سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/24
مولوي غلام محمد صاحب جو ٻيو ڪلام اسان کي هٿ نہ آيو آهي، فقط سندس سنڌي نظم ۾ ٺاهيل ”سڪندرنامو“ هٿ آيل آهي، جو مولوي صاحب هجري سنه 1290 مطابق 1873ع ۾ تيار ڪيو هو ۽ سورهن ورهين بعد يعني 1889ع ۾ اهو ڪتاب ڇاپيو هو. هت اسين فقط مولوي صاحب جي انهيءَ ڪلام کي ادبي نظر سان ڏسون ٿا.
”سڪندرنامو“ سنڌي
مولانا نظامي جو ٺاهيل سڪندرنامه پارسي مشهور آهي، جو ڪن ايامن کان وٺي سنڌ ۾ پارسي زبان جي تعليمي نصاب جو آخرين ڪتاب ليکيو ويندو هو.
اگرچه مولوي غلام محمد سنڌي ”سڪندرنامه“ جي پڇاڙيءَ ۾ فرمائي ٿو، ته:
1- ”ٿيو هي قصو صاف بري بحال،
سنڌي ته ترجمہ ساڻ اي خوش خيال.
ته جيڪو لکيو شيخ نظام الدين
قصو هي تواريخ واري امين.
اهو سو ڪيم صاف سنڌي زبان،
تنهين مان ڪيم ڪونه ذرو زبان.“
مگر اسين امانت طرح چئي سگهون ٿا، ته مولوي صاحب مولانا نظامي جي سڪندرنامه جو سربستو ترجمو بلڪل نہ ڪيو آهي، پر جيڪڏهن چئجي ته اصلوڪي سڪندرنامه جو فقط ”انتخاب“ يا ”اختصار“ يا ”اقتباس“ مولوي صاحب ڪيو آهي، ته ائين چوڻ جڳائي ٿو.
مولوي صاحب تخفيف کان ڪم ورتو آهي. گهڻو ڪري ساري ڪتاب ۾ اصلوڪي ڪتاب جو حاصل مطلب خود ساختن بيتن ۾ ڏنو ويو آهي. سو بہ دلچسپ نه.
مولوي غلام محمد کان پوءِ سيد غلام مرتضى شاهه (مرتضائي) ٺٽوي بہ ”سڪندرنامه“ تيار ڪيو آهي. مولوي صاحب اڃا مولانا نظامي جو ڀرپاسو وٺندو آيو آهي، پر مرتضائي صاحب ته ڪٿي ڪٿي نالي خاطر اصلوڪي سڪندر نامه جي ڪنهن بيت جو پورو سورو ترجمو ڏيئي پوءِ خيال ۽ رايا بہ پنهنجا داخل ڪندو ويو آهي. مثال ۽ ڀيٽ خاطر اسين هڪڙو ٻہ مثال هيٺ ڏيون ٿا:
(1) فيلقوس بادشاه پنهنجي پٽ سڪندر کي تعليم ڏيارڻ شروع ڪري ٿو تنهن بابت مولانا نظامي فرمائي ٿو:
”خوشا روزگار يکه دارد ڪشي.
که بازار حرصش نبا شد بسي.
بقدر بسندش بسياري بود،
ڪند ڪاري ارمرد ڪاري بود.“
نوٽ: مولانا نظامي سڪندر جي تعليم جو ذڪر ڇيڙڻ کان اڳ ڇهه بيت ڪفايت، قناعت ۽ سانگ صرفه سان هلڻ بابت تمهيد طرح چيا آهن، جن مان ٻہ بيت مٿي ڏنا ويا آهن. هيٺ انهن ڇهن ئي بيتن جو ترجمو نثر ۾ ڏجي ٿو:
(1) انهيءَ ماڻهوءَ جي حياتي تمام خوشيءَ جهڙي ليکبي، جنهن کي گهڻو لوڀ لالچ نہ آهي. (2) سندس گهرج آهر وٽس موجودات هجي، ۽ هو جيڪڏهن هنر ۽ گڻ وارو مرد آهي، ته ان کي اهڙي گذران ۾ پنهنجو هنر ۽ گڻ ڏيکارڻ گهرجي، يعني پاڻ کي ٻين لاءِ ڪارائتو ثابت ڪرڻ گهرجي. (3) اهڙو ماڻهو خوش دليءَ سان چڱيءَ طرح کائي پئي ٿو ۽ پنهنجي حال سارو وک وڌائي ٿو. (4) نہ اهڙي فضول خرچي ڪري ٿو، سڃو سکڻو رهڻو پويس ۽ نڪي اهڙو مرچوٺ ٿئي ٿو. جو هوندي سوندي بکون ڪاٽي. (5) مرچوٺ رهڻ ڪري سڀ قسم جي تڪليف سهڻي پوي ٿي ۽ هٿ ڦاڙ ٿيڻ سان پنهنجو خانو خراب ڪجي ٿو. (6) تون اهڙيءَ طرح حياتي گذارج جو پاڻ بہ فائدو حاصل ڪرين ۽ ٻئي ڪنهن کي بہ زيان نہ پهچائين.
