Jump to content

سچل جو رسالو/سسئي/داستان نائون

From Wikisource
سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
سسئي
298855سچل جو رسالو — سسئي1958سچل سرمست

داستان نائون

1
باري بِرھ بلوچ جو، رڳوئِي راحت؛
ساريان سا ساعت، جا ھيڪَندَ ھُيَس ھوت سان.
2
باري برھ بلوچ جو، آھِ مَٿِم مَحڪُم؛
سندو دوستيءَ دمُ، ڇڏيان نہ ڇن ڪھين.
3
باري برھ بلوچ جو، آھِ نسورو نورُ؛
راتو ڏينھان روح ۾، مُحبَن جو مَذڪور؛
وڃڻ آھ ضرور، ڪاڪِيون ڪيچيڙن ڏي.
4
باري برھ بلوچ جو، ھِيڻِن جو ھمراھ؛
روح مَنجهارون راھ، ڪاڪِيون ڏسي ڪيچ جو.
5
باري برھ بلوچ جو، سَدا مُون شامل؛
ڪيچ ڌڻي ڪامل، مون کي پورَ پَسائِيو.
6
باري برھ بلوچ جو، اونداھيءَ اوجَرُ؛
ساٿي آھ سَڀَر، سو نہ ڇڏيندو ڇَپَرين.
7
باري برھ بلوچ جو، اديون سِر آيوم؛
چاھُون چُمي تنھن کي، چشمن تي چايوم؛
وِرِھ وسايوم، نِينھُن پنھنجي نِجهري.
8
باري برھ بلوچ جو، تَنَ کي تَقويت؛
سنديءَ سورَ صِفَتُ، پُڄين نہ پَر ڪَھِين.
9
باري برھ بلوچ جو، ھاريون ھِدايَتَ؛
ڪَندو ڪفايَتَ، پاڻون ڄاڻِي پَنڌ ۾.
10
باري برھ بلوچ جو، سارو سعادَتَ؛
ھيڻن حمايتَ، ڪاڪِيون آھي ڪاف ۾.
11
پِريان سَندي پارَ ڏي، پَنڌُ عجائِبُ آھ؛
گهوري سِرُ گُهماءِ، مٿي در دوسَن جي.
12
پَنڌُ عجائِب پِرينءَ جو، سَندو پيرَنِ ناءِ؛
ھِنئَين ساڻ ھَلاءِ، پاڻ پَنھنجو پِرينءَ ڏي.
13
پنڌ عجائِب پرينءَ جو، آھ ھلڻ سان حال؛
نڪا قيل مقال، ٻي نا جُڙي اُتھين.
14
پنڌ عجائب پرينءَ جو، خاصو ساڻُ خيال؛
فِڪر سان في الحال، وڃي پسندينءَ پرينءَ کي.
15
پنڌ عجائب پرينءَ جو، سِسِي پيرَ ڪرڻ؛
اِنهِينءَ ڌيان ڌرڻ، آھي قدم ڪيچ ڏي.
16
پَنڌُ عجائِب پِرينءَ جو، ”مان“ سان ڪين ھلي؛
سائِي چاھ چَلي، جنھن ”مان“ ڇڏي وچ ۾.
17
پَنڌُ عجائِب پِرينءَ جو، ھلڻ ھڪ نظر؛
پاڙيچي ڪنھن پَرَ، اھو خيال کڙو رھي.
18
پُٺيءَ ھوت پنهونءَ جي، ھيءَ ويچاري ويندي؛
سڄڻن نہ سينڌي، آءٌ تان آھيان جيڏيون.
19
پُٺيءَ ھوت پنهونءَ جي، ھيءَ ويندي ويچاري؛
