Jump to content

گليور جو سير ۽ سفر/ڀاڱو ٻيو/باب ٻيو

From Wikisource
گليور جو سير ۽ سفر (1969)
جوناٿن سئفٽ (1667 - 1745), translated by مرزا قليچ بيگ
باب ٻيو : گليور جي ڪري زميندار کي بخت لڳي ٿو
جوناٿن سئفٽ (1667 - 1745)319997گليور جو سير ۽ سفر — باب ٻيو : گليور جي ڪري زميندار کي بخت لڳي ٿو1969مرزا قليچ بيگ

منهنجي ڌياڻيءَ کي نون ورهين جي ڌيءُ هئي، جا پنهنجي عمر جي ڪري ڏاڍن گڻن واري هئي، ۽ سئيءَ جي ڪم ۾ هوشيار هئي ۽ ننڍڙي ٻار جي ڪپڙن ڍڪائڻ ۾ چالاڪ هئي. انهيءَ ٻارڙي جو پينگهو انهيءَ ڇوڪري ۽ سندس ماءُ منهنجي رات جي سمهڻ لاءِ ٺاهي تيار ڪري ڇڏيو. پينگهو ڪٻٽ جي هڪڙي خاني ۾ کڻي رکيائيون، ۽ اهو خانو هڪڙي لڙڪندڙ جاري تي رکيائون، انهيءَ ڊپ کان ته متان مون کي ڪئا نقصان پهچائين. جيسين آءٌ انهن ماڻهن وٽ هوس، تيسين اهو منهنجو هنڌ هو، جيتوڻيڪ وقت بوقت جيئن جيئن آءٌ هنن جي ٻولي سکندو ويس ۽ منهنجي گهرجن جي هنن کي خبر پوندي ويئي، تيئن تيئن هو انهيءَ کي سڌاريندا زياده آسائش جهڙو ڪندا ويا.
اها ڇوڪري ٻولي سيکارڻ لاءِ منهنجي استاد ۽ ماسترياڻي هئي. جڏهن آءٌ ڪا شيءِ ڏيکاريندو هو سانس، تڏهن هو انهيءَ جو نالو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٻڌائيندي هئي. انهيءَ طرح ٿورن ئي ڏينهن ۾ جيڪي وڻندو هو، سو گهري وٺي سگهندو هوس. هوءَ ڏاڍي چڱي طبيعت جي هوندي هئي، ۽ عمر جي ننڍائيءَ ڪري قد ۾ چاليهن فوٽن کان مٿي نه هوندي هئي. هن مون کي مئنيڪن جو نالو ڏنو، يعنيٰ ”ننڍڙو ماڻهو“. هن ئي جي ڪري آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ صحيح سلامت رهي سگهيس، ۽ جيسين اتي هوس تيسين هن کان ڌار نه ٿيس. آءٌ هن کي ”گلمڊال ڪلچ“ يعنيٰ ”ننڍڙي دائي“ سڏيندو هوس، جيڪا محبت هوءَ مون کي ڏيکاريندي هئي، ۽ جنهن جي عيوض ڏيڻ لاءِ وس پڄندي منهنجي دلي خواهش هوندي هئيم تنهن جو آءٌ تعريف جهڙو ذڪر نه ڪريان، ته جيڪر نااحسانمند ليکجان، پر مون کي ڊپ آهي ته ناحق منهنجي ڪري هن تي بي آبروئيءَ جهڙو الزام آيو.
اِتي آسپاس معلوم ٿيڻ لڳو ته منهنجي ڌڻيءَ ٻنيءَ ۾ هڪڙو عجيب جانور لڌو آهي، جو شڪل ۾ بلڪل ماڻهوءَ جهڙو آهي ۽ انهيءَ وانگي هلي چلي ٿو. هو ڳالهائي به پنهنجي ننڍڙيءَ ٻوليءَ ۾ ٿو ۽ سندس ڪي لفظ به اڳي ياد ڪيا اٿس، هلي ٻن ٽنگن تي اچي ٿو، هريل ۽ نرم طبيعت وارو آهي. سڏ تي هليو اچي، جيڪي چئجيس ٿو سو ڪري ٿو. عضوا تمام چڱا اٿس ۽ منهن جو رنگ ڪنهن امير ماڻهوءَ جي ٽن ورهين جي ڌيءَ کان به وڌيڪ گورو اٿس.
