Jump to content

گليور جو سير ۽ سفر/ڀاڱو پهريون/باب ڇهون

From Wikisource
گليور جو سير ۽ سفر (1969)
جوناٿن سئفٽ (1667 - 1745), translated by مرزا قليچ بيگ
باب ڇهون : گليور لِليپٽ ڇڏي ٿو
جوناٿن سئفٽ (1667 - 1745)319995گليور جو سير ۽ سفر — باب ڇهون : گليور لِليپٽ ڇڏي ٿو1969مرزا قليچ بيگ

هن بادشاهت ڇڏڻ جو بيان ڏيان، تنهن کان اڳي پڙهندڙ کي خبر ڏيڻ مناسب آهي ته منهنجي برخلاف ٻن مهينن کان هڪڙو منصوبو لڪچوريءَ ۾ پئي ٺهيو، هيستائين عمر ۾ مون ڌارين ملڪن جي بادشاهن وٽ نه گذاريو هو، تنهن ڪري انهن وٽ رهڻ جي مون کي لياقت ڪانه هئي. وڏن وڏن بادشاهن ۽ اميرن جي مختلف طبيعتن بابت مون پڙهيو گهڻي ئي هو، پر اها اُميد مون کي نه هئي ته انهيءَ جو خراب نتيجو آءٌ ههڙي پرانهين ملڪ ۾ ڏسندس، جتي منهنجي سمجهه موجب يورپ جي قاعدن کان بلڪل عليحده قاعدا جاري هئا.
مون اڃا بليفسڪو جي شهنشاهه ڏي وڃڻ جي تياري پئي ڪئي، ته هڪڙو وڏو امير، جنهن تي بادشاهه جي مٿس ڪاوڙجڻ مهل مون گهڻا احسان رکيا هئا، سو رات جو بند ٿيل ڪرسيءَ ۾ لڪچوريءَ منهنجي گهر آيو، ۽ نالي ٻڌائڻ کان سواءِ اندر لنگهي آيو.
ڪرسي کڻڻ وارا هليا ويا، ۽ مون امير کي ڪرسيءَ سميت کڻي پنهنجي وڏي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌو، تڏهن مون پنهنجي هڪڙي معتبر نوڪر کي چيو ته ”ماڻهن کي ٻڌاءِ ته آءٌ بيمار آهيان ۽ ستو پيو آهيان.“ پوءِ مون پنهنجي گهر جو دربند ڪيو ۽ ڪرسي کيسي مان ڪڍي ميز تي رکيم، جيئن هميشه ڪندو هوس ۽ پوءِ انهيءَ جي پاسي ۾ ويهي رهيس، امير ڏاڍي خيال ۾ ڏسڻ ۾ آيو، ۽ جڏهن مون انهيءَ جو سبب پڇيس، تڏهن هن مون کي ٻڌايو ته ”شهنشاهه پنهنجن مشيرن ۽ اميرن سان صلاح ڪري اهو حڪم ڪڍيو آهي ته دغا ڪرڻ جي ڪري تنهنجون اکيون ڪڍائي، ٽن ڏينهن جي اندر سيڪريٽري تنهنجي گهر ايندو ۽ توکي حڪم پڙهي ٻڌائيندو.“
ٿورو وقت انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪري مون دل ۾ هڪڙو ٺهراءُ ڪيو، جنهن لاءِ شايد مون تي واجبي طرح الزام اچي سگهندو. آءٌ قبول ٿو ڪريان ته منهنجي اُٻهرائيءَ ۽ بي تجربي هئڻ جي ڪري ئي مون پنهنجون اکيون بچايون ۽ پنهنجي آزادي حاصل ڪئي، جيڪڏهن مون کي انهيءَ وقت بادشاهن ۽ وزيرن جي طبيعتن جي خبر هجي ها، جيئن پوءِ مون کي گهڻن ٻين بادشاهن ۽ اميرن جون به معلوم ٿيون، ۽ جي مون کي خبر هجي ها ته مون کان به وڏن ڏوهارين کي ڪهڙيون سزائون ٿيون ملن ته جيڪر آءٌ خوشيءَ سان اهڙي هلڪي سزا قبول ڪريان ها.
پر جوانيءَ جي اُٻهرائيءَ ڪري ۽ شهنشاهه جا مون کي بليفسڪو جي بادشاهه وٽ وڃڻ جي اڳيئي اجازت ڏني هئي، تنهن موجب، مون وڃڻ جو پڪو ٺهراءَ ڪيو، ۽ انهن ڏينهن گذرڻ کان اڳيئي پنهنجي دوست سيڪريٽري، ڏي هڪڙو خط موڪليم، جنهن ۾ لکيو مانس ته مون پڪو ارادو ڪيو آهي ته اڄ آءٌ بليفسڪو ڏي روانو ٿيندس.
هن جي جواب لاءِ به نه ترسيس، ۽ اُٿي ٻيٽ جي انهيءَ پاسي ويس، جتي اسان جا جهاز بيٺا هئا. اتي هڪڙو وڏو جنگي جهاز پڪڙي انهيءَ جي چوٽيءَ ۾ کڻي هڪڙو رسو ٻڌم، لنگر کڻي، پنهنجا ڪپڙا لاهي ڪڇ ۾ جيڪو مٿان وجهڻ جو کٿو هوم، سو به ڪپڙن سميت ڳنڍڙي ڪري، کڻي انهيءَ جهاز ۾ رکيم: پوءِ انهيءَ کي ڇڪي اٿي هليس. ڪٿي پاڻيءَ ۾ پنڌ پئي ڪيم، ڪٿي تريس ٿي. ائين ڪندي آءٌ نيٺ بليفسڪو جي شاهي بندر تي آيس، جتي گهڻي وقت کان ماڻهو منهنجي لاءِ منتظر بيٺا هئا.
