گليور جو سير ۽ سفر/ڀاڱو ٻيو/باب ٽيون
ڏهاڙي محنت ۽ هلاڪي ڪرڻ ڪري، ٿورن ئي هفتن ۾ منهنجي تندرستيءَ ۾ گهڻي ڦير گهير پئجي ويئي، منهنجي ڌڻيءَ کي جيئن مون منجهان زياده نفعو ٿيندو ويو، تيئن وڌيڪ ڪڍڻ جو حرص ٿي ٿيس. آءٌ ماني کائي نٿي سگهيس ۽ تنهنڪري ڳري ڪنڊا ٿي ويس. جڏهن زميندار اهو حال ڏٺو ۽ ڊپ ٿيس ته متان هي جلد مري وڃي، تڏهن هن ارادو ڪيو ته جيترو وڌيڪ فائدو مون منجهان ڪڍي سگهي اوترو ڪڍي وٺي. انهيءَ طرح هن پنهنجي منهن پئي خيال ڪيا ۽ پور پچايا، ته شاهي درٻار مان هڪڙو عهديدار اچي نڪتو، ۽ منهنجي ڌڻيءَ کي منهنجي نالي حڪم ڏنائين ته، ”راڻيءَ ۽ سندس ٻين خدمتگار زالن کي تماشي ڏيکارڻ جي لاءِ هڪدم هن کي کڻي هل.“
انهن زالن مان ڪي مون کي اڳئي ڏسي ويون هيون، ۽ تن وڃي منهنجي خوبصورتي ۽ هلت چلت ۽ هوشياريءَ جي نسبت ۾ عجيب غريب ڳالهيون ڪيون هيون. راڻي ۽ سندس خدمتگاريون منهنجا ڪم ڏسي نهايت خوش ٿيون. مون گوڏن ڀر ويهي عرض ڪيو ته مون کي راڻيءَ جي پير چمڻ جي موڪل ملي. پر راڻيءَ مهرباني ڪري پنهنجي چيچ مون ڏي ڪئي، ۽ مون کي کڻي ميز تي رکيائون. مون ٻنهي هٿن سان انهيءَ چيچ کي کڻي ڀاڪر وڌو ۽ انهيءَ جي چوٽي ڏاڍي ادب سان کڻي وات ۾ رکيم، هن مون کان پنهنجي ملڪ بابت مسافرين بابت هيڏي هوڏي جا سوال پڇيا، جي مون چٽيءَ طرح ۽ مختصر لفظن ۾ ڏنا.
هن مون کان پڇيو ته ”تون بادشاهه جي درٻار ۾ رهڻ لاءِ راضي آهين؟“ مون ڪنڌ جهڪائي ميز جي تختي تي رکيو ۽ نياز سان ورندي ڏنيم ته ”آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ جو غلام آهيان. پر جي آءٌ پنهنجي وس هجان ته جيڪر پنهنجي سڄي عمر حضور جي نوريءَ ۾ گذاريان ۽ انهيءَ کي پنهنجو فخر سمجهان.“ تنهن تي راڻيءَ منهنجي ڌڻيءَ کان پڇيو ته ”تون هن کي چڱي ملهه تي وڪڻندين؟“ منهنجي ڌڻي کي ته اڳيئي ڊپ هو ته هي مهينو به جيئرو نه رهندو، سو منهنجي وڪڻڻ لاءِ هڪدم تيار ٿيو، ۽ هزار سونيون مهرون گهريائين. اهي اُتي جو اُتي هن کي مليون. هر هڪ مهر قد ۾ اٺن سَوَن”مائڊرون“ يا پورچو گال جي سونن سِڪن جيڏي هئي. پر انهيءَ ملڪ ۾“ يورپ جي سڀني شين جي سراسريءَ جي نظر تي ۽ هنن ۾ سون جي زياده قيمتي هئڻ جي نظر تي، اها رقم انگلينڊ ۾ هزار گنين جي قيمت جيتري مس هئي.