ٻيو هڪڙو زميندار، جو نزديڪيءَ ۾ رهندو هو ۽ منهنجي ڌڻيءَ جو گهاٽو يار هو، سو ملاقات جي لاءِ آيو، خاص انهيءَ ڪم واسطي ته انهيءَ ڳالهه جي تحقيقات ڪري. هڪدم مون کي آڻي ميز تي رکيائون. اتي جيئن مون کي حڪم ڏنائون، تيئن هليس: پنهنجي ترار ڪڍيم، وري کپ ۾ وڌيم، مهمان کي سلام ڪيم، سندس ٻوليءَ ۾ خير عافيت پڇي مانس، ۽ جيئن منهنجي ننڍڙيءَ دائيءَ مون کي سيکاريو هو، تيئن چيومانس ته ”ڀلي ڪري آيو.“
اهوشخص جو ٻڍو ۽ ڪم نظر هو، تنهن مون کي چٽيءَ طرح ڏسڻ لاءِ عينڪ وڌي، تنهن تي آءٌ ڏاڍو کِليس، ڇالاءِ جو هن جون اکيون اهڙيو پئي ڏسڻ ۾ آيون، جهڙيون چوڏهينءَ جو چنڊ جو ٻن درين کان جاءِ ۾ چمڪندو آهي. گهر جي ڀاتين، جو منهنجي کل ۽ خوشيءَ جو سبب معلوم ڪيو، سي به مون سان گڏ کلڻ لڳا، تنهن تي اهو ٻڍو بي عقلي ڪري ڪاوڙيو. هو ڏاڍو ڪنجوس مشهور هو، ۽ هو به برابر اهڙو، ڇا لاءِ جو منهنجي بدنصيبي ڪري هن منهنجي ڌڻي کي صلاح ڏني ته پاسي وارو شهر، جو اسان جي گهر کان اٽڪل ٻاويهه ميل هو ۽ ڪلاڪ کن گهوڙي جو پنڌ هو ۽ جتي ميلو لڳڻو هو، اتي انهيءَ ڏينهن خلق جي اڳيان مون کي ڏيکاري پئسا گڏ ڪري.
مون کي شڪ پيو هو ڪا حرڪت ٿا سٽين، جو منهنجي ڌڻيءَ ۽ سندس دوست ڳچ تائين سُس ڦُس ڪئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مون ڏي به پئي اشارا ڪيائون، ڊپ جي ڪري مون ڀانيو ته مون هنن جي ٻولي سمجهي هئي. پر ٻئي ڏينهن منهنجي ننڍڙي دائي، ”گلمڊال ڪلچ“، مون کي سڄي ڳالهه ٻڌائي، جا هن اٽڪل ڪري پنهنجي ماءُ کان پڇي هئي. ويچاريءَ مون کي کڻي پنهنجي ڇاتيءَ تي رکيو ۽ شرم ۽ ڏک کان روئڻ لڳي. هن کي اهو ڊپ هو ته عام خلق مون کي چپي ماري وجهندي، يا هٿن ۾ کڻي ڪو عضوو ڀڃي وجهندي.
