Jump to content

گليور جو سير ۽ سفر/ڀاڱو پهريون/باب پنجون

From Wikisource
گليور جو سير ۽ سفر (1969)
جوناٿن سئفٽ (1667 - 1745), translated by مرزا قليچ بيگ
باب پنجون : ڪيئن گليور سڀ جنگي جهاز پڪڙي ٿو
جوناٿن سئفٽ (1667 - 1745)319994گليور جو سير ۽ سفر — باب پنجون : ڪيئن گليور سڀ جنگي جهاز پڪڙي ٿو1969مرزا قليچ بيگ

بليفسڪو جو ملڪ هڪڙو ٻيٽ آهي، جو لِليپٽ جي اُتر- اُڀرندي ڏي آهي. ٻنهي جي وچ ۾ هڪڙي کاري آهي، جا اٺ سوء يارڊ ڪشادي آهي. مون اڃا اها ڪين ڏٺي هئي، ۽ جڏهن ڪاهه ٿيڻ جي ارادي جي خبر پئي هيم، تڏهن آءٌ ڄاڻي ٻجهي انهيءَ پاسي جي ڪناري ڏي نٿي ويس، انهيءَ ڊپ کان ته دشمن جا جهاز، جن کي اڃا منهنجي خبر نه پئي هئي، سي متان ڏسي وٺن. جنگ هلندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آمدرفت ڪرڻ جي سخت منع ٿيل هئي، ۽ حڪم ڀڃڻ واري کي موت جي سزا ملڻي هئي. شهنشاهه جي ڪنهن به جهاز کي انهيءَ پاسي وڃڻ جي موڪل نه هئي.
مون شهنشاهه کي دشمن جي سڀني جهازن کي پڪڙڻ جي رٿ بيان ڪري ٻڌائي. جاسوسن اسان کي پڪي خبر ڏني هئي ته جهاز بندر تي سڻائي واءُ جي انتظار ۾ تيار ٿيا بيٺا آهن. آزمودگار خلاصين کان کاريءَ جي عمق بابت اسان پڇا ڪئي هئي جو هنن گهڻائي ڀيرا انهيءَ جي ماپ ڪئي هئي. هنن چيو ته وچ ۾ وير چڙهڻ وقت اها ستر گنگلف اونهي هئي، يعني اٽڪل ڇهه فوٽ، ٻيا ڀاڱا گهڻو گهڻو ته پنجاهه گنگلف هئا.
آءٌ بليفسڪو جي آمهون سامهون اتر اڀرندي واري ڪناري ڏي هليس، اتي هڪڙيءَ ٽڪريءَ جي پٺيان ليٽي، مون پنهنجي ننڍي دوربيني ڪڍي ڏٺو ته دشمن جا جهاز لنگر هڻيو بيٺا هئا ۽ مڙئي اٽڪل پنجاهه هئا. انهن کان سواءِ سامان کڻڻ جون گهڻيون ئي ٻيڙيون هيون. پوءِ آءٌ موٽي پنهنجي گهر آيس ۽ حڪم ڏنم ته ”گهڻا ۽ مضبوط رسا ۽ لوهه جون شيخون مون کي آڻي ڏيو.“ اُهي آندائون. رسو سوتليءَ جي ڌاڳي جهڙو ٿلهو هو ۽ لوهه جون شيخون ڊيگهه توڙي قد ۾ اَن جي ڪم جي سوئن جهڙيون هيون.