نوٽ: تعليم جي ذڪر کان اڳ ۾ مولانا نظامي جي ڏنل اخلاقي نصيحت مولوي صاحب صفا ڦٽي ڪري ڇڏي آهي. سيد مرتضائي صاحب بہ اها نصيحت ترجمو نہ ڪئي آهي.
ٻيو مثال: سڪندر جي تعليم بابت ذڪر ڪندي مولانا نظامي فرمائي ٿو:
”چو استاد دانا بفرهنگ و راءِ،
ملڪزاده را ديد بر گنج پاءِ،
به تعليم او بيشتر برد رنج،
که خوشدل کند مرد را پاس گنج.“
معنى: ”جڏهن دانا استاد عقل ۽ سياڻپ سان معلوم ڪيو ته شهزادو نصيب وارو آهي. تڏهن ان جي سيکارڻ ۾ وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ لڳو؛ ڇاڪاڻ جو ملهائتي يا خزاني جهڙي شيءَ سنڀالڻ مان ماڻهو کي خوشي حاصل ٿيندي آهي.“
نوٽ: مولوي صاحب مٿين ٻن بيتن جو ترجمو فقط هڪ بيت ۾ ڪيو آهي سو بہ بلڪل اڻ پورو. مولوي صاحب فرمائي ٿو:
”عقل مند استاد دانہ تڏهن،
ڏٺو گنج تي شاهزادو جڏهن.“
(صفحه 19)
ڪلام جون خصوصيتون:
مولوي صاحب: وارو ”سڪندرنامو“ جيتوڻيڪ مولانا نظامي جي ”سڪندرنامه“ جو درست ۽ باقاعدي ترجمو نہ آهي، ته بہ مولوي صاحب جيڪو سنڌي ڪلام پيش ڪيو آهي، سو خصوصيتن کان خالي نہ آهي، اگرچه اهي خصوصيتون اصلوڪي ڪتاب جي ڪلام جون ليکبيون، ته بہ سنڌي زبان ۾ اهڙين خصوصيتن واري ڪلام پيش ڪرڻ جو جس مولوي صاحب لهڻو.
(1) سڪندر بادشاهه جهڙي نامور شهنشاه بابت تاريخي حقيقتون ۽ عبرت جهڙيون ڳالهيون هن ڪلام ۾ سمايل آهن.
(2) هر هڪ حقيقت بيان ڪندي ان حقيقت سان تعلق رکندڙ اخلاقي يا روحاني يا مذهبي نصيحتون منڍ ۾، يا وچ ۾ يا پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهن. جيتوڻيڪ اصلوڪي پارسي ڪتاب ۾ ڏنلن نصيحتن بنسبت سنڌي ڪتاب ۾ تمام گهٽ نصيحتون ڏنل آهن، ته بہ سنڌي ڪتاب اهڙين قيمتي نصيحتن کان خالي نہ آهي.
مثال:
سڪندر جي پيءُ فيلقوس جي وفات جو ذڪر ڪري پڇاڙيءَ ۾ شاعر فرمائي ٿو:
”نه آهي ڪهين کي دنيا کان پناه
توڻي ڪو پيناگر توڻي بادشاه.
ڪني جي حوالي ڪري تاج تخت
ڪني جي مٿي تي رکي موت سخت.
اتاهون ادا دل تپاسي ڪجي
لبي هيڪڙي پوک ٻي پوکجي.
ته جيڪي ڏسين تون دنيا باغ ۾
ته هوندا سڀئي درد جي داغ ۾.