هن کي اها خبر هئي ته آءٌ طبيعت جي ڪري لڄارو آهيان ۽ پنهنجي عزت آبرو جي مون کي گهڻي ڳڻتي ٿي رهي ۽ تنهن ڪري پئسن جي لاءِ خسيس ماڻهن جي اڳيان تماشي جي واسطي رکجڻ مون کي پسند نه ايندو. هن چيو ته ”منهنجي ماءُ ۽ پيءُ، انجام ڪيو آهي ته ”هي ننڍڙو ماڻهو تنهنجو آهي.“ پر هاڻ آءٌ ڏسان ٿي ته جيئن پَرسال مون سان ٺڳي ڪئي هئائون، تيئن هيل به ڪرڻ ٿا گهرن. پرسال انجام ڪيائون ته هڪڙو ڇيلو توکي ڏينداسين، پر جڏهن اهو مچي ٿلهو ٿيو، تڏهن ڪاسائيءَ کي وڪڻي ڏيئي ڇڏيائون.“
پنهنجي لاءِ پڪ سان ٿو چوان ته منهنجي دائيءَ کي ڳڻتي هئي، پر مون کي ڪانه هئي. مون کي پڪي اميد هئي ته هڪڙي ڏينهن آءٌ آزاد ٿيندس،۽ انهيءَ اميد مون کي اصل نه ڇڏيو.
منهنجو ڌڻي پنهنجي دوست جي چئي لڳي، ميلي واري ڏينهن، مون کي هڪڙي پيتيءَ ۾ بند ڪري، پاسي واري شهر ۾ کڻي هليو، ۽ پنهنجي پٺيان پنهنجي ڌيءَ به چاڙهي هليو، جا منهنجي دائي هئي، پيتي چوڌاري بند هئي. منجهس فقط ڪي ٿورا سوراخ هئا. ڇوڪريءَ ايتري به خبرداري ڪئي هئي، جو پنهنجي رضائي اندر لنگهائي ڇڏي هئائين ته انهيءَ تي آءٌ ستو پيو هجان.
انهيءَ هوندي به انهيءَ مسافريءَ تي ڏاڍا لوڏا آيا ۽ تڪليف رسي. جيتوڻيڪ وقت فقط اڌ ڪلاڪ لڳو، ڇالاءِ جو گهوڙي جو هر هڪ قدم اٽڪل چاليهه فوٽ هو، ۽ اهڙو تڪڙو ٿي هليو، جهڙو ڪو جهاز وڏي طوفان ۾ هيٺ مٿي ٿيندو آهي.... پاڻ انهيءَ کان زياده جلد جلد اهڙولوڏو ٿي آيو، منهنجو ڌڻي پهرين هڪڙيءَ مهمانسراءِ ۾ لٿو، جتي هو هميشه ايندڙ هو.
سراءِ جي مالڪ سان ٿورو وقت صلاح ڪري، ۽ ضروري تياري ڪري، هن هڪڙو پڙهي ڏيڻ وارو هٿ ڪيو، ۽ انهيءَ کي حڪم ڏنائين ته شهر ۾ پڌرو ڪرائي ته وڏي باز جي نشان واريءَ سراءِ ۾ هڪڙو عجيب جانور ڏسي سگهجي ٿو. ”سپلئڪنڪ“ جيڏو به ڪين آهي ۽ ڪي لفظ به ڳالهائي ٿو ۽ سوين مزي جهڙا ناٽ ڪري سگهي ٿو. سپلئڪنڪ انهيءَ ملڪ ۾ هڪڙو خوبصورت جانور آهي، جو اٽڪل ڇهه فوٽ قد ۾ آهي ۽ بت جا سڀ عضوا ماڻهوءَ جهڙا ٿا ٿينس.
سراءِ ۾ جيڪا وڏي جاءِ هئي، تنهن ۾ مون کي کڻي هڪڙيءَ ميز تي رکيائون. اها ميز اٽڪل ٽي سئو فوٽ چورس هئي. منهنجي ننڍڙي دائي ميز جي پاسي ۾ هڪڙي اسٽول يا صندليءَ تي چڙهي بيهه رهي. انهيءَ لاءِ ته منهنجي سنڀال ڪري ۽ مون کي سمجهائي ته ڇا ڪريان. منهنجي ڌڻيءَ گوڙ بند ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو ته دفعي دفعي ۾ فقط ٽيهه ماڻهو منهنجي ڏسڻ لاءِ اچن. ڇوڪريءَ جي چوڻ پٺيان آءٌ ميز تي هليس ٿي. هن مون کان ڪي سوال ٿي پڇيا، اهڙن لفظن ۾ جي هن ڄاتا ٿي ته منهنجي سمجهه ۾ ايندا، ۽ مون انهن جا تمام وڏي آوازسان جواب ڏنا ٿي.