ضَعيفہ زاري، ڪندي در دوستن جي.
20
پُٺيءَ ھوت پنهونءَ جي، ھاڙھي ڪي ھلنديون؛
سور وڃي سَلنديون، ڪَشالا ڪافن جا.
21
پُٺيءَ ھوت پنهونءَ جي، ھاڙھي ھلنديون سي؛
جَتَن اُتون جي، سِرُ ڪرينديون صدقي.
22
روئي ھارج رَتُ، ھَي ھَي ھوتياڻِن لءِ؛
تنھن پوءِ جيڪس جتُ، مٿان تو ھٿ ڏئي.
23
راھين ھارج رَتُ، ڪاڪي ڪيچيڙن لءِ؛
ھو جو ڏونگر ڏاکڙو، ماري پُڇج مَتُ؛
ڏاڍيون مھٽان مِير جون، جهلي ڪج جَھَتُ؛
تہ پاڻون ڄاڻي جَتُ، ٿئي رفيق رُڃُن ۾.
24
اُھي زورئون زور، جي تو محبت من ۾؛
ڏونگر ڏوريون ڏور، ھھڙن ھوتياڻن لءِ.
25
ھَنجون رتُ ھاريج، تان روھن کي رھسو ٿئي؛
وار نہ وساريج، ھھڙن ھوتياڻِن کي.
26
ھاريون نہ ھارين، اَرتو اَکڙين مَؤن؛
تون ڪيئن وسارين، ھھڙن ھوتياڻن کي؟
27
آھي روح رتِي، مون سين مون پِريَن جي؛
ھڻان لَڪَ لَتِي، ھھڙن ھوتياڻن لءِ.
28
آھي ڪانہ اَٽَڪَ، آيل، عِشق وارئين؛
ھڻان لتي لَڪَ، ھھڙن ھوتياڻن لءِ.
29
وؤڙيندي وڻڪار، ٻَڌي سَندرو سچ جو؛
پنڌ اڙانگا پَٻَ جا، قابو نہ ڪوھيار؛
آھي رئَڻ زارو زار، ھھڙن ھوتاياڻن لءِ.
30
گولِن گڏ گَڏيان، پاڻ پنھنجو ڪيچ ۾؛
پَلَؤ تان نہ ڇڏيان، ھَھِڙن ھوتياڻن جو.
31
گولِئين گَڏيندي، پاڻُ ڪميڻي ڪيچ ۾؛
ڪنھن ڇَنِ نہ ڇڏيندي، ھَھِڙن ھوتياڻن کي.
32
گولئين گڏيندياس، پورھئي ڪارڻ پاڻ کي؛
پنھنجي تان پِرينءَ کي، “سائين” سَڏيندياس؛
ڪنھن ڇَنِ نہ ڇڏيندياس، ھِھڙن ھوتياڻن کي.
33
ھارِيون ٿيس نہ ھيئن، جو ننڊ نماڻيءَ نہ ڪَئي؛
ٿيان پيراڍو تَن جِي، جَت ويڙم جيئن؛
ڪاڪِيون ڙي آءٌ ڪيئن، ھِھڙو ھوتُ وساريان؟
34
سَوين ڳُڻَ سندانَ، مان ٿي ساريان سَرتيون؛
سِگها ٿيندا سُپرين، مون تي مھربانُ؛
ويھان ڪيئن ماٺ ڪري، جيءَ مٿي جَولانَ؛
آءٌ ڪيئن ۾ اَرمانَ، ھِھڙو ھوتُ وساريان؟
35
موٽِي ايندُم شال، ٻاروچو ٻاجَهہ پئِي؛
اَٿَم آريچن ري، جيئَڻ منجهہ جَنجالَ؛
ھَي ھَي منھنجي حال، ھھڙو ھوت وساريان.
36
جان جان يَڪا يَڪ نہ ٿيان، تان تان ماٺ نہ مُون؛
”چِرا“ ۽ ”چُون“، برابرَ ”بي چُون“ نہ ٿئي.

