Jump to content

سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/21

From Wikisource
سنڌ جي ادبي تاريخ (1954)
by محمد صديق ميمڻ
21. هز هائينس مير عبدالحسين خان (سانگي) (1851ع کان 1924ع تائين)
329015سنڌ جي ادبي تاريخ — 21. هز هائينس مير عبدالحسين خان (سانگي) (1851ع کان 1924ع تائين)1954محمد صديق ميمڻ

هز هائنس مير عبدالحسين خان ولد مير عباس علي خان، سنڌ جي آخرين ٽالپر حڪمران مير محمد نصير خان جو پوٽو ۽ هز هائينس مير محمد حسن علي خان (حسن) جو سڳو ڀائٽيو هو. مير عباس علي خان جڏهن پنهنجي والد مير محمد نصير خان سان گڏ ڪلڪتي ۾ نظر بند هو. تڏهن يوروپئن آفيسرن ۽ منڊمن جي ڏسندي سندربن ٻيلي ۾ يڪيسر تلوار سان شينهن جو مقابلو ڪري ان کي ماريو هئائين، انهيءَ ڪري هڪڙي يوروپئن ميم صاحبه گهڻي چاهه مان مير عباس علي خان سان شادي ڪئي، جنهن مان هجري، 1268 مطابق 1851ع ۾ هز هائينس مير عبدالحسين خان فرزند ڪلڪتي ۾ ئي ڄايس، شايد انهيءَ ڪريئي سانگي صاحب هڪڙي هنڌ چيو آهي ته:
”پيارج پرت جو پيالو الايا ايهالساقي
اسان جو ملڪ بنگالو الايا ايهاالساقي.
(ديوان سانگي جلد 1 صفح 102)
مير عبدالحسين خان اڃا ڇهن ورهن جو مس هو، ته سندس والد صاحب اتي ڪلڪتي ۾ ئي وفات ڪئي، جنهن جو لاشو حيدرآباد ۾ آڻي پڻس جي ڀرسان ميرن جي قبن تي دفن ڪيائون. انهيءَ وقت کان وٺي مير عبدالحسين خان پنهنجي چاچي هز هائينس مير محمد حسن علي خان (حسن) جي سنڀال هيٺ رهيو، جنهن ڪچيءَ کان ئي اردو، پارسي ۽ انگريزي تعليم جو بندوبست رکائي ڏنس، مير عبدالحسين خان جڏهن ڇهن ورهن جي عمر جو هو، تڏهن پنهنجي چاچي مير حسن علي سان گڏجي 1863ع ۾ پنهنجو ڏاڏاڻو ملڪ يعني سنڌ اچي ڏٺائين. سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ بہ سنديس تعليم ۽ تربيت تي سندس چاچو چڱي چوکي نظر رکندو آيو.
ڦوهه جوانيءَ ۾ مهراڻن جي ڪيٽيءَ (درياءَ جي ڀر) ۾ جا ٽکڙ جي نزديڪ گنجي ٽڪر ۽ درياءَ جي وچ ۾ آهي هرڻن جي شڪار ڪندي مير صاحب پاڻ هڪڙي پارسي غزل ۾ چوي ٿو ته:
”شوقي ز شڪار داشتم بحدي،
آخر يقين شد که خود شڪاريم.“
(ج 1 ص 67)
معنى: شڪار جو شوق تمام گهڻو هوندو هوم؛ نيٺ پڪ ٿيم ته پاڻ ئي شڪار بڻجي چڪو آهيان. جئن ڄام تماچي نوريءَ جي نينهن سانگي سڀ ڪينجهر نواسي نوازي ڇڏيا، تئن هن نوجوان شهزادي بہ پنهنجي معشوق جا مٽ مائٽ نوازي راضي ڪيا ۽ مائيءَ کي حيدرآباد ۾ آڻي ساڻس عقد وڌائين.
”اسان جو عشق عالمگير هاڻي پير ٿيو آهي،
ڪيئين نخچير ٿي، هاڻي سو خود نخچير ٿيو آهي.
جو مهراڻن جي ڪيٽيءَ ۾ ڪنارو آهه گهاري جو،
سو سارو سئر حاصل غيرت ڪشمير ٿيو آهي،
پري کان ٿي ڏٺو مون منگهريو مجلس ۾ مرڪيو ٿي،
ڏسي مون کي سو سهڻو صورت تصوير ٿيو آهي.
تڏهن دل منهنجي ديواني ٿي آهي مست لا يعقل،
پوڻ لئي زلف پيارل جو جڏهن زنجير ٿيو آهي.“
(ج 2 ص 86)
هڪڙي هنڌ ته مير صاحب کليو کلايو چوي ٿو:
منٺار مٺي يار کي صورت ڏني مولى
مون کي انهيءَ مہ رو جي محبت ڏني مولى
الله آهن منهنجون ڪيون پوريون،
منٺار مليو روح کي راحت ڏني مولى
حاصل ٿيو رقيبن کي جدائيءَ جو جهنم
سانگي کي ته جيئري آهي ”جنت“ ڏني مولى
(ج 2 ص 7)
ان مائيءَ بہ بجنسي نوريءَ واري نهٺائي ۽ اخلاقن سان مير صاحب کي حد کان زياده موهي وڌو هو. مائيءَ جي حياتي ٿوري هئي، تنهن ٿورن ئي ڏينهن بعد وفات ڪئي. مائيءَ جي وفات ڪرڻ ۾ مير صاحب جو پاڻيءَ مان نڪري وڃڻ. پوءِ حيدرآباد ۽ شاه جي ڀٽ جي وچ ۾ اگهاڙين پيرين اچڻ وڃڻ راتين جون راتيون گنجي ٽڪر تي سسئي وانگر پير پٿون ڪرڻ مجنون ۽ وامق کي بہ شهه ڏيئي ڇڏڻ.
1- ”هلياسون واري مجنون ڏي هڻندا نينهن جو نعرو
چيو ٿي چاهه مان هر هڪ اجهي سانگي سفر نڪتا.“
(ج 1 ص 12
2- ”دردن ڪي ڌوم ڌام دل ناتوان تي
صدمہ هزار منهنجي رسيا آهن جان تي.
واچوڙي وانگي ڦرندو وتان آءٌ روز شب
آهيان ڪڏهن زمين تي ڪڏهن آسمان تي.“
(ج 1 ص 11)
هز هائينس مير محمد حسن علي خان کي پنهنجي ڀائٽي جي پريشان حاليءَ جو تمام گهڻو فڪر ٿي پيو، تنهن ڪن يوروپئن عملدارن جي صلاح ۽ مدد سان ٻہ ٽي منڊمون مير صاحب جي خدمت ۾ ڇڏيون. انهيءَ لاءِ ته ڪنهن بہ طرح ان جي ٽهندڙ دل دام ۾ اچي ۽ هو جهان جي دستور موجب هلي چلي.
آخر ڊاڪٽر رائٽ صاحب جي ڌيءُ مس رائٽ صاحبه انهيءَ ڪم ۾ فتحيات ٿي ۽ مير صاحب کي اڳيان دفتر سڀ وسارائي ڇڏيائين.
مير حسن علي خان مس رائٽ صاحبه جي عزيزن ۽ وارثن کي سندن مرضيءَ موجب خوش ڪيو ۽ سنه 1877ع ۾ مس ممدوحہ کي مسلمان ڪري مير صاحب سان شادي ڪرايائين. هز هائينس مير عبدالحسين خان پوءِ زمانه سازيءَ سان بلڪل پورو رهندو آيو ۽ انهيءَ گهر مان ٻہ فرزند ٿيس.
جڏهن عشق جي مستيءَ جا اڳيان پردا مير صاحب جي دماغ تان لهي ويا، تڏهن ٿو فرمائي:
”جنهن مون کي ٿي ڏٺو،
ٿي چيو ته تنهن چريو چريو
پنهنجي پرينءَ ڏي مون
جو ڏٺو ٿي وريو وريو
فرقت ۾ پنهنجي حال تي
مون پاڻ ٿي رنو
سڀڪنهن چيو ٿي عشق جو
ڍونگر ڍريو ڍريو
سچ آهي سنگ سخت
کان انسان سنگدل
جن ريءَ نہ دم سريو ٿي
سو سانگي سريو سريو.،
(ج 1 ص 9)
هز هائينس مير عبدالحسين خان ڦوهه جوانيءَ جي وقت ۾ ئي حضرت شاهه ڀٽائي جو پورو پورو معتقد ۽ ان جي ڪلام جو سچو پياسي هوندو هو.
1- ”شاهه لطيف شامل حالم اگر نہ هو
تو شاهراهه عشق مين ميرا گذر نہ هو.“
(ج 1 ص 96)
2- ”هادي راهه هدا آهي ڀٽائي ڀرجهلو،
ياد ٿو هر دم ڪريان تنهن مرشد ومولى کي آءٌ“
(ج 1 ص 104)
3- ”مون کي مرشد کان ٿيو خدا حاصل
گل سان بلبل ڪيو آشنا مون کي.“
(ج 1 ص 118)
مير صاحب پنهنجي معشوقہ جو لاشو بہ شاه جي ڀٽ تي دفن ڪرايو هو.

