سچل جو رسالو/سسئي/داستان اٺون
داستان اٺون
1
مارڳُ مٿاھون ٿيو، مارڳ چڙھي ڪيرَ؟
سا پُڇي ساٿ سويرَ، جائِي مارڳَ تي مري.
2
جي تون مارڳَ تي مرين، وڏا طالع تو؛
سانولُ ساڳي سو، مٿان تو ھٿ ڏئي.
3
مَلھِي مارڳ مرُ، تان تون تنين جي ٿئين؛
جبل ھار نہ جرُ، ارتو اَکَڙين مون.
4
مارڳ جي مُئينءَ، تان ھُئينءَ ھوتياڻين ھنجَ ۾؛
وڃي ڪيچ سُئينءَ، تان ويچاريءَ وسُ ڪيو.
5
مارڳ مرن جي، ور تنين کي ويجهڙو؛
ھَي ھَي ھوتن کي، ٿئي ارمان انهن جو.
6
مارڳ مرڻ آھ، گهوريو جيڻ جيڏيون؛
پير نہ پوئيون پاءِ، عاشقَ مرُ اڳي ٿئين.
7
مارڳ آھ مرڻ، جيڏيون ھن جيڻ کَـئُون؛
وس ويچاريءَ ايترو، ڪوڪان ڪانڌ ڪرڻ؛
ٻاروچا ٻُرڻ، ٿيو ڪم ڪوھيار جو.
8
مارڳ مران شال، دعا ڪريجو جيڏيون؛
ھوت ھھڙي حال، مانَ مٿان مون ھٿ ڏئي.
9
مٿي راھ رئان گهڻو، ڪا مون لھن ڪل؛
ماڙيون سڀ محل، ويٺي ورھ وسائيان.
10
مٿي راھ رئان گهڻو، آءٌ اوٺارن ڪاڻ؛
ھاريون ايندم ھاڻ، ڏک ڪڍندم ڏيل مون.
11
مٿي راھ رئان گهڻو، آءٌ تنھن لَعلَن لَڳِ؛
جَتَ ٻيا ڀِي جَڳِ، منھنجو پيچ پنهونءَ سان.
12
مٿي راھ رئان گهڻو، ڪارڻ ڪيچيڙن؛
سِگها شال اچن، ڪَرن غور غريب جو.
13
مٿي راھ رئان گهڻو، ڪارڻ ڪوھياري؛
مُئيءَ کي ماري، وڃ مَ منھنجا سُپرين.
14
سچو ٻَڌي سندرو، لَڪين ڪندي لوچَ؛
ٻَڙيون لڳ ٻروچ، مٿي راھ رئان گهڻو.
15
اديون آريچن جي، ڪافؤن پونديم ڪل؛
ڪارڻ ڪوھيارل، مٿي راھ رئان گهڻو.
16
ھُو سياڻا سُپرين، عاجز ھِيءَ اَڄاڻ؛
آءٌ ڪوھياري ڪاڻ، مٿي راھ رئان گهڻو.
17
ھوندي ھوتياڻن جي، ھيءَ ويچاري وڳِ؛
آءٌ تنھن لالَن لڳِ، مٿي راھ رئان گهڻو.
18
اندر آڳ عشق جي، ويو ٻاروچو ٻاري؛
ڪارڻ ڪوھياري، مٿي راھ رئان گهڻو.
19
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ٿَڪيءَ مون نہ ٿِيَن؛
جيڏيون ڪاڻ جَتَن، مٿي راھ رئان گهڻو.
20
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪڏھن مون نہ ڪيا؛
وٽؤن ھوت ويا، کڻي ساٿ سويل جو.
21
ڪاف ڪشالا ڪيترا، پڄن مون نہ ھَٿاءُ؛
اَچ آرياڻي آءُ، ٿي وسيلو وڻڪار ۾.
22
ڪاف ڪشالا ڪيترا، پري آھن پَنڌ؛
رويون چُمان رَند، آيل اوٺارن جا.
