سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/23
سيد غلام مرتضى شاه (مرتضائي) سنڌ جو هڪڙو نامور شاعر ٿي گذريو آهي. هي رضوي ساداتن مان هو. سندن وڏا خراسان مان لڏي، بکر (سنڌ) ۾ اچي رهيا هئا، تنهنڪري هي بکري سادات بہ سڏبا آهن. سيد محمد يوسف شاهه، مرزا جاني بيگ جي حڪومت وارن ڏينهن ۾ روهڙيءَ مان لڏي ٺٽي ۾ اچي رهيو هو. سيد محمد يوسف شاهه وڏو خدا رسيدو بزرگ هو. سيد عبدالڪريم شاه بلڙيءَ واري جو هم عصر ۽ هم صحبت هو. انهيءَ سيد محمد يوسف شاه جي ڀائٽي ناٺي سيد اسحاق جنهن کي پرڏيهي ڪري سڏيندا آهن، تنهنجي ستين پيڙهيءَ ۾ سيد ذوالفقار علي شاهه صاحب هو ۽ مير صاحبن جي حڪومت وات وزير سلطنت هو ۽ جڏهن ڪرنيل ”پاٽينچر“ صاحب، مير صاحبن سان انگريزن جي پاران دوستيءَ جي واٽ قائم ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ آيو هو، تڏهن سيد ذوالفقار علي شاه ان جون چڱيون خدمتون ڪيون هيون. اهي سرٽيفڪيٽ ۽ سندون اڄ سندس اولاد وٽ موجود آهن. سيد ذوالفقار علي شاه جو فرزند سيد روشن علي صاحب انگريز سرڪار جي حڪومت جي اوائل وارن ڏينهن ۾ اول ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جو ۽ پوءِ ڪليڪٽر جي آفيس جو منشي هو ۽ پوءِ مختارڪار هو. سيد روشن علي شاه صاحب پارسي زبان جو زبردست شاعر ۽ اعلى درجي جو ڪاتب هوندو هو، سندس تخلص هو روشن. سيد غلام مرتضيٰ شاه (مرتضائي) انهي سيد روشن علي شاه صاحب جو فرزند هو.
سيد مرتضائي صاحب ٺٽي ۾ ڄائو هو. هن کي عربي ۽ پارسي ۾ تمام چڱي تعليم مليل هئي. هن ڪجهه وقت سيد امام بخش شاه (فدائي) وٽ بہ پارسي جي تعليم ورتي هئي، جو پارسي ۽ سنڌي شعر چڱو چوندو هو. ۽ سندس عزيز بہ هو.
سندس گذران اباڻي زمينداريءَ تي هوندو هو ۽ سنڌ جي ٽالپرن جا پويان بہ سندس سار سنڀال چڱي طرح لهندا هئا، خاص ڪري آنريبل مير الهه بخش خان جاگيردار ”ٽنڊو محمد خان“ کيس مقرر لوازمو پهچائيندو هو؛ ڇاڪاڻ جو مرتضائي صاحب جي ڏاڏي سيد حاجي ذوالفقار علي شاه جو ڀاءُ سيد همت علي شاه، آنريبل مير الله بخش خان جي ڏاڏي مير غلام شاه جو خاص مصاحب هو ۽ ان سان گڏ ”مٺياڻي“ واري جنگ ۾ شهيد ٿيو هو.
سيد مرتضائي صاحب جو ڪلام
شاعري گويا سيد مرتضائي صاحب جو مائٽاڻو ورثو هو. سندس خاندان ۾ پهريون پهريون نامور شاعر سيد مير * لطف علي شاه هو، جنهن جو تخلص هو همت تنهن کان پوءِ سيد مير پٺو صاحب صوفي شاعر ٿي گذريو هو (3) سيد نواب ڪمال الدين (ڪمال) مصنف ”اصطلاحات رضويه“ ۽ ”شرح ديوان حافظ“ مشهور شاعر ۽ نثر نويس ٿي گذريو هو. (4) سيد مير غلام مرتضيٰ شاه (الهام) جو مرزا صائب تبريزي جو شاگرد هو، (5) سيد مير نجم الدين (عزلت) جنهن جو ”ديوان عزلت“ ۽ ”طوطي نامه“ پارسي نثر ۾ مشهور آهي (6) سيد رفعت علي شاه (رفعت) (7) سيد عسڪر علي شاه (8) سيد روشن علي شاه (روشن) جو سيد مرتضائي صاحب جو والد هو (9) سيد موٽيل شاه (ڪمتر) ۽ (10) سيد امام بخش شاه (فدائي).