آءٌ ڪيترائي ڀيرا ماڻهن ڏي منهن ڪري ٿي بيٺس. هنن کي سلام ٿي ڪيم، چيو مان ٿي ته ”ڀلي ڪري آيئو“، ۽ ٻيو جيڪي مون کي سيکاريو هئائون سو ٿي چيم، گلمڊال ڪلچ مون کي هڪڙو انگشتان پاڻي پيئڻ لاءِ پيالو ڪري ڏنو هو، سو مون ڪڍي پاڻيءَ سان ڀريو، ۽ ماڻهن کي دعا ڪري اهو ٿي پيتم. پنهنجي ترار ڪڍي ٿي هوا ۾ لوڏيم، جيئن انگلينڊ ۾ پلٿي ڪرڻ وارا ڪندا آهن.
منهنجي دائيءَ مون کي ڪک جو ٽڪر ڏنو جو مون ڀالو ڪري ڪم آندو ۽ انهيءَ سان راند ڪري ڏيکاريم، جا مون ننڍي هوندي سکي هئي. انهيءَ ڏينهن ماڻهن جي ٻارهن دفعن مون کي اچي ڏٺو ۽ اوترائي دفعا مون کي ساڳيائي ڪم وري وري ڪرڻا پيا. انهيءَ ڪري آءٌ ڏاڍو بيزار ٿيس ۽ ٿڪجي پيس. جن ماڻهن مون کي ڏٺو هو، تن اهڙيون عجيب غريب ڳالهيون وڃي ٻين سان ڪيون، جو ماڻهن در ڀڃي به اندر اچڻ ٿي گهريو.
منهنجي ڌڻيءَ پنهنجي فائدي لاءِ، منهنجي دائيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي نٿي ڇڏيو ته مون کي هٿ لائي، ۽ منهنجي چوڌاري ميز تي ٿوري پنڌ تي بينچ رکي ويا، ته متان ڪو هٿ ڊگهيري مون کي وٺي يا ڪو ٻيو نقصان پهچائي. انهيءَ هوندي به هڪڙي ڪمبخت اسڪول جي ڇوڪر هڪڙي سوپاري منهنجي مٿي تي اڇلائي هنئي، جا ذري گهٽ مون کي لڳي هئي. اها اهڙي زور سان آئي، جو جي لڳي ها ته منهنجو ميڄالو ئي ڪڍي رکي ها، ڇالاءِ جو اها ايڏي وڏي هئي جيڏو ننڍو ڪدو ٿئي. پر آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس، جو انهي بدمعاش کي خوب مار ڏنائون ۽ جاءِ مان هڪالي ڪڍي ڇڏيائون.
منهنجي ڌڻيءَ عام اشتهار ڪيو ته وري ايندڙ ٻئي ميلي تي مون کي ڏيکاريندو. انهيءَ وچ ۾ هن منهنجي کڻڻ لاءِ ٻيو بندوبست ڪيو، جو فائدي جي نظر تي هن خوشيءَ سان ڪيو. پهرينءَ ئي مسافري ڪري ۽ اٺ ڪلاڪ سانده تماشي ڪرڻ ڪري، آءٌ اهڙو ٿڪجي پيس، جو پنهنجن ٽنگن تي بيهي يا ڪو اکر ڳالهائي نٿي سگهيس. ٽن ڏينهن کانپوءِ مس آءٌ سامت ۾ آيس. پر گهر ۾ به ماڻهن مون کي آرام وٺڻ نٿي ڏنو، ڇالاءِ جو آسپاس سئو کن ميلن جي اندر ڪيترائي سکر ماڻهو خود منهنجي ڌڻيءَ جي گهر منجهه منهنجي ڏسڻ لاءِ آيا.