سوتليءَ کي ٽيڻو ڪري مون مضبوط رسو ڪيو ۽ ساڳيءَ طرح سوئا به ٽي گڏي وٽي مضبوط ڪيم ۽ انهن جون چهنبون موڙي ڪنڍي وانگي ڪري ڇڏيم، پوءِ پنجاهه اهڙيون ڪنڊيون پنجاهه اهڙن رسن ۾ وجهي وري به اُتر اڀرندي واري ڪناري ڏي ويس ۽ پنهنجو ڪوٽ ۽ جوتا ۽ جوراب لاهي پنهنجي چم جي صدريءَ ۾ وجهي سمنڊ ۾ گهڙي پيس. وير چڙهڻ ۾ اڃا اٽڪل اڌ ڪلاڪ پيو هو. جيترو تڪڙو هلي سگهيس اوترو تڪڙو هلي، وچ ۾ اٽڪل ٽيهن يارڊن تائين ترسيس، تان جو پير وڃي وري هن ڀر سڪيءَ تي لڳو. اڌ ڪلاڪ جي اندر آءٌ دشمنن جي جنگي جهازن تائين وڃي پهتس.
دشمن جا سپاهي مون کي ڏسي اهڙو ڊڄي ويا، جو جهازن تان ٽپي تري ڪناري تي ويا، جتي ٽيهن هزارن کان گهٽ ماڻهو نه هوندا. پوءِ مون پنهنجا رسا ڪڍيا ۽ هر هڪ جهاز جي چهنب وٽ ٽُنگ ۾ ڪنڍي اٽڪائي سڀ رسا گڏي انهن جا ڇيڙا کڻي ٻڌم. جيسين مون اهو ڪم پئي ڪيو، تيسين هنن ڪيترائي هزار تير ڇوڙيا، جن مان گهڻا مون کي هٿن ۽ منهن ۾ لڳا. انهيءَ سخت ايذاءَ کان سواءِ، هنن منهنجي ڪم ۾ به گهڻي حرڪت ڪئي. مون کي گهڻو ڊپ پنهنجي اکين جو هو، ۽ جي انهيءَ مهل انهن جي بچائڻ جي تجويز اوچتي دل ۾ نه اچيم ها ته جيڪر اُهي وڃايان ها.
ٻين ڪن ننڍڙين ضروري شين سان گڏ مون پنهنجي عينڪ به ڳجهي کيسي ۾ لڪائي ڇڏي هئي. اهي سڀ شيون شهنشاهه جي تلاش ڪندڙ عملدارن جي نظر نه چڙهيون هيون، جيئن مون مٿي به چيو آهي، اها عينڪ مون ڪڍي پنهنجي نڪ تي مضبوط ڪري ٻڌي ڇڏي، ته ڀل اکيون بچيل رهن. پوءِ بهادريءَ سان آءٌ پنهنجي ڪم ۾ لڳس ۽ دشمن جي تيرن جي ڪابه پرواهه ڪانه ڪيم. ڪيترائي تير عينڪ جي شيشن کي لڳا، پر انهن کي هيڏي هوڏي چورڻ کان سواءِ ٻيو نقصان نه پهچايائون.
جڏهن سڀ ڪُنڍيون اٽڪائي رهيس، تڏهن رسن جي ڳنڍ هٿ ۾ جَهلي ڇڪڻ لڳس، پر هڪڙو جهاز به نه چريو، ڇالاءِ جو اهي لنگرن سان مضبوط ٻڌل هئا. اهو وڏيءَ بهادريءَ جو ڪم اڃان منهنجي لاءِ رهيو پيو هو. تنهن ڪري رسو کڻي ڇڏيم، ڪنڍيون ائين ئي جهازن ۾ لڳيون پيون هيون. ڪپ سان اهي رسا وڍي وڌم جي لنگرن سان ٻڌل هئا. انهيءَ ڪم ڪندي مون کي اٽڪل ٻه سوء تير منهن ۽ هٿن ۾ لڳا. تنهن کانپوءِ رسن جي گڏيل ڳنڍ هٿ ۾ جهلي وٺي ڇڪيم ته آسانيءَ سان دشمن جا پنجاهه ئي وڏا جهاز منهنجي پٺيان هليا آيا.