مير صاحب ڪچيءَ کان وٺي فقيري خيالن جو ماڻهو هو، عشقبازيءَ ته آقي باقي بہ فقير بنائي ڇڏيو هوس. جيتوڻيڪ اميراڻي زندگي بسر پيو ڪندو هو، ته بہ دل توڙ تائين فقيريءَ جي رنگ ۾ رتل هيس. پاڻ فرمائي ٿو:
1- ”ڪين مورئون مٽ ڪريان سو
سک آءٌ هڪڙي سور سان،
فقر ۽ فاقو نہ پاريان
دولت فغفور سان.
هنجهه جي ٻوليءَ نہ سمجهن
ڪانگ ڪانگيرو ڪري.
مفت هو ملن مٺو ڪيو
مامرو منصور سان.“
(ج 1 ص 10)

مير صاحب جي فقيري دل جي ثابتي اها آهي، جو هڪڙو اميرزادو ٿي ڪري بہ پنهنجو تخلص رکيائين ”سانگي“ (ڪجهه وقت گذاري هليو وڃڻ وارو) يا چل چلائو. ان بابت پاڻ فرمائي ٿو:
1- ”سانگ دنيا ته آهه اي سانگي،
سمجهو ساڻيهه جنهن سو نادان ٿيو.“
(ج 1 ص 86)
2- ”ساڻيهه ناهه هي ته گذر جو مڪان آهه،
دنيا جي سانگ ۾ اوهين سانگي سنڀالجو.“
(ج 1 ص 96)

سانگي صاحب جا وڏا مائٽ پڪا اثنا عشري شيعا هئا، پاڻ بہ اهلبيت اطهار جو سچو عاشق هو ۽ حضرت علي المرتضى (ڪرم الله وجہ) ۽ ان جي صفت ۽ ساراهه پنهنجي ڪلام ۾ چپي چپي تي ڪندو ويو آهي، پر اصحاب سڳورن جو بہ گهڻو ادب رکندو هو. شيعه يا سني سڏائڻ جي بدران پاڻ کي صوفي سڏائيندو هو ۽ مذهبي بحث کان سخت نفرت هوندي هيس. ان بابت سندس رايا هي آهن:

1- جا آيت تطهير آهي شان ۾ جن جي،
سي آءٌ جز از عترت اطهر نٿو ڄاڻان.
مرشد کان هي ارشاد ٿيو در راه تصوف،
مولا ڪو بجز ساقي ڪوثر نٿو ڄاڻان.“
”مرسل جا جي اصحاب آهن صدق جا صاحب،
سي رتبه ۾ هڪ ٻئي کان ته ڪمتر نٿو ڄاڻان.“
(ج 1 ص 10)
2- ”جو شيعن ۽ سنين ۾ هلندڙ آهي.
اي زاهد سو آهي شريعت جو بخث.
اسن سان جي ڪرڻو آهي تان ڪريو،
حقيقت جون ڳالهيون طريقت جو بحث.“
(ج 1 ص 24)
3- ”نه شيعو آه سني آهي محي الدين،
سو آه صافي و صوفي و رهنماء طريق،
تفاوت آه ٻنهي ۾ ڪيو مٺن ملن،
ڪيو مون مشرب و مذهب جو تهدلئون تحقيق.“
(ج 2 ص 24)