ڪافي 1
پُڇيون ڪي پِريَن، حالَ منھنجي جِيُون خبران، ساٿيو ڙي!

ساھ سِڪي ٿو جن کي، مون کي ڪِي سارِنِ؟
ھِنِ دم دلاسا ڏنا، سَرتيون ساٿيڙنِ.
تون ھِت ڪھڙيءَ ڳالهہ ۾، ھو ھُت ياد ڪَرِن.
آھين جَنين جي آسري، سي تو ڪاءِ ڇَڏن.
”سچو“ سَنگتِ پانھنجي، مانَ غريبِ گڏِنِ.

ڪافي 2
پَسَڻَ ڪارڻ پِرينءَ جي، ڪيا آگَمَ اَکڙيَن!

مِلَڻ لءِ محبوب جي، ٿيون راتو ڏينھن وسَن.
جهُورَ نہ لَھي جُهڙَ جِي، ٿي ڪڏھين ويڳاڻن.
سدا ساوڻ تَن کي، بوندان بس نہ ڪن.
”سچو“ سُپرينءَ لءِ ٿيون، جهوريءَ منجهہ جهِڄَن.

ڪافي 3
بِرھ بيراڳي ڪيو ڙي جيڏيون، مون کي درد ديوانو ڪيو!

پُڇو ڪيم طبيب ٻيا، مون کي نِينھَن سو نِيو.
ھاريون اَچي اوچتو، پُور پِرِيَن جو پِيو.
اَندوھ عشق عجيب جو آھي، ڏکِيءَ کي نِي ڏيو.
جو اَمُرَ اوراڻو ڏنو، سو تان ساڳِي ٿيو.
سَرتيون ٻاجهؤن سوز جي، آھي جُٺِن گاڏون جِيو.
راتو ڏينھان روحَ کي، خيال ڪيو ھِن کِيو.
”سچو“ باقِي سَچُ ٿيو، غير وچؤن تان ويو.

ڪافي 4
ٿيون وَرَڻَ جِيون وايُون، يا سانگيڙي جون!

ھَٿ پانڌِن جي پارؤن پرين جي، اِھي سي خبران آيون.
ڪونجان ھزارين ڪيچ وڻن ڏَنھُن، اُھي سي دوست اُڏايون.
اَڱڻ اھوئِي اسان پرين جو، جدا نہ ھونديون جايُون.
ڪئِي ڪتابتان پنھنجي اَچڻ جون، مون ڏي ھوت ھَلايون.
ناھِن ڳالهيون ھي ڳرھَڻ جھڙيون، ”سچو“ سي سوز سلايون.

ڪافي 5
گهڻا وڃي ڏينھڙا لايا، يارَ پياري، ميان!

آءُ ڙي پانڌي ڪَلَ ڪائِي ڏي، ھُئن اَچڻ جا سعيا؟
اُنهن ڪارڻ راتو ڏينھان، مون ٿي وِرھ وسايا.
ڏينھن انهيءَ ڏي ڏسان ڏھاڙيون، ھُن ٿي ڪانگ اُڏايا.
يار مسافر مولىٰ مھر سان، ساڻ غريب گڏايا.
ٿورا تَن جا ”سچو“ سنڀارين، جي اِجهي چَون اَڄ آيا.

ڪافي 6
حال منھنجو ڪونہ ھو، جيڏيون ڙي، پنھنجو ڪرم ڪيائون!

معاف ڪيائون منديون، ڏوھَن ڏي نہ ڏٺائون.
جيڪو حال احوال ھو سائين، پاڻؤن پاڻ پُڇيائون.
پاڻ پنھنجو پاڻهين، ساڻ غريب گڏيائون.
”سچوءَ“ کي ڪيئي سرتيون، ٿي دلاسا ڏنائون.

ڪافي 7
گهورِي گهورِي گهورِي، وو ميان،
جند سَڄَڻ تو تان گهورِي!

راتو ڏينھان، وو، آھي اوھان جي، سائين، جهورِي جهورِي.
ڳچيءَ وِڌيَوَ عجب جيھي، سُھڻا، ڏورِي ڏورِي.
تَندُ نہ ڄاڻان، وو، ڪنھين ھيءَ، سُھڻا چورِي چورِي.
دل کسيائي، وو، لُٽ نِيتِيائِي، حاڪم، زورِي زورِي.
اول آسانِي ڳالهہ ٿي، پوءَ ڪيڙءِ، سائين، ڳورِي ڳورِي.
”سچوءَ“ لايو سَچَ منجهارؤن، لالن، لورِي لورِي.

ڪافي 8
ڙي جيڏيون، ھاڻي گهوريو ھوتن ري، سارو شھر ڀنڀور!