بليفسڪو جي ماڻهن کي منهنجي آزاديءَ جي ڪابه خبر ڪانه هئي، سي پهريائين ته حيران ٿي ويا. هنن مون کي رسا وڍيندي ڏٺو هو ۽ ڀانيو هئائون ته هي رڳو جهازن کي پنهنجي منهن ٽلڪن لاءِ ڇڏي ڏيندو، جي شايد پاڻ ۾ لڳندا ۽ ٺهڪندا. پر جڏهن هنن ڏٺو ته سڀ جهاز ترتيبوار پيا هلن ۽ معلوم ڪيائون ته آءٌ سڀني کي ڇڪيندو وڃان، تڏهن ڏک ۽ نااميديءَ ۾ اهڙيون رڙيون ڪرڻ لڳا، جي خيال ڪرڻ ۽ بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن.
جڏهن آءٌ خطري جي جاءِ کان نڪري ٻاهر ٿيس تڏهن ٿورو ترسي منهن ۽ هٿن مان تير ڪڍيم. پوءِ انهيءَ هنڌ ٿورو مرهم رکيم، جو پريندي پهچڻ وقت مون کي ڏنو هئائون، جيئن مون مٿي چيو آهي. پوءِ عينڪ لاهي ڇڏيم ۽ ڪلاڪ کن آرام ڪيم، جڏهن وير ذرو هيٺ ڀري ٿي، تڏهن جهاز گهلي لِليپٽ جي شاهي بندر تي صحيح سلامت اچي پهتس.
شهنشاهه پنهنجي ساريءَ دربار سميت ڪناري تي بيٺو هو، ته ڏسي ته منهنجي ڪوشش جو ڪهڙو نتيجو ٿو نڪري، سڀني ڏٺو ته جهاز اڌ گهيري ۾ هليا اچن، پر مون تي هنن جي نظر ڪانه پئي، جو آءٌ اُرهه تائين پاڻيءَ ۾ هوس، جڏهن آءٌ کاريءَ جي وچ ڌاري آيس ۽ ڳچيءَ تائين پاڻيءَ ۾ اچي ويس، تڏهن هنن کي ڏاڍو ڏک ۽ انتظار ٿيڻ لڳو، جو ڄاتائون ته آءٌ ٻڏي ويس ۽ دشمنن جا جهاز وڙهڻ لاءِ ڪاهيندا اچن، پر مون کي اڳتي کاري ويئي تانگهي ٿيندي ۽ آءٌ اچي کين ويجهو ٿيس ۽ هو منهنجو ڳالهائڻ ٻڌي سگهڻ جهڙا هئا. تڏهن مون کي ڏسي هنن جو انتظار لٿو. مون جهازن جي رسن جي ڳنڍ مٿي ڪري وڏي سڏ چيو ته ”خدا شل لِليپٽ جي زور واري بادشاهه کي وڏي حياتي ڏئي!“ جڏهن آءٌ وڃي ڪناري تي چڙهيس، تڏهن شهنشاهه نهايت گهڻي خوشيءَ سان مون کي گڏيو ۽ اتي جو اتي مون کي ”تر ڊاڪ“ جو لقب ڏنائين، جو هنن ۾ هڪڙو وڏو خطاب آهي.
شهنشاهه مون کي چيو ته ”دشمنن جا باقي جيڪي جهاز آهن، سي سڀ ڪنهن ٻئي وقت گهلي اچجئين، اهي بادشاهه اهڙا طمع وارا آهن، جو سندن مرضي آهي ته لِليپٽ ۽ بليفسڪو جي سڄي بادشاهت گڏجي هڪڙي ٿي وڃي، جو پوءِ پنهنجي طرفان رڳو ڪي نواب يا فرمانروا مقرر ڪري آسانيءَ سان اتان جو ڪاروبار هلائي سگهن. هن جي مرضي هئي ته آنن جي وڏي پاسي ڀڃڻ وارا سڀ فسادي، جي شهر ڇڏي ويا هئا، تن کي ماري ناس ڪري ڇڏي، ۽ انهن ماڻهن کي اڳتي اهڙو لاچار ڪري، جو هو پنهنجا آنا ننڍي پاسي کان ڀڃن، جنهن ڪري ساريءَ شهنشاهت جو هوئي هڪڙو شهنشاهه ٿيندو.