مير صاحب کي سرڪار مان ٻارهن سو رپيا ماهوار پوليٽيڪل پينشن ملندي هئي. سندس اميراڻي اٽالي جي ڪري اها پينشن ٿوري هئي، پر گهر ۾ نهايت دانا ۽ تعليم يافته يوروپيئن خاتون هيس، جا سڄي اٽالي جي خرچ جو انتظام بلڪل سهڻي نموني سان رکندي ايندي هئي ۽ مير صاحب کي ڪا بہ دست اندازي ڪرڻي ڪا نہ پوندي هئي.
مير صاحب فرسٽ ڪلاس اسپيشل مئجسٽريٽ بہ حسن تدبير ۽ هوشياريءَ سان توڙ تائين نباهيائين. ان بابت پاڻ هئن ٿو فرمائي:
وري ڪا ڪجي اهڙي موزون نوا،
ڪري طبع مضمون جي آڏي پڇا،
آهيان پهرئين درجي جو مئجسٽريٽ،
ڪريان ڪم فرمائي مون کي خدا.
اهو ٿا چون آهه عمدو وڪيل،
زبان ۾ هئي تاثير جنهن جي صفا.
آهي شاعري ۽ وڪالت ٻئي،
صفا هڪڙي سانچي ۾ پلٽيل جدا.
علم تي رڳو تنهنجو ناهي مدار،
مگر حق تعالى جي آهي عطا.
جي بئريسٽر آهي ڇا ٿي پيو،
جي سالسٽر آهن سي ڀي نام جا.
پڇا سيکاري ”ڪالج“ ۾ ڪو،
اهو جوهر ذاتي آهي بجا.
اسان ڪا ڪڏهن ڪا نہ ڪورٽ ڏٺي
نڪي قاعدا ڪي پڙهي مون ڏٺا
وڃي پار پيا سون توڪل ڪري.
ڪندي ڪم وره گذري ٻارهن ويا.
غنيمت آهي گذري جو دم بخير،
به امن و امان ۽ بصلح و صفا.“
(ج 1 ص 17)

هيٺين شاعرن سان مير صاحب جي خاص محبت هوندي هئي: (1) سيد غلام محمد شاه (گدا) سندس استاد هوندو هو. (2) ميان وڏل علوي (حيدري) ويٺل سيد پور تعلقه گوني (3) پير ميان علي محمد شاه (علڻ سائين) سجاده نشين شاه ڀٽ، سندس مرشد زادو هو. (4) پير ميان صاحبڏنو شاه سجاده نشين بلڙي تعلقه گوني، (5) حافظ حاجي حامد ٽکڙائي (6) مرزا قليچ بيگ، (7) سيد عبدالحسين هندستاني.
مير صاحب گدو بندر کان ڏيڍ ميل کن ڏکڻ طرف درياءَ جي ڪپ تي مير مير محمد خان جي ٽنڊه ۾ رهندو هو، جنهن کي عام طرح ڪانپ (ڪئمپ) ڪري سڏيندا هئا. هز هائينس مير محمد حسن علي خان وري انهيءَ ڪئمپ ۽ گدوبندر جي وچ تي مير نور محمد خان جي ٽنڊه ۾ رهندو هو.
سانگي صاحب شاعرن جي مجلسن، راڳيندڙن جي محفلن ۾ درويشن جي صحبتن ۾ هڪڙي پاسي گذاريندو هو، ته ڪورٽ جو ڪم ٻئي پاسي سنڀاليندو هو. هر سال سانوڻ ۽ سياري ۾ شڪار تي ويندو هو. ڪڏهن کيرٿر جبل ڏانهن، ڪڏهن ڪيٽين ڏانهن ۽ ڪڏهن ٿر جي ڀٽن ۾.
مير سانگي صاحب چوهتر ورهين جي عمر ۾ ٻہ لائق فائق فرزند ڇڏي 1924ع ۾ رضا ڪئي. سندس لاشو سنديس وصيت موجب شاه جي ڀٽ تي وڃي دفن ڪيائون.

سانگيءَ جو ڪلام
سانگي ڦوهه جواني جي وقت ۾ پهريائين علم موسيقي جي اصول تي ڪافيون چوندو هو. ”سوز سانگي“ نالي هڪڙو ڪافين جو داستان تيار ڪيو هئائين، جو گم ٿي ويس، تنهن کان پوءِ موزون ڪلام (غزل) ٺاهڻ شروع ڪيائين. 1904ع تائين ”ديوان سانگي“ جا ٻہ جلد تيار ڪيائين، جي ڇاپيل آهن، پهرئين جلد ۾ اڍائي سو کن غزل ۽ قصيدا آهن ۽ ٻئي جلد ۾ ٻہ سو کن غزل ۽ قصيدا ۽ هڪ سئو اٺاويهه ڪافيون ۽ ٽي سي حرفيون آهن.
”ديوان سانگي“ جا ٻئي جلد ليٿو گراف ۾ ڇاپيل آهن. هن ڪن ڪن ڏکين لفظن جون معنائون بہ حاشيه تي لکي ڇڏيون آهن؛ مگر پروف تي پوري نظر نہ ٿيڻ ڪري ڇاپي جون غلطيون گهڻيون رهجي ويون آهن.
ٻنهي جلدن ۾ غزلن تي جريان نمبر لڳل نہ آهن، جي هئڻ ضرور هئا.
انهن ٻنهي جلدن جي ڇاپجڻ کان پوءِ بہ ويهه وره سانگي حيات هو ۽ ڪيترائي غزل، قصيدا ۽ ڪافيون ٺاهيون هئائين، جي سندن وارثن وٽ موجود آهن. اهو ويهه سالو ڪلام جو دستخط حالت ۾ آهي سو هن ڇاپيل ڪلام سان ملائي ”ڪليات سانگي“ جو ڪو نئون درست نسخو شايع ڪرايو وڃي ته بهتر.
سانگي صاحب نہ رڳو پارسي، اردو ۽ سنڌي شعر ٺاهيندڙ زبردست شاعر هو، پر قابل نثر نويس بہ هو. ”لطائف لطيفي“ نالي پارسي ڪتاب لکيو اٿس، جو اڃا دستخط حالت ۾ آهي. ان ۾ پارسي نظم ۽ نثر نهايت عمدا لکيا اٿس. هن ڪتاب ۾ حضرت شاه ڀٽائي جو احوال ۽ وڏن ميرن صاحبن جيڪي انهيءَ درگاه جون خدمتون ڪيون تن جو ذڪر ۽ فقيراڻا نڪتا ۽ چٽڪا چڱي نموني سان لکيل آهن.
اسين هت فقط ”ديوان سانگي“ جي ٻن جلدن ۾ سمايل ڪلام تي ادبي نظر سان قلم فرسائي ڪنداسون.