سيد مرتضائي صاحب بہ ننڍي هوندي کان وٺي پارسي ۽ سنڌي موزون ڪلام چوندو هو. اسان وٽ مرتضائي صاحب جا ڳچ جيترا غزل موجود آهن، جي جهوني پارسي اخبار مفرح القلوب ۽ جهونين سنڌي اخبارن معاون الاسلام، معين الاسلام، وغيره مان هٿ ڪيا اٿئون. سيد مرتضائي صاحب جا ٻہ وڏا ڪتاب سنڌي نظم ۾ شايع ٿيل آهن. (1)هڪڙو ”يوسف زليخا“ سنڌي ۽ ٻيو ”سڪندر نامه“ سنڌي. جئن ته سڪندر نامه سنڌي مولوي غلام محمد صاحب اڳ ۾ لکيو هو ۽ مرتضائي صاحب پوءِ لکيو هو تنهن ڪري ان جو بيان. هت ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي. باقي ”يوسف زليخا“ کي هت ادبي نظر سان ڏسنداسون.
ڪتاب ”يوسف زليخا“ سنڌي
هي سارو ڪتاب سيد مرتضائي انهيءَ ساڳئي ”بحر هزج مسدس“ ۾ مثنوي جي طور تي ٺاهيو آهي، جنهن بحر ۽ طور تي مولانا ”جامي“ پارسي ۾ ”يوسف زليخا“ لکيو آهي. سيد مرتضائي مولانا جامي واري پارسي ڪتاب جو سربستو ترجمو ڪري نہ سگهيو آهي؛ ڇاڪاڻ جو مولانا جامي جي پارسي ڪتاب ۾ ڪي ڪي بيت اهڙن ڳوڙهن خيالن ۽ اعلى درجي جي بلاغت سان ڀرپور آهن، جو انهن جو هم وزن سنڌي بيتن ۾ ترجمو ڪرڻ جيڪڏهن ممڪن نہ آهي، ته اڪ جي ماکي بہ نہ آهي، تنهن ڪري مرتضائي مرحوم مولانا جامي واري پارسي ڪتاب جا ڪي بيت صفا ڇڏي ڏنا آهن، ته ڪنهن ڪنهن پارسي بيت جي مراد ۽ ٻن ٽن سنڌي بيتن ۾ هڪڙي مصرعه جو پورو ترجمو ڏيئي ٻي مصرعه پنهنجي ٺاهيل وجهي پورت ڪئي اٿس.
آکاڻيءَ جو حاصل مطلب مرتضائي بہ ساڳيو قائم رکيو آهي جو مولانا جامي جي پارسي ڪتاب ۾ سمايل آهي، سيد مرتضائي جي زيادتي ڪتاب ۾ ڪئي آهي، جو حضرت يوسف عليہ السلام بابت جيڪي تذڪرا ۽ احوال ڪن عربي ۽ پارسي تفسيرن ۾ ڏنل آهن، جي مولانا جامي پنهنجي ڪتاب ۾ داخل نہ ڪيا آهن، سي موقعه بي موقعه نظم ڪندو ويو آهي.
ڪلام جون خصوصيتون:
هن ڪتاب ۾ نالي خاطر حضرت يوسف ۽ بيبي زليخا جي آکاڻي ڏنل آهي، پر حقيقت ڪري سارو ڪتاب جدا جدا علمن، جدا جدا هنرن، اخلاقن ۽ نصيحتن جو بي نظير خزانو آهي.
جتي شعر سازيءَ جو بيان کنيل آهي، اتي علم عروض جا اصطلاح ۽ وصفون چٽائيءَ سان ڏنل آهن، جتي راڳ جي مجلس جو ذڪر آهي، اتي مصنف علم موسيقي جا سڀ جزا ۽ ڀاڱا سمجهائي وڃي پار پيو آهي. اهڙيءَ طرح علم رمل، علم نجوم، علم جفر وغيره علمن جي نهايت خاص واقفيت ڪتاب ۾ سمايل آهن، جتي ڪنهن عمارت جو ذڪر ڇيڙيل آهي، اتي عمارت سازيءَ جا سڀ اوزار ۽ سامان بيان ڪيا ويا آهن. جتي کاڌي خوراڪ جي محفل جو ذڪر آهي، اتي بورچيخاني جو سامان ۽ اميراڻا کاڌا خوراڪون تفصيل سان بيان ڪيون ويون آهن. اهڙي طرح ڪاتين جو هنر، ناچ ڪندڙن جو هنر، طبابت جو فن وغيره هنرن بابت چڱي واقفيت ڏني آهي.
ازانسواءِ عبادت جي ضرورت ۽ فائدا، بت پرستيءَ جي ماهيت عشق ۽ فراق بابت فيلسوفانه بحث، مردانه ۽ زنانه حسن جون ڪامل وصفون، شادي ڪرڻ بابت خبرداريون، مهمان نوازي جا اصول اولاد جي سعادتمنديءَ جون وصفون، پاڪدامني، بي حيائي، رحم، يتيم پروري، خدا ترسي، عدالت، ظلم، حسد وغيره گڻ ۽ اوگڻ نهايت اثرائتي طرز ۾ سمجهايا آهن.
(2) فطرت نگاري ۽ سيرت نگاري بہ هن ڪتاب ۾ حد درجي جي ڏيکاريل آهي. جهڙوڪ باغن ۽ بيابانن جا نقشا، حيا فروش زالن ۽ پاڪدامن انسانن جون اخلاقي تصويرون، باخبر انسانن ۽ چرين جون حالتون وغيره.