پر مون هن کي انهيءَ ارادي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ صاف طرح ٻڌايو ته ”بهادر ۽ آزاد ماڻهن کي غلام ڪرڻ ۾ آءٌ مدد نه ڏيندس.“ ۽ جڏهن انهيءَ ڳالهه بابت مشيرن جي وچ ۾ بحث هليو، تڏهن جيڪي عقل ۽ سمجهه وارا وزير هئا، سي منهنجي راءِ ۾ شامل هئا.
هيءَ جا پنهنجي راءِ مون همت ڪري ظاهر ڪئي، سا شهنشاهه جي راءِ ۽ رٿ جو اهڙو برخلاف هئي، جو انهيءَ ڪري هو مون کي ڪڏهن معاف ڪري نه سگهيو. هن مشيرن جي مجلس ۾ به اشاري سان اها ڳالهه ڏيکاري، جو مون کي چيائين ته ”عقل وارن مشيرن مان ڪي ماٺ ڪري ويٺا، جنهن مان هو منهنجي راءِ سان شامل ڏسڻ ۾ ٿا اچن.“ پر ٻيا، جي منهنجا دشمن هئا، سي منهنجي ٿورڙي تعريف به برداشت ڪري نه سگهيا. انهيءَ وقت کان وٺي شهنشاهه ۽ منهنجي مخالف ڪيترن وزيرن جي وچ ۾ منصوبا ٿيڻ لڳا، جي ٻن مهينن جي اندر ظاهر ٿيا جن مان اهو امڪان ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته مون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيندا. بادشاهن جي ڪيتري به خدمت چاڪري ڪجي، پر هنن جي مرضيءَ جي برخلاف ڪي کڻي ڪبو، ته اُها سڀ خدمت برباد ٿيو وڃي.
انهيءَ محرم کان اٽڪل ٽي هفتا پوءِ بليفسڪو مان ڪي وڪيل آيا، جن صلح ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي. سگهوئي صلح ڪيو ويو، جنهن جا شرط شهنشاهه جي لاءِ تمام فائدي وارا هئا. انهن جي تفصيل ٻڌڻ مان پڙهندڙ کي تڪليف ٿيندي، تنهنڪري هتي بيان ڏيڻ اجايو آهي، مڙئي ڇهه وڪيل هئا ۽ ساڻن اٽڪل پنج سوء ماڻهو هئا. هو ڏاڍي تجمل سان شهر ۾ آيا، ۽ هنن کي سندن بادشاهه جي شان وٽان ۽ ڪم جي حالت موافق مرحبا ڪئي وئي.
جڏهن عهد نامو پورو ٿيو، تڏهن بليفسڪو جي وڪيلن مون سان اچي ملاقات ڪئي، ڇالاءِ جو مون انهيءَ ڪم ۾ هنن جي گهڻي خير خواهي ۽ طرفداري ڪئي هئي، ۽ هنن مون کي معتبر شمار ٿي ڪيو، ۽ خانگي طرح ماڻهن کان هنن کي خبر پيئي هئي ته آءٌ سندن خيرخواهه آهيان. پهريائين هو منهنجي بهادريءَ ۽ مهربانيءَ جي تعريف ڪرڻ لڳا، پوءِ مون کي هنن پنهنجي بادشاهه جي طرفان پنهنجي ملڪ ڏي اچڻ جي دعوت ڏني، ۽ چيائون ته ”اچي اسان کي پنهنجي بي انداز طاقت جون ڪي ثابتيون ڏيئي ڏيکار، جو انهيءَ بابت اسان حيرت جهڙيون ڳالهيون ٻڌيون آهن“ انهيءَ ۾ مون هنن کي راضي ڪيو، پر جيڪي ڪم ڪيم تنهن جي تفصيل ڏيڻ سان پڙهندڙن کي تڪليف نه ڏيندس.