مثال:
”سو آيو هلي مرد ميدان ۾
کڻي گرز کي جنگ جولان ۾.“
”چوي آهيان مرد جنگي جوان
ذرا چؤ منهنجو نام نالو نشان.“
”جي منهنجي اڳيان شينهن ڪيهر اچي
ته منهنجي هٿان رت ۾ سو رچي.“
”مثل ازدها رت ماڻهو پيان،
نه ماڻهو ڪهان بلڪ ماڻهو کيان.“
”نه مون کي ڪنهين کان اچي شرم ٿو
نه دل کي ڪنهين تي ڪريان نرم ٿو.“
”ائين چئي وڌائين ڀرونءَ تي گهنڊي
ويٺو پاڻ تي جئن وهي ٿي لنڊي.“
”اُٿيو ٻيو وري هيڪ رومي جوان
زراچي اٿي ويو ڪري جوش جان.“
زراچي ڪيو پڻ تنهين کي زبون
ٿيو مرد رومي مري خاڪ خون.
چون ٿا زراچي سيہ خام خر
انهيءَ طور تي ماريا سڀ ستر.
زراچي جڏهن جنگ جو جوش ڪيو
تنهين کي ڏسي رومين هوش ويو.
سڪندر تنهان پوءِ ڇڏي جاءِ جنگ
ڪيائين قصد پانهنجو جئن پتنگ
ڪري ويس جنگي سڪندر جوان
جسي تي زره پهريو پهلوان
ڪمر بند سونو ٻڌو نامدار
ٻڌائين ڪمر ساڻ هندي ترار
رکيائين ڪلهي پانهنجي تي ڪمند
زراچي اتي قصد ڪيو هوشمند
رکي بور تي سنج سونا سينگار
ٿيو بور تي شهه سڪندر سوار
آندو شاه ميدان ۾ بور کي
جو ماري تنهين آدمي خور کي
ڪري پهلواني ڪڍي گرز گيو
الاري چيائين، ته اي دزد ديو
ته اي ڪانو ڪارا جهلي پير بيهه
جو عقاب آيو ڏسي تو شبيهه
چوين آدمي خور مان آهيان
اچي کاءُ جو تنهنجي اڳيان آهيان
ٻڌو ٿئي ڪڏهن اي زراچا سياهه؟
سڪندر جو ٿيو روم جو بادشاه
اهو آهي مان سڪندر جوان
گهريو جي خدا تان ڪندو سين زيان
ڏمر سان ڏيئي زور رڪاب تي
سڪندر رهيو گرز بي تاب تي،
ذرا چو سڪندر سندي گرز سان
ٻه پرزا ٿيو پلڪ ۾ لرز سان.“
(سڪندر ۽ حبش جي جنگ صفحه 36)
نوٽ: مٿئين مثال ۾ سپاهيانه سيرت جو نقشو بہ عمدو چٽيل آهي.
مضمون:
هن ڪتاب ۾ سڪندر بادشاهه جو احوال سربستو لکيل آهي، جنهن جو اختصار هي آهي:
يونان جا قديم شاعر چون ٿا، ته هڪڙي حامله رومن زال، جا نهايت خدا پرست هئي، سا چريائيءَ جي حالت ۾ جهنگ کان وڃي نڪتي: اتي پٽ ڄڻيائين. پر پاڻ مري ويئي. يونان (مقدونيا) جو بادشاه فيلقوس پنهنجي اٽالي سان شڪار ڪرڻ ويو هو، تنهن جهنگ ۾ معصوم ٻار مئل ماءُ جي ڀرسان ڏٺو، جنهن کي ڌڻي سڳوري جي قدرت سان هٿ جي آڱر چوپڻ مان ماءُ جي ٿڃ جو مزو پي آيو، بادشاهه مردو دفنائي ڇوڪر کي پنهنجي محلات ۾ آڻي پاليو ۽ تاتيو، ۽ ان کي پنهنجو وليعهد ڪيائين. اهو ڇوڪرو سڪندر هو، جنهن سڄي دنيا تي بادشاهي ڪئي.
فردوسي شاعر ”شاهه نامه“ ۾ فرمائي ٿو، ته سڪندر فيلقوس جو حقيقي پٽ هو. فيلقوس پنهنجي پياري پٽ جي تعليم لاءِ لقوماچس حڪيم مقرر ڪيو، جنهن پنهنجي پٽ ارسطو يا ارسطاطاليس سان گڏ ان کي اعلى درجي جي تعليم ڏني.