لاھيندا، وو، لُطف مان، ميان، ھن ڏکيءَ کؤن ڏور.
ھي ھالاڻي آن جي، شعلو وڌڙو شور.
منت نہ منھنجي موٽيا، زاري آھي نہ زور.
درسن ساڻ دفعي ٿيندو، سندو ھنيڙي ھور.
”سچو“ سندين راھ تي، ھڪ جفا ٻيو جور.

ڪافي 9
اَڄ ھوتن ريءَ ھِت ھاڻ، ٻيا ڪير لھن مون ساران!

قاصد ڪيچ وڻن ڏَنھُن، آٿُت سِگهڙو آڻ،
ٿي روز وِجهايان ڦاران.
وِجهان وِڃاڻا ڪيترا، قريبن جي ڪاڻ،
يار ملن شل ياران.
آيون اِنهي پار ڏھون، اديون ڪُرڪاڻ،
ڪونجن جون ڀِي قطاران.
سَنجهي صبح سرتيون، ميان ٻاروچي جي ٻاڻ،
آھِن ”سچو“ کي سنڀاران.

ڪافي 10
ڏک وڏو وئين ڏيئي ڏيئي، وو، يار سڄڻ اَڄ مون کي!

اوھان ٻاجهون يار پيارل، حال اسانجِڙو ھيئي ھيئي.
پرين ڏسيجو وڙ پانھنجي ڏي، اسان ھٿئون جي پيئي پيئي.
ياد ڪريجو ڏينھن اُھي ئي، ڳالهيون ڪيَوَ گڏ ڪيئي ڪيئي.
ھو جي ڪيون ڳالهيون توئي سان، نينھن ”سچوءَ“ ري سيئي سيئي.

ڪافي 11
ڪالهہ، اَسان تو ڪيون ڪيون، يار سڄڻ، ڳجهيون ڳالهيون!

ٿين پراڻيون ڪينڪي، نِت سي آھن نَيون نَيون.
رھيون آھن روح ۾، چڱيون اوھان جي چَيون چَيون.
ڪين وسرن ساہَ کـئُون، اُھي تان پاڙڻ پَيون پَيون.
مٺيون ڳالهيون تانھنجيون، ھن ”سچوءَ“ ساہَ سَنيون سَنيون.

ڪافي 12
تون تہ پاڻهي ٿو سائين ڄاڻي،
ڪيھو حال چوان توکي ھاڻي!

دل ديواني ڪيَئِي اسانجي، مُحب اَوھانجي ماڻي.
ڏوھن ڏي ڏس ڪين اسانجي، سائين تون پاڻ سڃاڻي.
دردمنديءَ جي دل توئي سان، اکِن اَڙائي آڻي.
ڪڏھن اسان وٽ ايندين دلبر، ويٺي وجهان ويڃاڻي.
سوال ”سچوءَ“ جو آھي اھو ئي، تنھنجو عشق نہ شال اَڪاڻي.

ڪافي 13
آءُ آرياڻي اوري، آءٌ دامن لڳڙي آھيان!

سِرُ پنھنجو سُپرين، گَهرون آيَس گهوري.
ھِيءَ ڪميڻي ڪينڪِي، ڏونگر سگهي ڏوري.
ڪا جا تَندُ طلب جي، چِتِ وئين تون چوري.
نيو پاڄياڻي پاڻ سان، تِرُ نہ رھي تو ري.
”سچو“ سَگ اَوھان جو، ڪيئن پُڄي تنھنجي ٿوري؟

ڪافي 14
ڏِس ڪھڙيون ڦيريون پائي، اِھو لِڪ لِڪوٽِي يارُ سڄڻ!

غمزي ھن غيرت ٿِي، جو عشق لَکَن سان لائي.
عِلم عقل ويو اڏري، عين عشق جي آئي.
طَبل ٻيا سڀ تم ٿيا، جڏھن نوبتَ نِينھُن وڄائي.
نحو صرف ويو وسري، جاتي پاڻ خيال کُپائي.
رَمز پنھنجي راز جِي، ٿو ”سچوءَ“ کي سمجهائي.