23
ڪاف ڪشالا ڪيترا، مارڳ آھ منزل؛
آھ ڪوھيارل ڪل، نامِيا نماڻِن جي.
24
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ھزارين فرسنگ؛
نھاري ڏي ننگ، ڪر ور ويچاريءَ جي.
25
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪوڙين آھن ڪوھ؛
مون کَـئُون جهاڳڻ نہ ٿِيَن، رُڪؤن ڏاڍا روھ؛
تنھنجي پُڄان توھ، نا تہ ناھم حال ھلڻ جو.
26
ڪاف ڪشالا ڪيترا، آھن جال جبل؛
لهہ ڪميڻِيءَ ڪل، ٻاروچا ٻاجهہ ڪري.
27
ڪاف ڪشالا ڪيترا، دقت اَئُون تصديع؛
اَچي پَھچج پِي، مون ھن نماڻيءَ تي.
28
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪڏھن ڪين ڪيام؛
سلهاڙي ساٿ سان، کڻي ھوت ويام؛
ووڙڻ وڻ پيام، قسمت سانگي ڪيچ جا.
29
ڪاف ڪشالا ڪيترا، مارڳ مٿاھون؛
ڇوريءَ کي ڇپرين، ڇڏي وئين ڇاھون؟
توکي ڪري سپرين، دردمند دانھون؛
تون اچج آڳاھون، نا تہ ٿي دوست دم ڏيان!
30
ڪاف ڪشالا ڪيترا، جِتِ جانارن جايون؛
غفائن غارن ۾، اُت بيحد بلايون؛
مانديءَ کي مارڻ لءِ، نڪتيون نِنايون؛
مون سِر تي سھايون، سڀ آريءَ سندي عشق ۾.
31
ڪاف ڪشالا ڪيترا، بَر وڏا بئبان؛
لانگها ھِڪُ لَڪَن جا، ٻيا ڪوھن ۾ ڪُھدان؛
اڳيان ڏينَم ڪينڪي، ھلڻ ھي حيوان؛
آءُ آرياڻي اَڳوان، ٿرُ مون نہ ٿيلهيو ٿئي.
32
ڪشالي مؤن ڪمُ، ٿوري ڏينھن مؤن ٿئي؛
سوز گداز ۽ غم، رھبر ٿيندو راھ ۾.
33
قدر منجهہ ڪشال، مون تان لڌو جيڏيون؛
وڌي وِٿ وصال، يڪسان يڪايڪ کَـئُون.
34
موٽي آيس ماٺ ۾، تان ڪيو شوق شڪار؛
ھَي ھن نماڻيءَ کي، ووڙڻ ٿيو وڻڪار؛
طلب سين تڪرار، ڪشالي مؤن ڪم ٿيو.
ڪافي 1
پارؤن تان پِريَنِ، جيڏيون، اچن اُھي اولانڀا.
تيلهان ترسين تار ۾، جيلهان محبت ناھي من.
ڪيئن چانگار چِڙن جي، ڪوڙي پيڙءِ ڪن؟
سڪ سچي جن ساھ کي، سي تارؤن نا ترسن.
ڪين اسان کَـئُون اَنهنجون، ڳالهيون ٿيون وسرن.
آءُ اسانجي پار ڏي، ٻيون تان ڏيئي ٻَن.
عشق ”سچو“ جن آھيئي، سي تان روءِ رَسَن.
ڪافي 2
ڪاڪيون مون ڏي ڪالهہ، دلبر لکيا دلاسا!
اِيندا اَڱڻ سي تانھنجي، جَن لءِ سِڪينءَ ٿي سال.
ھاريون! ھجر فراق جو، واريو ورق وصال.
سَرھو ٿيڙو ساھُ مون، لاٿؤن ڪُل ڪَشال.
ڪَرم ڪيائون پانھنجو، مُنھنجي ني ڇاھي مجال.
تِرُ نہ ماندو تون ٿِئين، لَھندءِ ”سَچو“ سنڀال.
ڪافي 3
ديواني ھِن دل ڪَيَوَ، ڪو دوست دلاسو ڏيو!