منهنجي ڌڻيءَ ڏٺو ته منهنجي ڪري هن کي گهڻو فائدو ٿيڻو آهي، تنهن ڪري هن ارادو ڪيو ته ملڪ جي وڏن وڏن شهرن ۾ مون کي کڻي وڃي. انهيءَ ارادي سان وڏي مسافريءَ جي لاءِ سڀ ضروري شيون موجود ڪري، ۽ گهر جي ڪم ڪارين جو پورو بندوبست ڪري، هن زال کان موڪلايو ۽ سن 1703ع جي آگسٽ مهيني جي سترهين تاريخ، يعنيٰ، منهنجي اچڻ کان اٽڪل ٻه مهينا پوءِ، اسين گاديءَ جي هنڌ واري شهر ڏي روانا ٿياسين، جو انهيءَ بادشاهت جي وچ ڌاري هو ۽ اسان جي گهر کان اٽڪل ٽي هزار ميل پري هو. منهنجي ڌڻيءَ پنهنجي ڌيءُ، گلمڊال ڪلچ کي پنهنجي پٺيان کڻي چاڙهيو ۽ هوءَ مون کي پيتيءَ ۾ بند ڪري پيتي پنهنجي چيلهه سان ٻڌي اڳيان جهوليءَ ۾ رکي ٿي هلي.
منهنجي ڌڻيءَ جي مرضي هئي ته رستي تي يا رستي کان پنجاهه يا سوء ميلن جي اندر جيڪي به شهر هجن، يا جيڪو ڳوٺ هجي، يا ڪنهن سکر ماڻهوءَ جو گهر هجي، جتي پئسي پيدا ٿيڻ جو امڪان هجي، اتي منهنجو تماشو ڏيکاريندو هلي. اسين هلڪيون هلڪيون منزلون وياسين. ڏينهن ۾ ستر _ اسي ميلن کان وڌيڪ پنڌ نٿي ڪيوسين، ڇالاءِ جو گلمڊال ڪلچ منهنجي سک لاءِ دانهن ڪئي ته گهوڙي جي سواري کيس ٿڪايو ٿي وجهي. منهنجي چوڻ تي هن ڪڏهن ڪڏهن مون کي پيتيءَ مان ٻاهر به ڪڍيو ٿي ته هوا کاوان ۽ ملڪ ڏسان، پر هميشه رسو پاڻ وٽ قابو ٿي رکيائين. رستي ۾ اسان کي ڏهه هفتا لڳي ويا ۽ ارڙهن وڏن شهرن ۾ ۽ ڪيترن ٻين ڳوٺن ۽ خانگي ڪٽنبن جي گهرن ۾ منهنجو تماشو ڏيکاريائون.
آڪٽوبر جي 26- تاريخ اسين تختگاهه واري شهر پهتاسين. منهنجي ڌڻيءَ شهر جي مک گهٽيءَ ۾ هڪڙي جاءِ ڀاڙي تي ورتي. جا شاهي محلات کان پري نه هئي ۽ دستور موجب عام اشتهار پڌرو ڪرايائين، جنهن ۾ منهنجي شڪل شباهت ۽ هنرن جو مفصل بيان ڏنائين. هڪڙي وڏي جاءِ ٽن _چئن سَون فوٽن جيڏي ويڪري ڪرايي تي ڪيائين. هڪڙي وڏي ميز، سٺ فوٽ ڪشادي، موجود ڪيائين، جنهن تي مون کي تماشو ڪرڻو هو. ڪناري کان ٽي فوٽ اندر ۽ ٽي فوٽ مٿي، چوڌاري اوٽ ٻڌي ڇڏيائين ته متان آءٌ ڪِري پوان. هر روز مون کي ڏهه ڀيرا ماڻهن جي اڳيان پيش ٿي ڪيائون، جنهن ڪري ماڻهو ڏاڍا خوش ۽ حيران ٿي ٿيا. ۽ آءٌ موچاري ٻولي ڳالهائي ويندو هوس ۽ جيڪي مون کي چوندا هئا، سو بلڪل چڱي طرح سمجهي ويندو هوس، تنهن کان سواءِ مون هنن جي الف_ بي به ياد ڪري ڇڏي هئي، ۽ ڪوشش ڪري ڪنهن جملي جي سمجهاڻي به ڏيئي ويندو هوس.