ڪافي 15
اڙي مھر پَئي، مون کي يار سَڄڻَ،

قدر پيو مون کي ڪاڪيون، نِي وو وو، ويڄن وِئي.
اَثر منھنجي درد جو اديون، شال طبيبن ٿِئي.
ورھيہ ويڙا گذري، ھِن عاشق آھون ڪِئي.
وِرھ وھايم جيڏيون، پوئتان پُرجهڻ پِئي.
ٻُڪي ڏين جي ٻاجَهہ جِي، تان جيءُ ”سچوءَ“ جو جِئي.

ڪافي 16
آھِ علاجُ نہ ڪوئِي، ھِن اَکن ماري آھيان!

ڪنھن کي سَليان سَرتيون، حال اِھو ئي روئِي.
ڦَڪِيون ٻُڪيون لکين ھزارين، ڪيون طَبيبان توئِي.
ناحَق ٻڌين پَٽِيون، ڪل نہ حاذقَ ھوئِي.
ويڄ وٺِي وڃ واٽ اِھائي، سانولُ اِيندم سوئِي.
دست سڄڻ جي دارون آھي، ”سچو“ يار سَڀوئي.

ڪافي 17
نِينھُن ڏاڍي سان لايوسي، آءٌ تان ھاڻي ڪيئن ڪريان؟

عشق سَوَلو سَرتيون، ھُت سَڀَر ڀايوسي.
جو ڏنائون جيڏيون، سو تان پَلءِ پايوسي.
پُڇي اسان جا پَکڙا، اديون اِجهو آيوسي.
ڀينَر شھر ڀنڀور جي، ھِت طَعنن تايوسي.
سوئِي ”سچو“ سِر تي، ھاڻي چُمي چايوسي.

ڪافي 18
منھنجو ھِينئَڙو ھوتن ساڻ،
ڪھڙي ڪريان ٻِي آءٌ تان ڳالهڙي!

وندر سنديءَ واٽ تي، پُرزا ڪنديَس پاڻُ.
اَچي لڳو مون اوچتو، ٻاروچي جو ٻاڻُ.
دعا ڪريجو جيڏيون، شالَ موٽي مُئيءَ جو ماڻُ.
وِيَڙو درد فراقِ جو، ڏيئِي ڏکيءَ کي ڏاڻُ.
اڱڻ ايندو تانھنجي، ”سچو“ سو سرواڻُ.

ڪافي 19
ڪالهہ اَسان وٽ ويھِي ويھِي، وو يار سڄڻ، ڪَيَو ڳالهيون!

سي نہ وسرن ساھ منھنجي کي،
ڳالهہ ڪريان ٻِي ڪيھِي ڪيھِي!

بِھَر ٻاروچا ٻاجَهہ پَـئِي تون،
آءُ پکي ھِن پيھِي پيھِي!

ڏينھن ٻہ ٽي چار دوست اسان جِي،
رَمزُن سان دل ريھِي ريھِي!

ھُج ھميشه يارَ اسان وٽ،
پِرين نہ ٿِج پَر ڏيـھِي ڏيـھِي!

ڪيو بيراڳي ڏينھن تنھن لاڪُون،
دوست ”سچوءَ“ جي ويـھِي ويـھِي!

ڪافي 20
يار چڱي تو تان مون سان لائي،
ڙي دلبر، لائِي!

دوست دلاسي جي دردمندن ڏي، مُج ڪتابَتَ ڪائِي.
تنھنجي اَچڻ جي يار پرين ڙي، ھِتِ وري ٿي وائِي وائِي.
جا وڻيوَ دل پنھنجيءَ کي، ڪيوَ سانول سائِي سائِي.
خبر خوشيءَ جي پارؤن اوھان جي، اَڄ اسان وٽ آئِي آئِي.
حال ڏسي ڪري يارَ ”سچوءَ“ سان، ٿيءُ اَچي ڏُکَ ڀائِي ڀائِي.

ڪافي 21
اِجهي آيا، کِلي گڏيا سي، جن جي ڪارڻ پانڌي پُڇياسي!

فَلڪ فِراقِي، ڏِينهن ڏُهيلا، اُهي سي ئِي وسري وياسي.
پاڻئُون ڄاڻي، سي پيهي آيا، جِن جي ڪارڻ چِلا ڪياسي.
اسان ڀانيو تہ آرام ٿِيوسي، ناز نيڻن جي ناگَهہ نياسي.
ويڙهي اسان جي ”سَچُو“ آيا سي، طرف جنين جي قاصد ڪڍياسي.