تو ٻاجهَون سانول سائين، چئو ڪير ڪو پُڇندو ٻيو؟
توھون الاجي ڪيئن سائين، سو واعدو وسري ويو؟
گُهرجي سعيو تَنھن جو گهڻو، جو پيش اوھان جي پيو.
ڪنھن کي ڏيان ھِيءَ دانھڙي، ھَي بِرھ بيراڳي ڪيو.
ھَي ھَي نِي ھھڙو حالڙو، اَي يار تان تو ريءَ ٿيو.
ھِيءُ ساھ منھنجي سَرير مؤن، ھَي تان تنھنجي نازن نِيو.
نِجهري نِماڻيءَ جي اَچي، ھڪ ڏينھن پاءِ لالن لِيو.
ڪيو ڪالهہ ھادي قول تو، مِڙني اڳيان مون سان اِھو.
ھوندس ”سچو“ توساڻ آءٌ، تو پِيرُ ”عبدالحق“ چيو.
ڪافي 4
عشق اَکين نيئي لايو، مَستانن سان!
سِر مٿي مون سَرتيون، وِرھي مينھن وسايو.
البت وينديس اوڏنهن، پَلُ پاڙيچون نہ پايو.
آءٌ ڪيئن ويھان ماٺ ڪري، سورن ھت سِجهايو.
جا سيبايَوَ سَرتيون، ڳالهہ اُھائي ڳايو.
حاصل آہ حبيب جو، ”سچوءَ“ تي سڀ سايو.
ڪافي 5
مون کي مِھڻا ڏئي، مَرُ ڪا پارؤن پِرينءَ جي!
ھيءَ تا حبيبن ري، پيالا زھر ٿِي پئي.
ڏوڙو ڏک مون پرائيو، ھَي دوست جي وئي.
روز پرينءَ جي پار ڏي، مون کي نينھن ٿو نئي.
سارو ئي ڪم ”سچو“ ٿيو، پُٺيءَ دوست جي پئي.
ڪافي 6
پائي ڏوھ پنھنجي اندر ۾، آءٌ دوست تو در آئيان!
راتو ڏينھان پنھنجي روح ۾، تنھنجا سوين ڳڻ ڳائيان.
ڏٺ ڏوراپو ٻُڌي، آءٌ پلؤ توکي پائيان.
زاريون ضعيفيءَ مؤن ڪري، پرين توکي پرچايان.
جا تو پڻي پيزار جي، سا کھ لِڱن کي لائيان.
سڀ ڳالهہ پنھنجي سِرَ جي، توکي ”سچو“ سمجهائيان.
ڪافي 7
وڃي شال ڏسان، پنهون، تنھنجو ڪيچ واليءَ وسايو!
اَديون اوٺارن کي، آيل، رتيءَ منجهہ رسان.
ڪاڪيون ڪوھيارل کي، آيل، پُڄِي شال پسان.
وندر جي واٽن تي، آيل، گوڏن ڀر گسان.
ھاريون ھوتياڻن جي، آيل، ويڙھي منجهہ وسان.
وڃي ڪيچ وڻن ۾، آيل، ھوتن ساڻ ھسان.
”سچو“ سپرين سان، آيل، ڪنديس چاھ چَسان.
ڪافي 8
ٿيون ورڻ جون وايون، يار سانگيڙي جون!
ھٿ پانڌيءَ جي، پارؤن پرينءَ جي، اھي سي خبران آيون.
ڪُونجان ھزارين ڪيچ وڻن ڏھون، اسان ڏي يار اُڏايون.
اڱڻ اُھوئي اسان پرين جو، شل جدا نہ ھونديون جايون.
ڪيئي ڪتابتان پنھنجي اَچڻ جون، مون ڏي سي ھوت ھلايون.
ناھن ڳالهيون ھي ڳَرھَڻ جھڙيون، ”سچو“ ري سوز سَلايون.
ڪافي 9
ھاڻي ڪنھن سان ڳَرھيان ڳالهہ، ھاريون پنھنجي حال جي!
پرين نيندا پاڻ سان، ڀينر، پنھنجي ڀال.