سانگي صاحب جو ڪلام، خصوصيتون ۽ ايجادون.
1- سانگي پنهنجي زندگي جا احوال جهڙي ڪشادگيءَ ۽ چٽائي سان پنهنجي ڪلام ۾ جدا جدا طرزن سان سمائيندو ويو آهي، اوتري انداز ۾ ۽ اهڙي خوبيءَ سان ٻئي ڪنهن شاعر پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ پنهنجي زندگيءَ جا واقعا بيان نہ ڪيا آهن. ڪٿي ڪٿي ته وري سنه ڏيندو ويو آهي. جئن ته چوئيتاليهن ورهن جي عمر وقت پنهنجو شخصي حال ۽ درياءَ جي ٻوڏ جو ذڪر هن طرح ڪيو اٿس:
صرف سڀ عمر در سچائي،
بارڪ الله سا سجائي ٿي.
ويئي وارن مان هئي جا ڪارائي،
آخر اها اچي صفائي ٿي.
نه اکين ۾ رهي ڪڪورائي،
آهي عينڪ سان آشنائي ٿي.
چهل و چار سال بعد عيان،
هي زماني جي بي وفائي ٿي.
نه اهو رنگ روپ ونق آه،
پنهنجي ڄاتم ٿي سا پرائي ٿي.
آهي پيري رسي جوانيءَ مان،
ٿي چڱائي منجهان مدائي ٿي.
نه رهيو اقتدار جسماني،
پختگيءَ ۾ اچي ڪچائي ٿي.
ٿي جواني ته بي وفائي آخر،
جا پرائي هئي سا پرائي ٿي.
تئن جوانن مان نڪري ويا آهيون،
کير مان نڪري جئن ملائي ٿي.
1312
هڪ هزار وسه صد و دو آه،
جنهن ۾ دريا جي هئي چڙهائي ٿي.
جت پاڻي ڪڏهن هو ڪونه آيو،
اهو ميدان ڀي ويو ترائي ٿي.
ڪيترا ڳوٺ ٻوڏ ڪيا برهم،
متو طن ويا توائي ٿي.
نيٺ ڪم آيو بنگلو جيڪب جو،
وڃي ويٺاسون دل بجائي ٿي.
سير حاصل جبل تي هو بنگلو،
دل کي مرغوب خوشنمائي ٿي.
بنگله ٻئي ۾ مير شاهنواز،
اچي ساڪن ٿيو سانگ ڀائي ٿي.
خير خوبي سان ڏينهن ويا گذري،
گذري جا عمر سا پرائي ٿي.
(جلد 1 صف 177)
نوٽ:- مٿئين احوالن مان تسلي ٿئي ٿي ته مير سانگي هجري 1312 ۾ 44 ورهن جو هو يعني سندس ولادت جو سنه 1268 هجري برابر 1851ع هو.
2- شاه ڀٽائي عليہ الرحمة جي ڪلام وانگر سانگي جي ڪلام ۾ بہ ديس جي طرحين طرحين شين ۽ ڌنڌن وهنوارن مان سبق ورتا ويا آهن ۽ انهن کي تمثيل طور يا ڪنهن هنڌ تشبيهن طور ڪم آندو ويو آهي، آخوند گل محمد جي ڪلام ۾ اها خصوصيت آهي، پر گهٽ انداز ۾؛ مگر آخوند قاسم، فاضل شاه يا ٻين سنڌي شاعرن جي ڪلامن ۾ اها خصوصيت اڻ لڀ آهي، جئن ته پوک ۽ هاريءَ جا تمثيل، نار ۽ هرلا، ريل گاڏي، ٻارين راند، پيس ڪوٽ راند، عشق جي ڪورٽ ۾ عاشق جو حسن تي فرياد، عقل وڪيل جي تقدير ۽ عشق مئجسٽريٽ جي فتوى وغيره وغيره. ڪيترائي نوان نوان تمثيل ڪلام ۾ ڪم آندا آهن، جي نہ ڪنهن اڳئين شاعر ڪم آندا آهن ۽ نہ ڪنهن پوئين. ٻہ ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا.
2- هينري مارٽن جي ڪارخاني جون ٺهيل بندوقون ۽ رائفلون مشهور آهن. حضرت سانگي صاحب هيٺئين شعر ۾ عاشق جي ”آهه“ کي هينري مارٽن جي بندوق سان تشبيهه ڏئي ٿو:
”عاشق جي ته آهه لاءِ رقيب،
هينري مارٽن جي آهه تفنگ.“
(ج 1 ص 58)
2- پتن سان ”پيس ڪوٽ“ راند ڪرڻ جو رواج جتي ڪٿي عام آهي، پر ان مان ڪنهن عقلي يا اخلاقي سبق حاصل ڪرڻ ڏانهن ڪنهن جو ڌيان بہ نہ ويندو آهي. سانگي انهيءَ خسيس راند مان بہ قيمتي سبق ڪڍي ٿو:
1- ”پتن جي ڏسي راند مون کي عجب هي آيو،
جي حڪم هجي شاه کي ماري وٺي گولو.“
(ج 1 ص 85)
2- راند ۾ ڀي ضرور زور جو آهه؛
حڪم ناهي اچيو وڃي ٿي پيس.“
(ج 2 ص 40)
3- عشق ۽ عقل جي جنگ ۽ ان جنگي ميدان جو نقشو سانگي نرالي ۽ عجيب ڍنگ سان چٽيو آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو. ان جي مراد فلسفه سمجهڻ لاءِ پڙهندڙن کي غور ڪم آڻڻ جي ضرورت آهي.