ڪافي 22
متان تون مونکي ڇڏين،
سُونھان ڙي سڄڻ جا!

محبوبن سان نانءَ ڌڻيءَ جي، نيئي غريب کي گڏين.
نٿو ڄاڻان ڏينھن اُھوئي، ٿيندو الاجي ڪڏين.
جڏھن تون حاضر ٿئين حضورين، نانءُ ”سچو“ ڪري سڏين.

ڪافي 23
ڪاڻ اچڻ تنھنجي ڪندي آءٌ، ھِتِ حيلا ھزارين وي!

پرچ پرين ڏِس پاڻ ڏي، بِرھ اوھان جي بندي آءٌ،
وري مان نھارين، وي.
پَرچِي اڱڻ آءُ تون، پايان ڳچيءَ منجهہ گندي آءٌ،
يار گڏ گذارين، وي.
جيھي تيھي ھوت اَوھان جي، چڱي سا توڙي مندي آءٌ،
سا تون ڇو ٿو وسارين، وي.
اَوھان ٻاجهون سُپرين، نيڻئُون وھايان ندي آءٌ،
پيو ”سچو“ پنارين، وي.

ڪافي 24
آھي صبح انجام، پرين، تنھنجي ڀَلا پار ڏي!

اَسان کنيو تان تنھنجو، سِرَ تي ڪُل ڪمامُ.
دانھون ڪري درد مؤن، بِرھُ نہ ڪر بدنامُ.
جي تون پُڇين ڳالهڙي، طلب نہ ڪَج تمامُ.
اڱڻ اچن ٿا تانھنجي، عاشق ڪر آرامُ.
”سچو“ سَڀو تانھنجو، ڪَيوسي قبول ڪلامُ.

ڪافي 25
ناھي ويچاري سا وَس، ھِيءَ تا بيوس آھي، ميان!

پِرين پنھنجي پارَ جو، ڏاھا ڪو پَھُ ڏَس،
تنھنجي ڪَس، نِي، آھي، ميان.
اَول آخر آھي ئِي، رانول منھنجِي رَسِ،
تنھنجي وس، نِي، آھي، ميان.
اَوھان ٻاجهُون سُپرين، ڳالهيون نہ اَچن ڪَس،
روحَ رَس نہ آھي، ميان.
پُڄَاڻان پِرين جي، آھي ڀنڀورَ کَـنئُون بَس،
سو تان چَس نہ آھي، ميان.
ساڻ ”سچوءَ“ تون سُپرين، ھوتَ ڳالهائِج ھَس،
ٻيو ڪو جَس نہ آھي، ميان.

ڪافي 26
ھوتَ اسانوٽ اِيندا،
وٺِي نال ڀِي نيندا!

سَوَ دلاسا سَرتيون، ھِنَ ڏکيءَ کي ڏيندا،
گولِي پاڻ گڏيندا.
پَکا پاڄياڻِن جي، اوڏا آڻِ اڏيندا،
ڇوري تان نہ ڇڏيندا.
جانچي ڏسجو جيڏيون، ھِڪُ ٿَڪِيءَ سان ٿيندا،
وري پوءِ نہ ويندا.
پَسِي حال حَقيرِ جو، بَديون تان بخشيندا،
”سچو“ نانؤُ سڏيندا.

ڪافي 27
جِي آئِين، ڀلِي آئين، ڪيچي ڏٺُوَ ڪالهَہ ڪاٿي!

سِگهو سِگهو تون ڏيج سَنيھا، ڏينھن گهڻا ڇو لائين.
ٿورا لائين ٿو ھِن ٿَڪيءَ تي، پير اڱڻ جو تون پائين.
پاڻُ توئِي تَئُون ڪريان قربانِي، جو ڳالهہ سڄڻ جي ٿو ڳائين.
طَرفؤن تنھنجي ھيءَ نِماڻي، سَڀ ڀلائِي ٿِي ڀائين.
ڏيھُ سڄڻ جو، ڏَسيون ڏھاڙيون، ”سچو“ ٿو ڪانگَ اڏائين.