پوءِ مون راڻيءَ کي عرض ڪيو ته ”هاڻ جڏهن آءٌ حضور جو غلام خسيس ٻانهو آهيان، تڏهن مهرباني سان منهنجو هي عرض قبول ٿئي ته گلمڊال ڪلچ جنهن مون کي هيستائين ڏاڍيءَ سنڀال سان پاليو آهي ۽ اهو ڪم هو چڱي طرح سمجهي ٿي، سا حضور پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکي، ته هوءَ مون کي سنڀاليندي ۽ سيکاريندي رهي.“
راڻي صاحبه منهنجو عرض قبول ڪيو ۽ آسانيءَ سان زميندار کي قبول ڪرايائين، جو پاڻ خوش ٿيو ته سندس ڌيءَ کي محلات ۾ نوڪري ملي، ۽ ويچاري ڇوڪري پاڻ ته خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نٿي ماپي. منهنجو اڳوڻو ڌڻي مون کان موڪلائي هليو ويو، ۽ چوندو ويو ته ”مون توکي چڱيءَ نوڪريءَ ۾ ڇڏيو آهي.“ مون ڪابه ورندي ڪانه ڏنيس، ۽ رڳو ڪنڌ جهڪائي سلام ڪيومانس.
راڻيءَ منهنجو راضپو معلوم ڪري ورتو، ۽ جڏهن زميندار جاءِ مان نڪري ويو، تڏهن مون کان انهيءَ جو سبب پڇيائين. مون دل جهلي چيو ته ”هن منهنجي اڳوڻي ڌڻيءَ مون سان جيڪو احسان ڪيو آهي، سو فقط اهو ته جنهن ويچاري مسڪين مخلوق کي اوچتو ٻنيءَ ۾ لڌائين، تنهن کي ماري هن جو ميڄالو ڪڍي نه وڌائين. انهيءَ جو عيوضو هن کي ملي چڪو آهي. جو هن مون کي اڌ بادشاهت ۾ ماڻهن کي ڏيکاري فائدو ڪڍيو، ۽ پڇاڙيءَ ۾ مون کي چڱي ملهه تي وڪڻي ڇڏيائين.“ راڻيءَ جي اڳيان جيڪا تقرير مون هٻڪي هٻڪي ڪئي، تنهن جو مختصر مطلب اهو هو.
راڻيءَ مون کي ڳالهائڻ ۾ ڀڙ هئڻ جو مجرائي ۽ انصاف مڃيائين، ۽ ههڙي ننڍڙي جانور ۾ هيترو عقل ۽ هوش ڏسي حيران ٿي. هوءَ مون کي هٿ ۾ کڻي بادشاهه وٽ ويئي، جو انهيءَ وقت پنهنجي ڪمري ۾ هو، بادشاهه پريندي منهنجي شڪل پوريءَ طرح نه ڏٺي، تنهنڪري البت رنج سان راڻيءَ کان پڇيائين ته ”ڪڏهن کان توکي هڪڙو سپلئڪنڪ ايترو وڻڻ لڳو آهي؟“ ڀانئجي ٿو ته هن مون کي انهيءَ نالي وارو ننڍڙو جانور سمجهيو، جو آءٌ راڻيءَ جي تريءَ تي اونڌو ٿيو پيو هوس. پر جڏهن هن منهنجو ڳالهائڻ ٻڌو، ۽ ڏٺائين ته جيڪي چوان ٿو سو پورو ۽ سمجهه جهڙو آهي، تڏهن عجب لڳس، ۽ راڻيءَ کي پارت ڪيائين ته انهيءَ جي چڱي سنڀال ڪجئين.“
راڻيءَ پنهنجي واڍي کي حڪم ڏنو ته هڪڙي اهڙي پيتي ٺاهي، جا منهنجي لاءِ چڱي سمهڻ جي جاءِ هجي. انهيءَ ڪاريگر، منهنجي ڏس پٺيان ٽن هفتن جي اندر هڪڙي ڪاٺ جي ڪوٺي ٺاهي، جا سورهن فوٽ چورس هئي ۽ ٻارهن فوٽ مٿي هئي، در ۽ دريون به هيس ۽ ٻه ننڍڙيون ڪوٺيون منجهس هيون، وهنجڻ ۽ جاءِ ضرورت ڪم لاءِ، جيئن لنڊن ۾ سمهڻ جي ڪوٺيءَ جو بندوبست ٿيندو آهي، ڇت وارو تختو اهڙو هو، جو مٿي کڄي به سگهيو ٿي ۽ وري لهي به سگهيو ٿي. انهيءَ لاءِ هن کي ٻه نرماد پيل هئا. انهيءَ کلندڙ ڇت جي وسيلي راڻيءَ جو خان سامان ٺهيل ٺڪيل هنڌ انهيءَ ۾ لنگهائي رکي سگهيو ٿي ۽ گلمڊال ڪلچ اهو هنڌ ڏهاڙي ٻاهر ڪڍي هوا ۾ رکي، وري ٺاهي تيار ڪري، رات جو اندر رکي، منهنجي مٿان ڇت کي ڪلف ڏيئي ڇڏيندي هئي.