”مضمون تراش ني زبان تيز نوبنو،
توکي ڏيان ٿو آءٌ قسم ذوالفقار جو.
جوهر ڏيکار اهڙا پڪا خنجر زبان،
جنهن مان ڪچو ڪڍي نہ ڪڏهن قدردان ڪو.
ظاهر نشان نظم جا پرچم کليل آهن،
ٿين عقل و عشق پاڻ ۾ هاڻي ٿا جنگجو.
فوج سخن جي ٿي في الفور صف ڪشي،
ڏس قلب گہ ۾ جنگ جو آهي طبل وڳو.
منزل پري نہ آهه هينئر ڪارزار جي،
شبديز فڪر تي آهي هسوار عقل جو.
باطن ۾ گرچه تنهن کي نہ آهي ذرو بہ زور،
عقل ۾ طمطراق آهي عقل جو وڏو.
طرفين کان بدر ٿي نقيبن ڪئي ندا،
سانگو نہ گهرجي هاڻ ڪرڻ سر جو سرڪشو.
تيغ زبان جي هاڻ ٿيو برش جو وقت آهه،
نڪري پري مان جو هجي عاقل پڙهيل پڪو.
قاضي اچي قريب ٿي يا محتسب اچي،
زاهد اچي ويا اچي واعظ ويا ڪو ٻيو.
هن طرف کان بہ مست اچي يا حسن پرست،
پڪو وڌائي پير کي ڪچو اچي نڪو.
ناگہ اچي ٿيو معرڪه گير و دار گرم،
اهڙي لڳي هوا جو هو هوا ٿي ويو حوصلو.
آواز ڪرناءِ ڪيو گوش سپهر ڪر،
مستن ۽ عاقلن جو اچي ٿيو مقابلو.
سڀ سرفروش عشق جا اهڙا وڙهڻ لڳا،
ڪنهن کي حواس ڪونه هو ڪنهن کي نہ هوش هو.
نڪري وئي نصيحت ۽ پند ٿي پري،
هيءَ جاءِ جنگ جي هئي نہ هو وقت گفتگو.
پادر رسيو پري کان ته پڳڙي پري پئي،
ملن جي منهن سپر ڪيو، هنيو مست موچڙو.
واعظ ورائي منهن هليو ميدان جنگ مان،
پهرئين ٺڪاء ساڻ ته زاهد ڀڄي ويو.
تسبيح عقل جو نہ مليو داڻو داڻي کي،
قاضي ڇڏي ڪتاب ڀڳو محتسب ڀڳو.
ناموس ننگ کي ڇڏي سلطان عشق وٽ،
ٻانهون ٻڌي ادب سان اچي عقل پيش پيو.
تڏهن عشق چيو عقل کي ته اي مرد نامور،
ميدان معرڪه ۾ ڪيو مستن وڏو مزو.
هاسون اصل اسين شهد و شير پاڻ ۾،
ملن منجهايو آهه سمورو هي مسئلو.
طرفين سان تعلق تنهن کي ذرو نہ هو،
سانگي پري کان پي ڏٺو هي معرڪو متو.“
(ج 2 ص 74)
3- سانگي جي ڪلام ۾ هيءَ بہ خصوصيت آهي، جو ان ۾ حسن پرستي ۽ عشقبازيءَ جو مضمون اهڙو کليو کلايو ۽ گهڻي انداز ۾ موجود آهي، جهڙو ٻئي ڪنهن بہ شاعر جي ڪلام ۾ نہ آهي. آخوند قاسم پنهنجي ڪلام ۾ پاڻ کي شيخ سعدي عليہ الرحمة وانگر صوفيانه اصول تي ڳڀرو پرست ثابت ڪيو آهي، ته سانگي وري مولانا جامي ۽ مولانا نظامي وانگر صوفيانه اصول تي پاڻ کي زنانه حسن جو ثنا خوان ثابت ڪيو آهي. پاڻ فرمائي ٿو:
ادا اسين آهيون عاشق مزاج،
آهي سر اسان جي تي وارن جو تاج.
ٿيس شاد شوخن سان شاديون ڪري،
ڏکن سان مليو سڀ ڏمر ڏوٽ ڏاج.
ٿو ڏين ياد هاٿي کي هندستان،
نه چاڙهاءِ ٻانهن تي اي يار عاج.
برهه جا ته بيمار آهيون اسين،
اسان جو ڪندو ڪير احمق علاج.
اسان عشق کي آهه مشهور ڪيو،
اسان کان لڌو عشقبازي رواج.
برابر نہ رهندو سو سهڻن سوا،
اي سانگي اسان جو مزاج وهاج.“
(ج 1 ص 25)
2- ”آهي برفي کان بيشمار لذيذ،
شوخ شيرين شاندار لذيذ.
صاف اولن کان ٿيا عجيبن جا،
در دندان آبدار لذيذ.
وصول ڇا هوندو ٿيو جڏهن آهي،
اي مٺا تنهنجو انتظار لذيذ.
بمبئي جي انبن رتامن کان،
سرخ رخسار نازدار لذيذ.
سانگي ميون کان ۽ مٺائن کان،
لب شيرين شوخ يار لذيذ.“
(ج 2 ص 29)
4- سانگي جي ڪلام ۾ هي خصوصيت آهي، جو منجهس انگريزي ٻوليءَ جا لفظ گهڻي انداز ۾ ڪم آيل آهن. آخوند گل محمد پنهنجي ڪلامن ۾ انگريزي ٻوليءَ جا ٻہ ٽي لفظ ڪم آندا آهن، مگر پوءِ سانگي کان سواءِ ڪنهن بہ شاعر ڪم نہ آندا آهن. مثال:
1- ”مٺن ماڻهن جي ابروءَ جو اشارو.
سو سانگي لاءِ سرڪاري سمن آه.“
2- مئجسٽريٽ عشق جي ڪورٽ ۾ حڪم ڪيو.
اغيار باوقار رهي يار بي وقار.“
(ج 1 ص 34)
3- ”ملڪ سخن ۾ آه مون کي دسترس وڏي،
آءٌ گورنر آهيان بہ اقبال و اقتدار.
آءٌ ميڙ چونڊ ٿو ڪريان مضمون جي مال جي،
آهيان ڪمشنر آءٌ ڪليڪٽر ۽ ڪاردار.
معلوم مون کي آه سڀ انداز نظم جو،
سروير آءٌ نقشه بڪف آءٌ طنادار.
تيغ زبان سان ٿو وٺان اقليم نظم جي،
لفٽنٽ آءٌ ميجر ۽ آءٌ ڪماندار.“
(ج 1 ص 36)
ازانسواءِ رجسٽر، سٽامپ، ڪامپ (ڪئمپ)، نمبر، گلاس، آفيس، گئس وغيره وغيره انگريزي ٻوليءَ جا لفظ ڪم آيل آهن.
5- پنهنجن هم عصر شاعرن کي يڪجاءِ ياد ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ڪلام ۾ داد سخن ڏيڻ بہ سانگي جي ايجاد آهي. کانئس اڳ ڪنهن بہ شاعر ائين نہ ڪيو هو.
مثال:
مطرب خوشخوان کي گهرجي ساز ۾ آڻڻ سرود،
چئي غزل تصنيف طبع شاعران هوشيار.
ڪي غزل پهرين گدا جهڙي سخنور جا چئي،
بي مثل جو آهه اقليم سخن جو شهسوار.
آه سو هن وقت ۾ ٿيو ابر نيسان سخن،
ٿو ڪڍي دل جي صف مان صاف در آبدار.
تنهنکان پوءِ پڙهجن وري تصنيف موزون دلفريب،
حرف هر ڪنهن ۾ هجي جنهنجي فصاحت بيشمار.
شاعر عالي دماغ آهي اهو مرزا قليچ،
سر زمين شعر ۾ جنهن کي ٿوي ڪلي اقتدار.
حيدري جي نظم کي پوءِ چئو بہ آواز بلند،
شاعر نازڪ خيال ۽ آهه جو يارن جو يار.
تنهنکان پوءِ چئجن وري حامد سندا اشعار خاص،
جي آهن تسبيح جئن پوتل چون در شاهوار.
آهه با فضل محمد شعر ماتم جو مٺو،
دل سندس آهي غم آل عبا ۾ داغدار.
ٻيا بہ آهن ڪيترا استاد شاعر سنڌ ۾،
بافصاحت ڇاپجن جنجون ٿيون تصنيفون هزار.
(ج 1 ص 21)
سانگي جناب گدا صاحب کي پنهنجو استاد ڪري مڃيندو هو ۽ ان جي ساراه پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ بجاءِ ڪئي اٿس. حيدري سان بہ ڪو خاص قرب هوس، جو ان کي بہ چپي چپي تي ياد ڪيو ۽ ساراهيو اٿس. سيد مرتضائي ٺٽوي، ميان صاحبڏنو شاه بلڙي وارو، سيد ابو الحسن هندستاني، ميان لطف الله مصنف گل خندان ۽ ٻين شاعرن جا بہ نالا سانگي پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا آهن ۽ انهن کي سخن جو داد ڏنو اٿس.
8- سنڌي ٻوليءَ ۾ ”واسع الشفتين“ ڪلام (اهڙو ڪلام جنهن پڙهندي پڙهندڙ جا چپ هڪ ٻئي سان نہ لڳن) چوڻ بہ سانگي جي ايجاد آهي. هيٺ ڏجي ٿو، جو سڄو پڙهي وڃي ڇيهه ڪبو ته ڪٿي بہ چپ هڪ ٻئي سان نہ لڳندا.
”يار اکڙين ٺار گلرخسار جاني دل جا يار،
ساه سر سر واه سائين آءٌ ڪريان توتان نثار.
عاشقن کي هاڻ حاصل ٿئي نہ تسڪين و سڪون،
هن طرح هرجا ته آهن عشق جا ٿيا اشتهار.
سي اگرچ ٿا گذارن دولت دنيا کان ڌار،
حسن جي سرڪار جا عشاق آهن ڪاردار.
تنهنجي ڪاڪل تان ڪريان صدا کٿوري جا کرا،
عين آهوءَ جي اي جاني تنهنجي نيڻن تان نثار.
عقل جي انداز کان سي دور آهن دردڪش،
نحو و صرف عشق کان هر طرح آهن هوشيار.
دل وٺڻ عاشق جي اي دلدار آهي تنهنجي ڪار،
سو اسان جو آه هادي شان جنهن جو آه هي.
لافتى اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار،
اٿ گدا و حيدري هن شعر رنگين کي ڏسي،
شاعر ٽکڙ سان گڏجي ٿا ڪڍن ڪي انتظار.
ناسخ و آتش سان گڏجي شاعر شروان ڏسي،
ٿو ڪري سانگي ته غزلن جي غزالن جا شڪار.“
(ج 1 ص 33)