ڪرڻ عرض عجيب کي، منھنجي ڇاھي مجال.
ڪندي پورھيو ڪيچ ۾، جي نين نماڻي نال.
ڪافي 10
منھنجي ساھ سڄڻ کي ساريو،
مون کي ڳالهہ تنھين جي ڳاريو،
ھوءِ ھوءِ ھوءِ!
اَديون آرياڻن جي، وڃي توڏن تونگِ تنواريو.
مون من گڏي گوندرين، ڪيچي ڪيچ قراريو.
ھِھڙن ھوتاڻن کي، وريتيون نہ وساريو.
جيءُ سَچوءَ جو سرتيون، سندن عشق اُجاريو.
ڪافي 11
ڇَپَر تان نہ ڇڏيندين، ڀلوڙي، پنهل يار!
پاڻ سڃاڻي پانھنجو، گولي ساڻ گڏيندين.
اڱڻ آسروند جي، آرياڻي تو ايندين.
اھو اٿم آسرو، نال نماڻي نِيندين.
پکا پکن سامهون، اوري شال اَڏيندين.
سڪ ۽ سور ”سچوءَ“ کي، بلوچا، بخشيندين.
ڪافي 12
گهوريو ھي تہ ڀنڀور، مون سڱ ٻاروچن سان!
مَرَڪُ تان معذورِ کي، سندو ھوتن ھور.
راتيان رئان وڏ ڦڙا، ڏينھن سارو ئي ڏور.
آھي آرياڻيءَ جو، ديوانيءَ کي دور.
سچو ڳالهہ اُنهيءَ جي، شوق مچايو شور.
ڪافي 13
ديس اسان جڙي آيو،
ٻڙيون، ٻاروچو؛
مولىٰ سو آڻ ملايو!
اَچڻ ٻاروچي جي ڪل نہ آن کي، تيلهان ٿيون ورھ وسايو.
ويڙھي اوھانجي وسي ٻاروچو، پري ڇو پنڌ پڇايو؟
اڱڻ اوھان جي آھي سدائين، گهوري تان پاڻ گهمايو.
آءٌ نماڻي عيبَن ھاڻِي، پاڻ پرينءَ پرچايو.
پنڌُ ويٺي يار ”سچوءَ“ جو، ڪيو سو ھوتَ سَجايو.
ڪافي 14
اَچن ٿا پرين اَچن ٿا،
سل ڪي ساٿي، اَچن ٿا؟
طرف اسان جي ھين تياري، پَھَ اڃا ڪي پَچن ٿا؟
اديون آتش عشق جا، من ۾ مچ مچن ٿا.
پَسڻَ ڪارڻ پرينءَ جي، نينھن وارا ھِت نَچَن ٿا.
”سچو“ سُورھيہ ڪيترا، رنگ انهيءَ ۾ رچن ٿا.
ڪافي 15
اھا ڳالهہ سڄڻ تنھنجي، ڪنھن سان آءٌ تان ڪريان؟
اوھان ٻاجهون سپرين، ويٺي ھِت ڏکڙا ڏريان.
ھي سِرُ سارو ساھ سان، آڏو تنھنجي دوست ڌريان.
وِرھَ اوھان جي ھت وساريا، پاڄاڻن کي پنڌڙا پَريان.
دوست اوھان ريءَ ديس اُنهيءَ ۾، سورن جا ٿي سڏڪا ڀريان.
”سچو“ چوي سپرين، تنھنجي صورت ريءَ ويٺي سور تريان.
ڪافي 16
منھنجو ھوت پنهونءَ سان، نينھڙو لڳو!
پَرو پِيڙم پاڻ مون، ڀينر ڙي منھنجو ڀول ڀڳو.
ٻيائيءَ جو بند پيو، ڪاڪِيون ٽوڙيو عشقَ ٽڳو.
مون کي اوڏنھن آئيو، سرتيون سندو وِرھ وڳو.
پرين ”سچو“ آھي پاڻ سان، جيئن سُئيءَ منجهہ سَڳو.