هڪڙو هوشيار ڪاريگر، جو عجيب غريب ننڍڙين شين ٺاهڻ لاءِ مشهور هو، تنهن ذموکنيو ته منهنجي لاءِ ٻه ڪرسيون عاج جهڙي شيءِ جي پٽن ۽ چونڪن سان، ۽ ٻه ميزون شين جي رکڻ لاءِ هڪڙي خاني سان جوڙي تيار ڪندو. جاءِ کي سڀني پاسن کان گاديون هڻي ويا ڇت توڙي فرش تي گاديون لڳائي ڇڏيائون ته متان جيڪي ماڻهو مون کي کڻن، تن جي غفلت ڪري سندس هٿن مان اتفاق سان ڪري پوان، يا جڏهن مون کي انهيءَ ڪوٺيءَ سميت گاڏيءَ ۾ کڻن، تڏهن متان مون کي گهڻو لوڏو يا ڌڪو اچي.
مون خواهش ڏيکاري ته منهنجي در کي ڪلف ڏيئي ڇڏجي، متان ڪئا اندر لنگهي اچن. لوهار ڪاريگر گهڻن مٿن هڻڻ کان پوءِ هڪڙو اهڙو تمام ننڍڙو ڪلف جوڙيو، جنهن جهڙو اڳي ڪڏهن هنن نه ڏٺو هو، پر مون انگلينڊ ۾ انهيءَ کان وڏو ڪلف هڪڙي سکر ماڻهوءَ جي گهر جي ٻاهرئين در کي ڏنل ڏٺو آهي. مون ڪوشش ڪري ڪنجي پنهنجي کيسي ۾ رکي ته متان گلمڊال ڪلچ اها وڃائي ڇڏي.
راڻيءَ کي منهنجي صحبت اهڙي وڻي ويئي، جو مون کان سواءِ هوءَ ماني نه کائيندي هئي، جنهن ميز تي هوءَ ماني کائيندي هئي، تنهن جي مٿان ٺونٺ وٽ، منهنجي ميز ۽ ڪرسي رکڻ ۾ ايندي هئي. گلمڊال ڪلچ منهنجي ميز جي ويجهو هڪڙي اسٽول تي منهنجي سنڀال ۽ مدد لاءِ بيهندي هئي. منهنجون سڀ رڪابيون ۽ ڍاڪون ۽ ٻيون ضروري شيون چانديءَ جون تيار ڪيون ويون هيون، جي راڻيءَ جي سامان جي مقابلي ۾ اهڙيون هيون، جهڙيون ٻارن جي راند لاءِ لنڊن ۾ گُڏين جي رانديڪن جي دڪان ۾ ڏسبيون آهن. اهي رڪابيون منهنجي ننڍڙي دائيءَ هڪڙيءَ چاندي جي پيتيءَ ۾ بند ڪري کيسي ۾ وجهي ڇڏيندي هئي، ۽ جڏهن مانيءَ مهل مون کي انهيءَ جي گهرج ٿيندي هئي، تڏهن هوءَ پاڻ اهي صفا ڪري مون کي ڏيندي هئي.