جدا جدا علمن، هنرن، اخلاقن ۽ نصيحتن کي جهڙي تفصيل ۽ طرز سان مولانا جامي پارسي ڪتاب ۾ ادا ڪيو آهي، اهڙو تفصيل ۽ اثر سيد مرتضائي سنڌي ڪتاب ۾ قائم رکي نہ سگهيو آهي، تنهن هوندي بہ ان جي دماغي محنت ۽ جفاڪشيءَ تي هزار آفرينون هجن، جو ههڙي جامع علوم و فنون جي ڏکئي ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻ سان سنڌي ادب ۾ قابل فخر اضافو ڪيو اٿس.
موسم بهار جو نقشو:
(حضرت يوسف جو عزيز مصر ٿيڻ وارو موقعو صفحه 430)
”بهار آيو ويو گذري سيارو
ڪڍيو مشرق سعادت جو ستارو
گل و گلشن آيو شادمانو
غمن ۽ گوندرن جو ويو زمانو
نسيم ناز آيو باغ اندر
دل دشمن ڏسان اڄ داغ اندر
صبا آندو وٺي ڪو عطر عنبر
گلن بلبل جو سڀ آڻايو لشڪر
چمن ۾ آهه چرچو بلبلن جو
تماشو آهه سوسن سنبلن جو
دوپهري زنبق و ميندين جون موڙون
گلاب و گونٽو دائودي جون جوڙون
معطر موتيا خوشبوءِ ۾ آيا
ڏسو غنچه انهيءَ خوشبو ۾ ڄايا
مگر رابيل پهرين وڻ جي ڏارن
ٿي بابونا ۽ لاله لعل پارن
وليون پهرين چڙهيون ڏسجن وڻن تي
سنهن سبزا ٿا لعلائي گلن تي
برابر باغ ۾ طوطن تنوارون
عجائب عندليبن جون پڪارون
ڪري ڪڙڪو ٿي قمري سرو پاسي
گلن ڪيو باغ ڏس خوشبوءِ سان واسئي
ڏسو جاري رهن ٿيون جوئبارون
وٺا مينهڙا ٿيون کنوڻين کي سارون
جبل ۽ جهنگ سڀ ساوا سٺا ٿيا،
اندر صحرا عجب ميوا مٺا ٿيا.“
ٻولي ۽ عبارت
گڏ وچڙ ۽ نج ٻولي:
ڪتاب ۾ عربي ۽ پارسي لفظ، اضافتون ۽ تڪون ڪم آيل آهن، ڇاڪاڻ جو اهو زمانو ئي عربي پارسي لفظن جي آميزش جو هو ۽ ان زماني ۾ سنڌ ۾ عربي ۽ پارسي ڄاڻندڙن ۽ علم دوستن جو اندازو خاصو هو.
جتي جتي سيد مرتضائي صاف ۽ نج سنڌي ڪم آندي آهي، اتي ”لاڙي“ ٻوليءَ جا لفط ۽ ورجيسون گهڻيون ڪم آنديون اٿس، ڇاڪاڻ جو هو ”ٺٽي“ جو ويٺل هو، جو لاڙ جو مرڪز آهي، جئن ته:
1- جڏهن يعقوب سڻي اهڙي حقيقت
ته آهي ڪو اهو اوڃاڻ فرقت
2- ڏسان توتي ته ڪن ڪا ٻاجهه ”هوئي“
وڃين ڇو ٿو پٺيان تن جي ڌون ”پوئي“
3- سڃاڻي ڄاڻي اکيون ٿا ڊڪيو اڄ
اوهان ايمان پنهنجي کي وڪيو هت
4- لڪي ڪيئن شمس جي بادل لڪائي
لڪي ڇا چنڊ جت ”اونڌائي“ آهي
5- ڏٺيءِ هڪ لاٽ آتش عشق واري
سڙي ٿينءَ سوز کي ڦليار ڇاري
6- خدا جي واسطي ڪا ٻاجهه آڻي
ٻڌائي ڪير تون ڪهڙي ٽڪاڻي؟
7- رڙي روئي پيو واٽن تي ويٺو
پڇي ”واٽوڙين“ کان ڏس انجو
نوٽ: اوڃاڻ (اهڃاڻ)، هوئي (اهو يا اهي)، پوئي (پوءِ)، ڊڪيو (ڍڪبو)، اونڌائي (اوندهه يا اونداهي)، ڦليار (ڦلهر)، ٻڌائي (ٻڌاءِ، امر واحد حاضر کي مضارع غائب واحد جي صورت ڏيئي ڳالهائڻ لاڙ ملڪ جي اڄ تائين عام ورجيس آهي)، واٽوڙين (واٽهڙن) اهي خاص طرح لاڙ جا تلفظ ۽ محاورا آهن. اهي لاڙي تلفظ وارا لفظ ۽ ورجيسون هن ڪتاب ۾ ڪم آيل آهن.