فطرت نگاري، واقعه نگاري ۽ سيرت نگاري وارو مضمون
قدرتي نظارن کي دلچسپ نموني سان نروار ڪرڻ، ڪنهن بہ واقعي کي اثرائتن لفظن ۾ بيان ڪرڻ ۽ ڪن بہ ماڻهن جي نشست برخواست ۽ هلت جو پورو پورو نقشو عام فهم عبارت ۾ پيش ڪرڻ آهي شاعريءَ جون زبردست لياقتون آهن، جي سانگي جنهن خوبيءَ سان ادا ڪيون آهن، تنهن نزاڪت سان سواءِ حافظ حامد جي ٻئي ڪنهن بہ اڳئين يا پوئين شاعر ادا نہ ڪيون آهن. مير سانگي پنهنجن غزلن خواه ڪافين ۾ ڪٿي کير ٿر جبل ۽ ٿر ملڪ جو برساتي نظارو ۽ شڪار ڪندڙن ۽ جهنگلي جانورن جون حالتون، ڪٿي ٻيلن ۽ ڪيٽين ۽ دٻن جا چهچٽا ۽ اتيجي شڪار بازيءَ جون موجون، ڪٿي برساتن ۽ ٻوڏن جا واقعا، ته سهڻيءَ ۽ سسئيءَ ۽ مارئيءَ جي سيرت، ته ڪٿي وري جهنگ ۾ گذاريندڙن غريبن جا ارڪان ۽ افعال جدا جدا طرزن ۽ نمونن ۾ نروار ڪندو ويو آهي. اسين نموني خاطر ٻہ ٽي مثال هيٺ ڏيڻ ڪافي ٿا سمجهون.
مثال:
(1) کيرٿر جبل، ان جي ٽڪرين ۽ نهرن جو نظارو:
”غير شوخن جي ۽ بغير شڪار،
دل کي هرگز اچي ڪين قرار.
وسي مينهن ڪيو ملڪ سڀ سرسبز،
ميسر حاصل ٿيو سچو ڪهسار.
سينڌ تي تئن جبل جي آهي گاهه،
جئن سهڻن جي آهن سنڌ تي وار.
قابل ديد آهي ڪاٺ پٺي.
سبز تر از خط رخ دلدار.
سرس سا تيرزن ۾ ٿي سبزي،
سبز سانهيجي آهه سڀ يڪبار.
ٿيو سرهاڙو سڄو آهي سرهو،
آهي جنت سڄي ٿي جن واري.
ٿيو مٽاري ۾ گاهه آهي موڪ،
ٿي ڪٻڙ ڪل سڄي آهي سرشار.
آهن ٻانڌا ڪا ٿيا سڄا ساوا،
سبز سڀ آهي دامن ڪهسار.
آهي چشمو چون چشمئه ڪوثر،
ٿيا ليارن واري ۾ آهن ليار.
ڪورڪل ۾ ۽ سورجاڻيءَ ۾،
مون هرڻ ۽ سره ڪيا ٿي شڪار.
پٽ واري ۾ ٿي ٻهون ساوڪ،
آهي ڪهسار غيرت گلزار.
نامور نئي جا آهي بارن جي،
آبرو بخشي تنهن کي ابر بهار.
صاف ڌوپي ٿي ساري کير ڊهي،
ڪيا مينهن آهن وڏا وسڪار.
آهه مکياءَ ٿيو سڄو مکڻي،
لنب لهريون هڻي ٿو دريا وار،
ڄنگهڙي اهڙي زور ساڻ وهي،
جنهن ڏٺي تنهن چيو ڏسي ٿي مار.
گاه ڀاناڻي ۾ آه ٿيو بي حد،
خوشدلي هئي هتي فزون زشمار.
هتي هرڻن جا ها ڇنن ۾ ڇڳا،
ٿي پٽن تي ڏٺا غزال هزار،
هت شڪارن جو شغل هو بي حد،
رهيو اسباب جشن جو تيار،
هت عجب رنگ روپ ٿي گذريا،
موسم برشڪال ۾ آ بسيار
ڪيترا ڏينهن ٿيا ڏٺي ڏونگر،
نه لنگهڻ ٿي ٿو هاڻ دريا پار.
ٿيو اسان جي سو ڪهڙي ڪم جو هاڻ،
سانگي جي ڪوهسار ۾ ٿيو شڪار.
(ج 1 ص 40)
ملير ۾ مينهن جا نظارا:
”اُٺا مينهن مارن تي بي انتها،
ڦٽا ڦوڳ، ساوا ٿيا سر، جا بجا.
وساري جي آهيان ويڙهيچن ته ڇا،
وريچا ڀلا مون کي ڪئن وسرندا.
نٿا سار سورن ۾ منهنجي لهن،
ويڙهيچن کي وسري آهيان سومرا.
پنوهارن نہ منهنجي ڪا پروا ڪڍي،
اباڻن جي خاطر مون هي حال ڪيا.
عمرڪوٽ ۾ آءٌ آهيان ٿي اسير،
مزا مون چکيا ڪيترا قيد جا.
ڪڙاڪوٽ ڪئن منهنجي دل تي پون،
مٺا منهنجا مارو آهن ٿر ٿيا.
اباڻن عمرڪوٽ ناهي ڏٺو،
هنن جو ڀلا آهي شهرن سان ڇا.
مون هي حال هيء هيء ڪيا جنجي ڪاڻ،
نه ڪئي مون سان تن ڪا ويڙهيچن وفا.
ڏسڻ ۾ اچن اڄ ٿا ڪارا ڪڪر،
اڀرندي ڏي آهن وڄن ور وڌا.
سڻو آه گوندن جي پاسي ٿي گوڙ،
اجها اڄ لڳي ٿي اُٺي جي هوا.
آهي مينهن مارن ڏي پيو وڏ ڦڙو،
ڇنون تار ڏسجن ٿيون ۽ ڇڇ ڀريا.
سڪان ٿي سدا ٿر جي ٿڌڪار کي،
ڀٽن تي لڳي ٿي جا بادصبا.
هڻن لنب لهريون ٿا ميدان ۾،
آهي سبز ساڙيهه سڀ خوشنما.
پيون اڄ ڳنڍيرن ۾ آهن ڳنڍيون،
سڪا جي ها وڻ سي بہ ساوا ٿيا.
نڪا پوک پوکن نڪو هر هلي،
تڏهن ڀي سکيا آهن مارو مٺا.
اهي ڏٿ ڏوٿن جي پاسي پڪو،
ٿيو سائون سيارج ۽ مکڻي صفا.
ڀٽن جي ڀرن تي ڀري پنهنجا پاند،
چڀڙ چونڊي آڻين سرتيون سدا.
سدا منهنجا مارو مٺا منجهه ملير،
پپن ۽ گولاڙن مان ماڻن مزا.
للر لس مريڙو آهي ملڪ ۾،
منگها موڪ، ميهن آهن پٽ ڀريا.
پنوهارن جي آهي پسي سان پريت،
سڱر سيڪي کائن ٿا سانگي مٺا.“
(ج 2 ص 8)
چمن ۽ موسم بهار:
”شاهد گل ٿيو آهي رونق فزا،
چار سو بلبل جا آهن چهچٽا.“
صحن چمن ۾ پيون آهن اشرفيون،
آهي سخاوت ڪئي باغ سخا.
لاڏ مان سنبل جون ٿيون جعدون لڏن،
آهن کٽڻهار کليا جا بجا.
لعل کان ٿيو لعل آهي گل انار،
موتين کان صاف آهن موتيا.
نرگس شهلا ٿي ڏسي ناز مان،
سوسن صدبرگ سمن جا مزا.
ٿئي ٿو رتن جوت کان رونق ۽ رنگ،
سرخ ڪي گل ٿين ٿا ۽ ڪي صفا.
سبز آهي صحن چمن سر بہ سر،
نسترن وياسمن آهن کڙيا.
گل کي ۽ بلبل ڏسي پاڻ ۾،
دائودي، دينار تصدق ڏنا.
زينت گلزار ٿيار گئونٽن جا گل،
تلسي و تڪيا ٿيا آهن خوشنما.
آهي ٿيو شنبو کان معطر مشام،
سرهي آهي جنهن کان ٿي بادصبا.
باغ ۾ بو بخش آهي بيد مشڪ،
آهن سوري ۽ صنوبر کليا.
آهي اُٺو زور سان ابر بهار،
چؤنڪ چلها چار طرف تيار ٿيا.
هي بہ هينئر چٽڪو آهي چار ڏينهن.
موسم گل سانگي نہ رهندي سدا .
(ج 2 ص 5)

