Jump to content

سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو پهريون/02

From Wikisource
سنڌ جي ادبي تاريخ (1954)
by محمد صديق ميمڻ
02. سنڌ جو علم ادب
328965سنڌ جي ادبي تاريخ — 02. سنڌ جو علم ادب1954محمد صديق ميمڻ

ڪن صاحبن کي ايئن راءِ ڏيندو ڏٺو ويو آهي، ته ”سنڌي ٻوليءَ ۾ علم ادب آهي ڪونه، ۽ جي آهي، ته بلڪل ٿورو آهي.“ اهڙي راءِ ڏيڻ وارا صاحب گهڻو ڪري اهي آهن، جن جو عربي پارسي ٻولين سان واسطو ۽ قرب ڪونهي، نڪي ڪي انگريز سرڪار جي اچڻ کان اڳ جيڪو صاف سنڌي لٽريچر (گهڻو ڪري نظم جي صورت ۾) گهڻي انداز ۾ موجود هو ۽ اڃا تئين آهي، تنهن جي ڏسڻ پسڻ جو انهن کي موقعو مليو آهي. (سنڌي شعر واري باب ۾، انهيءَ حقيقت کي وڌيڪ کولي لکيو ويندو)
اها ڳالهه برابر آهي ته عربن سنڌ فتح ڪئي، تنهن کان اڳ جي زماني وارو سنڌي علم ادب ڪو به موجود ڪونهي. جيتوڻيڪ عربن جي زماني کان وٺي، انگريز سرڪار جي زماني تائين، سنڌ ۾ هندو موجود هئا ۽ انهن وٽ سنسڪرت، گورمکي، شاستري ۽ هندو سنڌي اکر به ڪم ايندڙ هئا. تنهن هوندي به هدستان جي مشهور ڌرمي ڪتابن جهڙوڪ: ويد، مهاڀارت، رامائڻ ۽ گيت ڌاران خاص سنڌ جو ڪو به ساهتيه سندن پاڻ وٽ نه رکيو. جي سنڌ جو خاص قديم ساهتيه هندن وٽ محفوظ هجي ها ته مسلمانن جي يارهن سون ورهين جي حڪومت ۾ سندن اوج ۽ شانداري قائم رهي ها، تنهن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي.
عرب پنهنجي خاص عربي ٻولي کڻي سنڌ ۾ حاڪم ٿي آيا، انهن سنڌ جي ماڻهن، خاص ڪري مسلمانن کي عربي ٻولي لکڻ پڙهڻ سيکاري سنڌ جا ماڻهو گهڻي شوق سان عربي ٻولي لکڻ پڙهڻ سکيا، جنهن ڪري عربن کي نه رڳو سنڌ جي قديم احوال هٿ ڪري لکڻ سولو ٿيو، بلڪ سنڌ جي ماڻهن ۾ پنهنجا خيال عربيءَ ٻولي جي رستي ظاهر ڪرڻ جو چاه پيدا ٿيو. ان وقت گويا سنڌ جو لٽريچر ئي عربي ٿي پيو. جيتوڻيڪ انهيءَ زماني ۾ ڇاپخانا ڪين هئا. ته به سنڌ جو عربي علم ادب اهڙو محفوظ رکيو ويو جو اڄ تائين موجود آهي. ”ابو عطا“ نالي هڪڙي سنڌ جي شاعر جا عربي شعر، خود عربستان جي شاعرن به ساراهيا آهن. سنڌ جي عالمن جا لکيل ڪي عربي ڪتاب اڄ تائين مصر جي جامعه ازهر (ازهر يونيورسٽي قاهره) ۾ درسي ڪتابن طور پاڙهيا وڃن ٿا. اهو عربي تصنيفات جو ذوق ۽ چاهه مسلمان عالمن ۾، انگريز سرڪار جي حڪومت تائين به موجود هو.
سنڌ ۾ ڪيترن ئي مسلمان خاندانن جي ڪتب خانن ۾ سنڌ جي عالمن جا ٺاهيل ڪتاب هٿ اکر لکيل اڄ تائين موجود آهن، جهڙوڪ ڪتب خانه پير صاحب پاڳارو، ڪتب خانه پير صاحب جهنڊي وارو، ڪتب خانه پير صاحب لنواري وغيره. ٺٽي، مٽياري، هالا، پاٽ، بوبڪ، روهڙي ۽ شڪارپور ۾ به ڪيترن ئي بزرگن جي اولاد وٽ سنڌ جي عالمن جون عربي تصنيفات موجود آهن.
ڪهڙي نه سهڻي ڳالهه ٿئي، جو ڪنهن با انتظام جماعت جي پٺڀرائي سان ڪي عربي دان عالم، اهڙا سنڌ جي عالمن جا ٺاهيل عربي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪن. جڏهن ’شاه بيگ‘ ارغون سنه 1521ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو، تڏهن ان پاڻ سان ايراني ۽ ترڪي شاعر ۽ عالم به سنڌ ۾ آندا. اهڙيءَ طرح عبي سان گڏ، پارسي تعليم جو سلسلو سنڌ ۾ باقاعدي ان زماني کان شروع ٿيو. ”شاه بيگ“ جو پٽ ’مرزا شاه حسن‘ جو ٻاويهه ورهيه سنڌ جو حاڪم هو، سو پاڻ به پارسي ۾ تکو شاعر هو. سندس تخلص هو سپاهي. ’مرزا شاه حسن‘ جي شاعر نوازي ۽ ان کان پوءِ ايران جي عالمن جي سنڌ ۾ گهڻائي ٿيڻ سبب، سنڌ ۾ پارسي ٻوليءَ جي رستي نظم يا نثر ۾ پنهنجن خيالن ظاهر ڪرڻ جو شوق ۽ چاه پيدا ٿيو.
ارغون ۽ ترخان گهراڻي کان پوءِ ڏيڍ سؤ کن ورهيه سنڌ دهلي وارن مغل شهنشاهن جي هٿ ۾ رهي. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جي لٽريچر جو گهڻو انداز پارسيءَ ۾ گڏ ٿيڻ لڳو، سنڌ جا ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حاڪم پارسيءَ جا شوقين هئا ۽ منجهائن ڪيترا ته قابل شاعر به ئا، جلد ئي سنڌ جي ماڻهن جا لکيل پارسي ڪتاب (نظم يا نثر) گهڻي انداز ۾ موجود ٿي ويا. انهن مان ڪي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪي اڃا به دستخط لکيل حالت ۾ سنڌ جي گهڻن علم دوستن وٽ موجود آهن.