ٻيو ڪوبه ماڻهو، سواءِ ٻن شاهزادين جي، راڻيءَ سان گڏ ماني ڪونه کائيندو هو. وڏي شهزادي سورهن ورهين جي هئي ۽ ننڍيءَ جي ڄمار تڏهن تيرهن ورهيه ۽ هڪ مهينو هئي، راڻي صاحبه منهنجي هڪڙي رڪابيءَ تي گوشت جو ٽڪر رکندي هئي، انهيءَ مان آءٌ ذرو پنهنجي لاءِ وڍي وٺندو هوس، ۽ هوءَ مون کي کائيندو ڏسي خوش ٿيندي هئي، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ راڻيءَ جو هاضمو ضعيف هوندو هو، ته به هڪ گرنهه ۾ ايترو طعام کڻندي هئي، جيترو انگلينڊ جا ٻارهن زميندار هڪڙي وقت تي کائي سگهن. اهو حال ڏسي، پهرين ته ڳچ وقت تائين مون کي نفرت ايندي هئي، جو هوءَ رڌل چنڊول پکيءَ جي سڄي کنڀڙاٽي هڏن سوڌي ڏندن ۾ چٻاڙي کائي ويندي هئي، جيتوڻيڪ اهو پکي اسان جي وڏي ٽرڪي يا فيل مرغ کان نَوَ دفعا وڏو هوندو هو، ۽ مانيءَ جو ٽُڪر، جو وات ۾ وجهندي هئي، سو ئي ايڏو هو، جيڏيون ٻه وڏيون ٻارهن پيسن واريون ڊبل روٽيون ٿينديون آهن.
هوءَ هڪڙي سوني پيالي مان هڪڙي ئي ساهيءَ سان موچاري پيٽ جيترو پاڻي يا شراب پي ويندي هئي. هن جون ڇريون ڏانٽي کان ٻيڻيون وڏيون هونديون هيون، ڄڻ ته ڏانٽا ڳڻ تي سنوان ڪري رکيا ويا آهن. چمچا ۽ ڪانٽا ۽ ٻيا کائڻ جا اوزار به اهڙائي وڏا هوندا هئس. مون کي ياد آهي ته هڪڙي ڀيري گلمڊال ڪلچ مون کي کڻي هلي شاهي محلات جون ڪي کاڌي جون ميزون ڏيکاريون هيون. اتي ڏهه _ ٻارهن وڏيون ڇريون ۽ ڪانٽا گڏ مٿي کنيل ڏسي، آءٌ ڊڄي ويس، ۽ ڄاتم ته ههڙو خوفناڪ ڏيک مون اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو.
گهڻن مهينن تائين انهن ماڻهن جي ڏيکن ڏسڻ ۽ ٻولين ٻڌڻ ۽ سڀڪا شيءِ تمام وڏي ڏسڻ تي هِري وڃڻ کانپوءِ جيڪو خوف پريندي مون کي ٿيندو هو، سو لهي ويو. انهيءَ وقت جيڪڏهن آءٌ انگلينڊ جي ڪن لارڊن ۽ ليڊين کي تمام عمدن ۽ عيد جهڙن ڪپڙن ۾ بادشاهه جي درٻارين وانگي بيهندو ۽ جهڪندو ۽ ڳالهائيندو ڏسان ها، ته بيشڪ انهن تي مون کي اهڙي کِل اچي ها، جهڙي هتي بادشاهه ۽ اميرن کي مون تي ايندي هئي.
سچ هي آهي ته خود مون کي به پاڻ تي کِل ايندي هئي. جڏهن راڻي مون کي پنهنجي هٿ تي کڻي آرسيءَ تائين آڻيندي هئي، جنهن ۾ اسان ٻنهي جون شڪليون سڄيون ساريون گڏ ڏسڻ ۾ اينديون هيون. انهيءَ مهل ٻنهي جي مقابلي ڪرڻ تي ڏاڍي کِل ايندي هئي. آءٌ پاڻ کي پنهنجي سچي پچي قد کان به ننڍو پيو ڄاڻندو هوس.
راڻيِءَ وٽ هڪڙو بندرو ماڻهو هوندو هو، تنهن کي ڏسي مون کي ڏاڍي چڙ ۽ بيزاري لڳندي هئي. انهيءَ ملڪ ۾ هو تمام ننڍي قد جو ماڻهو هو، ڇالاءِ جو هو پورا ٽيهه فوٽ به قد. سو پاڻ کان به ٻيو تمام ننڍو ماڻهو ڏسي هميشه بيچيو ۽ مغرور ٿي ويندو هو، ۽ راڻيءَ جي جاءِ تي دالان ۾ جتي آءٌ درٻار جي اميرن ۽ سندن زالن سان بيٺو ڳالهائيندو هوس، اتان لنگهندي هو ڏاڍي آڪڙ مان لنگهي ويندو هو، ۽ اڪثر منهنجي ننڍي قد تي ٺٺولي ڪرڻ کان ڪين گسندو هو. اهو وير آءٌ هن کان رڳو هن طرح وٺي سگهندو هوس، جو هن کي ”ادو“ ڪري سڏيندو هوس، ۽ چوندو هو سانس ته ”اچي مون سان ملهه وڙهه.“ ۽ ٻيا به اهڙا لفظ ڳالهائيندو هو سانس جهڙا اڪثر محلات جي ڇوڪرن جي وات ۾ هوندا آهن.
