَ ورندي ڏني ته ”ادي، چڱو ڪيئي، پر توکي خبر آهي ته منهنجا مائٽ پاسي ۾ ويٺا آهن، نينگريءَ جو مامو آهي، چاچو آهي، ٻيا ڪيترا مائٽ آهن، انهن کي به نيٺ مائٽيءَ جي ڳالهه دل ۾ هوندي. وري جيئي شل منهنجو حامد به ويٺو آهي، جوان اچي ٿيو آهي، تنهن جو به نيٺ بلو ڪرڻو اٿم. اڄ ته مائٽ به چون ٿا ته ”اٽي تي اٽو، کارو نه کٽو، هڪڙي هٿ ۾ ڏيو ٻئي هٿ ۾ وٺو، سو جي آءٌ کڻي اهڙو پير توسان ڀريان، ته مائٽن کان به مور وينديس ۽ منهنجو ڇوڪرو به رهجي ويندو.“

جان بيبيءَ چيو ته ”مائي، سچ ٿي چوين، اها ڳالهه برابر آهي، تنهنجي پٽ جو به توکي خيال نه هوندو، ته ٻيو ڪنهن کي هوندو. الله انهيءَ کي به کڻي گهوٽ ڪندو. لائق پٽن جي لاءِ لائق زالون جهجهيون آهن. قسم کڻي ٿي چوان ته جي مون کي نياڻي هجي ها ته آءٌ پهرين انهيءَ کي تنهنجي جهوٺيءَ ۾ وجهان ها، پر منهنجو وس ڪونهي. تنهنجو پٽ، سو منهنجو پٽ آهي. جهڙو آءٌ علي رضا جي شاديءَ ۾ خوش ٿينديس، تهڙو حامد جي. جيترو پنهنجي پٽ لاءِ ٿي سعيو ڪريان، تنهن کان وڌ تنهنجي حامد لاءِ ڪنديس، پوءِ هٿ وس خدا جي آهي.“

شهربانوءَ چيو ته ”مائي! اهي تون پنهنجا لائق ٿي ڪرين، مگر وري به زمانيسازيءَ ۾ سڀڪنهن کي اهڙن ڪمن لاءِ گهڻيون ڳالهيون ڳڻڻيون آهن.“