باب ڇهون :
جــوڙ جُــڙڻ
علي رضا، جنهن کي انهيءَ ڏينهن جي ذڪر چُرئي کان پوءِ سرائي فتح خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪرڻ جو شوق ٿي بيٺو هو، جنهن جي صلاح سان سندس ماءُ هنن وٽ آئي هئي، تنهن کي اهائي ڳڻتي هئي ته الائجي اها ٻانهن ملي يا نه ملي. سو اڃا ماڻس گاڏي ڇڏي، اندر پنهنجي گهر ۾ مس گهڙي ته پڇڻ لڳس ته ”ڪيئن امان، فتحون آهن نه؟“
ماڻس چيو ته ”ابا! برقعو ته لاهڻ ڏينم، ساهه ته پٽڻ ڏينم، خدا سڀ چڱي ڪندو!“
وري مريم کان پڇيائين ته ”دائي، تون ڪا ڳالهه ٻڌاءِ، ڪڏهن جو انجام ورتو؟“
جان بيبيءَ چيو ته ”مار، ابا! تون ته تريءَ تي بهشت ٿو طلبين؟ يا ته چوندو هئين ته شادي ڪانه کپي، يا ته هاڻي آڻي تڪڙ مچائي اٿئي“
علي رضا چيو ته ”امان، آءٌ ائين ئي ٿو پڇان ته جنهن ڪم لاءِ ويا هئو، تنهن جي ذڪر ڪڍڻ جو وجهه مليو يا نه؟“
جان بيبيءَ ورندي ڏني ته ”هائو، ابا مليو، مائيءَ پنهنجا گهڻا لائق ڪيا. آخر خوشيءَ جو ڪم آهي، چيائين ته پنهنجو تن من پڇي ڏينهن – ٻن ۾ جواب ڏينديس. پر الله ۾ اميد جهجهي آهي.“
پوءِ ته جيڪي انهيءَ ڏينهن ٿي گذريو هو سو سارو احوال ڪري ٻڌايائينس ۽ ان سان گڏ زينت بانوءَ جي تعريف نئين سر ڪيائين جا ٻڌي، علي رضا گهڻو خوش ٿيو.
هوڏانهن وري شام جو سرائي فتح خان جي گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ گڏ ٿيا ۽ جان بيبيءَ جي اچڻ ۽ سندس فضيلت ۽ مائيءَ جي چڱي ٿيڻ وغيره جون