هڪڙي ڏينهن، مانيءَ مهل، هي خراب بندرو منهنجي ڪجهه چوڻ تي اهڙو خفي ٿيو، جو راڻيءَ جي ڪرسيءَ تي جيئن آءٌ چڙهيو ويٺو هوس، تيئن مون کي ڪمر کان کڻي، ڪنهن به ڊپ کان سواءِ، ملائي جي چاندي جي وڏي پيالي ۾ کڻي اڇلايائون، ۽ پوءِ اٿي ڀڳو، آءٌ سڄو ئي ملائيءَ ۾ ٻڏي ويس، ۽ جي تري نه ڄاڻندو هجان ها، ته الاجي ڪهڙو حال ٿئيم ها، پر منهنجي ننڍي دائي منهنجي واهر لاءِ ڊوڙي آئي، ۽ مون کي ڪڍي ٻاهر ڪيائين. انهي وچ ۾ سير کن ملائيءَ جو منهنجي پيٽ ۾ هليو ويو.
مون کي کڻي وڃي هنڌ ۾ سمهاريائون، ٻيو ڪو نقصان مون کي ڪونه پهتو، رڳو ڪپڙا خراب ٿيم، بندري کي خوب چهبڪ لڳا ۽ وڌيڪ سزا اها مليس جو جنهن ملائيءَ جي پيالي ۾ مون کي اڇلايو هئائين، سو زور ڪري پياريائونس، ۽ اڳتي جي لاءِ راڻيءَ اصل منهان لاهي ڇڏيس.
اڪثر راڻي مون کي همتائيندي هئي ته نه ڊڄان، مون کان پڇندي هئي ته ”تنهنجي ملڪ جا ماڻهو به تو جهڙا ڊڄڻا آهن ڪيئن؟“ انهيءَ جو سبب هي هو. انهيءَ ملڪ ۾ آرڙهه جي ڏينهن ۾ مکين جو ڏاڍو آزار ٿيندو آهي. هر هڪ مک چنڊول جيڏي ٿيندي آهي. آءٌ ماني کائڻ ويهندو هوس ته مون کي بي آرام ڪنديون هيون جو منهنجن ڪنن وٽ هميشه پيون ڀوُن ڀوُن ڪنديون هيون. ڪڏهن ته اچي منهنجي نڪ ۽ پيشانيءَ تي وهنديون هيون ۽ ڏنگ هڻنديون هيون، ۽ منجهانئن ڪني بانس ايندي هئي. علم حيوانات جا عالم جو چوندا آهن ته مکين جي پيرن ۾ هڪڙي قسم جي لڳڻ واري چنبڙندڙ شيءِ ٿيندي آهي، جنهن جي وسيلي هو پيرن سان اونڌيون ڇت تي هلنديون آهن، سا شيءِ مون کي آسانيءَ سان معلوم ٿي سگهندي هئي.
انهن خراب پَرندن کان پاڻ بچائڻ ۾ مون کي گهڻي تڪليف ٿيندي هئي. ۽ جڏهن اچي منهنجي منهن تي ويهنديون هيون تڏهن لاچار ڇرڪ ڀرڻو ٿيندو هوم، اُهو بندرو اڪثر هيئن ڪندو هو، جو ڳچ جيتريون مکيون جهٽي، اوچتو منهنجي نڪ هيٺان کڻي ڇڏيندو هو. انهيءَ لاءِ ته آءٌ ڊڄان ۽ راڻيءَ کي چرچو لڳي، آءٌ وري هيئن ڪندو هوس. جو پنهنجي ڇريءَ سان انهن اڏامندين مکين کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندو هوس. انهيءَ منهنجي چالاڪيءَ جي ڪري منهنجي گهڻي تعريف ٿيندي هئي.