جڏهن ڳچ وقت تائين مون هنن کي خوش ڪيو ۽ حيرت ۾ وڌو، تڏهن مون چيو ته ”منهنجا گهڻا نياز پنهنجي بادشاهه کي ڏجو، جنهن جي نيڪين جي تعريف ساري جهان ۾ پکڙيل آهي. اُميد آهي ته پنهنجي ملڪ ڏي رواني ٿيڻ کان اڳي آءٌ اوهان جي بادشاهه جي قدمبوسي ڪري ويندس.“
انهيءَ موجب ٻئي وقت جڏهن مون شهنشاهه جي ملاقات جو شرف حاصل ڪيو، تڏهن کانئس بليفسڪو جي بادشاهه سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت گهريم.
هن اجازت ڏني، مگر مون صحيح ڪيو ته ڏاڍي رنج سان ڏنائين. پر انهيءَ جو سبب آءٌ معلوم ڪري نه سگهيس، مگر نيٺ مخفي طرح هڪڙي شخص کان مون کي معلوم ٿيو ته شاهي خزانچي ۽ امير البحر شهنشاهه جي ڪَنَ تي وڌو هو ته مون بليفسڪو جي وڪيلن سان رستو رکيو آهي ۽ سندس برخلاف آهيان، پر آءٌ يقين سان چوان ٿو ته انهيءَ تهمت کان آءٌ آزاد هوندس. انهيءَ وقت کان وٺي پريندي بادشاهن ۽ وزيرن جي وسيلي گفتگو ٿي ڪئي. انهن ٻنهي ملڪن جون ٻوليون اهڙيون عليحده هيون، جهڙيون يورپ جي ڪن ٻين ملڪن جون آهن. هر هڪ ملڪ جا ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي قدامت ۽ خوبصورتي ۽ پڪائيءَ جو فخر ڪندا هئا. انهيءَ هوندي به اسان جي شهنشاهه، جو هنن جي جهازن پڪڙڻ سان فتح حاصل ڪئي هئي ۽ هنن تي قابض پيو هو، تنهنڪري زور ڪري هنن تي به لِليپٽ جي ٻولي ڳالهائڻ جو بار رکيو هئائين.
پر ايترو قبول ڪرڻ گهرجي ته ٻنهي بادشاهن جي وچ ۾ ايتري آمدورفت ۽ سوداگري هلندي هئي ۽ اتي جي دستور موجب شريف ۽ دولتمند ماڻهو دنيا ڏسڻ ۽ ماڻهو سان واقفيت رکڻ ۽ اخلاق سڌارڻ لاءِ ايترا پنهنجا جوان ماڻهن هڪ - ٻئي جي ملڪ ڏي موڪليندا هئا، جو اهڙا ڪي وڏا ماڻهو يا سوداگر يا خَلاصي ڪنارن تي رهڻ وارا ٿورا هوندا، جي ٻنهي زبانن ۾ گفتگو ڪري نه سگهندا هوندا. اها ڳالهه مون کي تڏهن معلوم ٿي، جڏهن پوءِ آءٌ بليفسڪو جي شهنشاهه جي سلام تي ويس، جيتوڻيڪ منهنجن دشمنن جي بدخواهيءَ ۽ وير ڪري مون تي گهڻيون مشڪلاتون ۽ مصيبتون آيون هيون، ته به منهنجي انهيءَ پاسي وڃڻ مان مون کي گهڻو فائدو پهتو ۽ سک حاصل ٿيو، جيئن هيٺ موقعي تي آءٌ بيان ڪندس.