مدحيه ۽ دعايه مضمون:
مدحيه (ساراه ڏيکاريندڙ) مضمون عام طرح ٿورو گهڻو سڀ ڪنهن شاعر ڪم آندو آهي، دعايه (ڪنهن کي دعا ڪرڻ وارو) مضمون مير سانگي گهڻي قدر ڪم آندو آهي. جنهن ۾ اڳين شاعرن کان ڪثر کڻي ويو آهي. سانگي حضرت علي المرتضيٰ (عليہ السلام جي ساراهه جاءِ بجاءِ ڪندو ويو آهي. اهلبيت اطهار (عليہ السلام) جي تعريف، پنهنجي استاد سيد غلام محمد شاه (گدا) جي واکاڻ، ميان وڏل (حيدري) ۽ ٻين هم عصر چيدن چيدن شاعرن جي قابليت جو اعتراف بہ جاءِ بجاءِ ڳائيندو ويو آهي.

پنهنجي ڪلام جي مقبوليت لاءِ دعا:
1- ”يا رب منهنجي فرياد ۾ تاثير عطا ڪر،
بلبل کان بہ وڌ لذت تقرير عطا ڪر.
آباد رهي منهنجو هي گلزار سخن جو،
اهڙي اي نسيم سحري هير عطا ڪر،
مضمون جي ته هن طبع رسا منهنجي کي آباد،
اقليم سخن جي منجهان جاگير عطا ڪر،
جت ڪٿ ڪه فراهم ٿي فصيحت جي جماعت،
الله اُتي طبع کي توقير عطا ڪر.“
2- ”يار رب چمن نظم سڄو تازه و تر ٿئي،
سر سبز سدا منهنجي ته مضمون جو شجر ٿئي،
سير حاصل سربستو ٿئي گلزار سخن جو،
گل اهڙا ٽڙن جن کان ڦڪو عطر اگر ٿئي.
چپ پنهنجا چٽيندو وتي جيڪو پڙهي تنهن کي،
بي شائبه شيرين سخن از شهد و شڪر ٿئي.
(ج 2 ص 99)

هجويه ۽ مذاقيه مضمون:
سانگي جي ساري ڪلام ۾ ڪنهن بہ شخص جي هجو (گلا يا نلائي) جو مضمون ڪم آيل نہ آهي، باقي مذاقيه يا ظريفانو ڪلام جامء آهي. جيتوڻيڪ ظريفانه يا مذاقيه ڪلام ۾ کانئس پوءِ ڪي شاعر گهڻي ڪثر کڻي ويا آهن، جهڙوڪ بلبل، مخلص وغيره. ته بہ سندس هم عصرن ۾ ٻئي ڪنهن بہ شاعر جهڙس مذاقيه يا ظريفانه ڪلام نہ چيو آهي. شاه ڀٽائي ۽ خليفه گل وانگر مير سانگي جي ظريفانه ڪلام جو بہ گهڻو تڻو بخار رڳو انهن ملن ۽ زاهدن تي ڇنڊيل آهي، جن کي هاٿيءَ وانگر کائڻ جا ڏند هڪڙا ته ڏيکارڻ لاءِ ٻيا هوندا آهن،باقي پيريءَ جي حالتن ۽ ٻين انساني خصلتن تي سانگي جيڪا مذاق ۽ ظرافت ڪم آندي آهي، تنهن ۾ هو پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

1- ملان ۽ زاهد:
مثال:
1- ”نظامي آءٌ آهيان هن عهد جو آهيان جامي
غزل ۾ منهنجي ڪٿي ڪا نڪا آهي خامي.
پڪا پرت ۾ ٿياسون ڪڍي ڪچائي کي،
اسان سان حق آهي هر حال ۾ ٿيو حامي.
ڀلا ڪو هوندو محبت جو مان ملن ۾.
جا رمز خاص آهي تنهن مان ڇا ڄاڻي عامي؟
ملن کي ڪيئن رهي معلوم مان مستن جو؟
گدڙ کي ڪهڙي خبر ڇاهي زور ضرغامي؟

ڏاڙهيءَ کي ڪيس:
”مون لاتو ڪيس وارن کي ته ٿئي ڏاڙهي وري ڪاري،
په ٿي پيا وار قسمت سان سفيد و سرخ زنگاري،
اڃا هو فڪر وارن جو ڪريان ڪارو جوانيءَ جئن،
وري پيري ڦري آئي ادا مون کي ته چوڌاري،
اڃان آلان ڏند اهن جي او پڻ ويا ته ٿيو مشڪل،
ڪڏهن دندان مصنوعي سان ڀڄندي ڪين سوپاري،
ڳلي ۾ گهنج پيا اڪثر ۽ چم سارو ور ور،
ته گويا تختهءِ سيمين ٿيو آهي قلم ڪاري.
ٿجي ڪنهن طرح سان قادر نڪو ڪاري تي اي سانگي
جڏهن پهچي نہ پيريءَ ۾ اسان کان ٿي گنهگاري.
(ج 1 ص 126)