فيلقوس جي وفات کان پوءِ سڪندر تخت تي ويٺو، ۽ ارسطوءَ کي پنهنجي استاد جي وصيت موجب پنهنجو وزير مقرر ڪيائين. ارسطو بہ توڙ تائين سڪندر جو ساڄو بازو ۽ وفادار وزير ٿي رهيو.
مصر ملڪ جي ماڻهن جي فرياد ڪرڻ تي سڪندر حبش ملڪ تي ڪاهي ويو ۽ سخت جنگين کان پوءِ اهو ملڪ پنهنجي تابع ڪيائين. اتان فتح ڪري موٽڻ وقت مصر جي اترئين ڇيهه تي سمنڊ جي ڪناري تي اسڪندريه شهر ٻڌايائين جو اڄ تائين قائم آهي. حبش کي فتح ڪرڻ کان پوءِ سڪندر ۾ جرات وڌي ويئي. اول ايران جي شهنشاهه دارا کي ڍل ڏيڻ کان جواب ڏنائين، جنهنڪري دارا وڏو ڪٽڪ وٺي سڪندر جي ملڪ تي ڪاهي آيو. موصل وٽ سخت جنگيون ٿيون، آخر دارا مارجي ويو ۽ ايران جو سارو ملڪ سڪندر جي هٿ ۾ آيو. دارا جي وصيت موجب ان جي ڌيءَ روشنگ سان سڪندر شادي ڪئي.
ايران فتح ڪرڻ کان پوءِ سڪندر ملڪن پٺيان ملڪ فتح ڪندو هندستان، ۽ ٿٻيٽ تي دڳو ڄمائيندو وڃي چين کان نڪتو. اهو ملڪ بہ پنهنجو ذاتي ڪري وري پنهنجي وطن ۾ آيو. ڳچ وقت وطن ۾ گذارڻ بعد روس ملڪ تي ڪاهي ويو ۽ گهڻين سخت جنگين کان پوءِ اهو بہ سارو ملڪ پنهنجي حڪم هيٺ ڪيائين.
تنهن کان پوءِ هن کي ڪنهن پير مرد چيو ته ”اتر قطب وٽ، جتي چوڌاري ظلمات (اونده انڌوڪار) لڳي پيئي آهي، نہ سج، نہ چنڊ ۽ نہ تارو آهي، اتي آب حيات جو چشمو آهي. ان چشمي مان جيڪڏهن پاڻي پيئندين، ته سدائين پيو جيئندين ۽ ڪڏهن ڪين مرندين“. سڪندر کي بہ اچي اها سودا لڳي ته ”ڪنهن طرح آب حيات هٿ ڪري پيان؛ جنهن ڪري سدائين پيو جيان“. پوءِ ته سڪندر سيڌا سامان کڻي لشڪر لاءِ وٺي ڪاهي ويو، اتر قطب تي. اتي ظلمات (اوندهه انڌوڪار) ۾ گهڻيئي ٿوٿا ڏنائين ٿاٻا کاڌائين پر آب حيات جو حوض هٿ ڪونه آيس. سخت ۾ سخت مونجهارن ۽ تڪليفن کان پوءِ ظلمات کان ٻاهر نڪتو ۽ اچي مقدونيا ۾ حڪومت هلائڻ لڳو. پوءِ خدا تعالى جي اهڙي بندگي ڪيائين، جو کيس نبوت جو درجو مليو.
نوٽ: مولانا نظامي سڪندر کي متي ميڙي ۾ ڇڏي ڏنو آهي، يعني ان جي پڇاڙي ۽ موت جو ذڪر ڪيو ئي ڪونه اٿس. ”سڪندر نامه“ جي پڇاڙيءَ ۾ لکيو اٿس، ته ”سڪندر ٻہ سفر ڪيا هڪڙو خشڪيءَ جو ۽ ٻيو سمنڊ جو، خشڪيءَ جي سفر جو بيان هن ڪتاب ۾ لکيو اٿم، باقي سامونڊي سفر جو بيان ٻئي جلد ۾ لکندس“ جنهن ”سڪندرنامه“ جو بيان اسين ڪري رهيا آهيون. سڪندر نامه بري“ چوندا آهن، ٻيو ”سڪندر نامه بحري“ آهي، تنهن سان هن وقت اسان جو واسطو ڪونهي.