Jump to content

پھاڪن جي حڪمت/باب ٻيو/فصل ٻيو

From Wikisource
پھاڪن جي حڪمت (1925)
by مرزا قليچ بيگ
فصل ٻيو - فرينچ پهاڪا
320074پھاڪن جي حڪمت — فصل ٻيو - فرينچ پهاڪا1925مرزا قليچ بيگ

هڪڙي ٽُنگ کي بند ڪرڻ سان ٻيو ٽنگ ڪرڻ.
جيڪي ڪرڻو هجئي سو ڀلي ڪر، جيڪي ٿيڻو هجي سو ڀلي ٿئي.
بيعقل زال پنهنجي ڏک واري پوشاڪ مان سُڃاپي.
زور حق ڪين سڃاڻندو آهي.
سُئي ڳولڻ لاءِ شمع ٻاري کپائي ڇڏڻ.
گهڻي ڳالهائڻ وارو وڏو ڪوڙو هوندو آهي.
گهڻي ٻٽاڪ هڻڻ وارو ٿورو ڪم ڪندڙ هوندو آهي.
مٿو وڏو، عقل ٿورو.
هن پنهنجا سڀ آنا ڪري ٽوڪريءَ ۾ وڌا آهن.
ٻڍي ڳئون ڀانئيندي آهي ته آءُ ڪڏهن به گابي ڪين هيس.
پنهنجي گهوڙي جو لغام قابو رکڻ چڱو آهي.
جيڪو مغز کائڻ گهرندو سو ضرور پهرين بادامي پڇندو.
سمنڊ جي ساراھ ڪر، پر گذار سڪئيءَ تي.
دروازو ضرور يا پوريل هوندو يا پٽيل هوندو.
ڳالهائڻ کان اڳي ست ڀيرا زبان ڦيراءِ.
مڇين کي ترڻ نه سيکار.
پنڻو شاهوڪار ٿئي ته انهي جهڙو مغرور ٻيو ڪو به ڪو نه هوندو.
ڳجھ کي قابو رکڻ جو رستو آهي اصل نه ڳالهائڻ.
چڱو گهوڙو اُهو جو اصل ٿاٻو نه کائي.
نڪمن جهڙو مشغول ٻيو ڪير هوندو؟
ننڍڙو ٻُوڙو به پاڇولو وجهندو.
بيعقل وڪري ڪندڙن کان بيعقل خريدار گهڻا آهن.
سهڻو پڃرو پکيءَ کي کارائيندو ڪين.
کاڌي جي هٻڇ ترار کان وڌيڪ ماڻهو ماريا آهن.
باز مکين جو شڪار نه ڪندو آهي.
ڪڪڙ جون اکيون سندس ٻچن ۾.
سڀکان وڏي ٺڳي اها آهي ته ڪا به ٺڳي نه ڪجي.
ڪَٽُ ڪم آڻڻ کان وڌيڪ زيان ٿي ڪري.
جيسين ماڻهوءَ کي خبر پوي ٿي ته حياتي ڇا آهي. تيسين اڌ حياتي گذريو وڃي.
گلا ٻڌندڙ گلا ڪندڙ ٿي پوي ٿو،.
مصيبت گهوڙي تي چڙهي اچي ٿي ۽ پيادي وڃي ٿي.
مرض کا زياده اڪثر ڊاڪٽر کان ڊڄڻو ٿو ٿئي.
جيڪو پاڻي لنگهي وڃي ٿو تنهن سان جانڊھ اَنُ نٿي پيهي.
ڪندو دنيا ۾ پهرين نوڪ ڪڍي اچي ٿو.
پهريون ڌڪ ٻن ڌڪن جو مٽ آهي.
غير حاضر ماڻهو هميشه غلطي ٿا ڪن.
ٻارن کي جهڙو ڪبو تهڙا ٿيندا.
گهڻي ڪم ڪرڻ وارا وڏا ڏاند نه ٿيندا آهن.
خراب خبر کي کنڀ ٿيندا آهن.
وڏا ٺڳ پهرين ڦاسندا آهن.
بادشاهن جون ٻانهون ڊگهيون ٿيون ٿين.
هَرُ ڍڳن جي اڳيان ٻڌڻ.
ڪاري ڪڪڙ اڇو آنو لاهيندي آهي.
هارائڻ سان ماڻهو عقل سکي ٿو.
حجام بيعقل جي ڏاڙهئيء تي وار ڪوڙڻ سکندو آهي.
ٻلي ٻاهر وڃي ٿي ته ڪوئا نچن ٿا.
عام جاري پيچري تي گاھ ڪين ڄمندو آهي.
چوڻ سولو پر ڪرڻ ڏکيو.
اٿلين اکين جي لاءِ روشنائي خراب آهي.
ٽهڪندڙ ٿانو تي مکيون ڪين وهنديون آهن.
گارين لاءِ ٻوڙا ڪَنَ گهرجن.
پيسن ملڻ کان پوءِ مزور جي ٻانهن ڀڄي پئي ٿي.
جيڪو ڪو به ڪم نٿو ڪري سو گهڻو ٿو سمهي.
جهڙي چڱي مار ڏيڻ تهڙي خراب مار ڏيڻ.
خوبصورتي ۽ بيعقلي اڪثر سنگتياڻيون هونديون آهن.
چڱو انجام بيعقل کي ٻڌل رکي ٿو.
پڪو چور اُهو جو چور جي چوري ڪري.
چڱو قاعده دان وڪيل خراب پاڙيسيري آهي.
پوريل وات ۾ مکيون ڪين پونديون آهن.
ڏنگو بنڊُ باھ ۾ چڱو ٻري.
خراب ڦيٿو هميشه گهڻو جيڪو ڪري.
سڀڪو ڪنڀر پنهنجن ٿانون جي ساراھ ڪندو آهي.
گاھ جي بند ۾ سوئي ڳولڻ.
ٿوري خوشيءَ مان گهڻو پڇتاءُ.
آنو يا بيضو ڏيڻ ۽ اُٺ وٺڻ.
جيڪو ڪي ڪين وڃائي ٿو سو سمهي ننڊ ڪري ٿو.
هوا ۾ محلاتون جوڙڻ.