هنن مون کي به سونها ڏنا ته وڏي شهر ڏي وٺي هلن، جنهن جو نالو به بليفسڪو آهي. مون انهن سونهن کي هٿ ۾ ڪيو، جڏهن شهر جي وڏي در کان ٻن سون يارڊن جيتري پنڌ تي آيس، تڏهن مون هنن کي چيو ته ”هاڻي وڃي هڪڙي سيڪريٽريءَ کي منهنجي اچڻ جو ٻڌايو، ۽ چئو ته آءٌ شهنشاهه جي حڪم جو منتظر ٿيو ويٺو آهيان.“ ڪلاڪ کن جي اندر جواب آيو ته شهنشاهه پنهنجي شاهي ڪٽنب ۽ اميرن وزيرن سميت منهنجي مرحبا ڪرڻ لاءِ ٿو اچي. آءٌ سوء يارڊ سندن لاءِ اڳڀرو ويس.
شهنشاهه ۽ سندس عملو گهوڙن تان لهي پيو، راڻي ۽ سندس خدمتگاريون گاڏين مان لٿيون. مون ڏٺو ته هنن کي ڪو ڊپ يا فڪر ڪونه هو. مون شهنشاهه کي عرض ڪيو ته ”آءٌ پنهنجي ڪيل انجام موجب آيو آهيان ۽ مون کي پنهنجي ڌڻيءَ يعني شهنشاهه اجازت ڏني آهي ته حضور جهڙي زبردست شهنشاهه جي ملاقات جو شرف حاصل ڪريان ۽ وس آهر اهڙي خدمت چاڪري ڪريان، جا پنهنجي بادشاهه ڏانهن فرض جي ادائي ۽ نمڪ حلاليءَ سان موافق هجي.“ مون پنهنجي نسبت ۾ پنهنجي شهنشاهه کي انهيءَ ڳجهه جي ڪابه خبر نه پوندي، جو آءٌ سندس وس کان ٻاهر هوس. پر سگهوئي معلوم ٿيو ته انهيءَ خيالن ڪرڻ ۾ مون غلطي ڪئي هئي.
هن ٻئي شهنشاهه وٽ منهنجي ڪهڙي مرحبا ٿي، تنهن جي بيان ڏيڻ سان آءٌ پڙهندڙ کي تڪليف نه ڏيندس. اها اهڙي وڏي بادشاهه جي مهربانيءَ ۽ شان وٽان هئي، گهر ۽ بستري جي لاءِ جيڪي مون کي مشڪلاتون پيش آيون، تنهن جو به ذڪر نه ڪندس. مون کي لاچار پنهنجو کٿو ويڙهي زمين تي سمهڻو پيو.
منهنجي اتي پهچڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ، ٻيٽ جي اُتر - اڀرندي ڪناري گهمندي، سمنڊ ۾ ڏيڍ ميل پنڌ تي مون کي هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ آئي، جا اونڌي ٿيل ٻيڙي وانگي نظر ٿي آئي. مون پنهنجا جوتا ۽ جوراب کڻي لاٿا ۽ ٻن يا ٽن سون يارڊن تائين اندر پاڻي ۾ هليو ويس. ڏٺم ته اها شيءِ وير جي زور سان وڃي ويجهي پوندي، تڏهن صاف معلوم ٿيم ته سچي پچي اها ٻيڙي آهي، جا مون ڀانيو ته ڪنهن جهاز تان طوفان جي زور سان ڇڄي آئي آهي. تنهن تي هڪدم آءٌ موٽي شهر ۾ آيس، ۽ شهنشاهه کي چيم ته جنگي جهازن جي پڪڙجڻ کانپوءِ جيڪي ڊگها جهاز بچيا آهن، تن مان مون کي ويهه ڏيو ۽ ٽي هزار خلاصي به ڏيو ۽ انهن جي مٿان نائب امير البحر به مقرر ڪري ڏيو.
اهي جهاز، جيسين آءٌ سڌو ڪناري تي وٺي ويس تيسين ڦري انهيءَ هنڌ آيا جتي مون پريندي ٻيڙي ڏٺي هئي، مون ڏٺو ته وير انهيءَ کي اڃا به ويجهو آندو هو، سڀني خلاصين کي رسا ڏنا ويا، جي مون اڳئي وٽي مضبوط ڪيا هئا. جڏهن جهاز اچي پهتا تڏهن مون پنهنجا ڪپڙا لاٿا ۽ پاڻيءَ ۾ پنڌ ڪري جتي ٻيڙي پيئي هئي، انهيءَ کان سئو يارڊن جي اندر آيس، پوءِ تري انهيءَ تائين پهتس.
خلاصين رسي جو ڇيڙو مون کي اڇلائي ڏنو، ۽ رسي جو ٻيو ڇيڙو وري هڪڙي جنگي جهاز سان ٻڌي ڇڏيم، پر مون ڏٺو ته منهنجو پورهيو سڀ اجايو ٿيو، ڇا لاءِ جو پاڻي تار هو، تنهنڪري آءٌ ڪوبه ڪم ڪري نه سگهيس. لاچار ٿي تري ٻيڙي جي پٺيان وڃي انهيءَ کي هڪڙي هٿ سان اڳتي ڌڪڻ لڳس. وير سڻائي هئي، تنهنڪري ايترو وڌي آيس، جو کاڏي پاڻيءَ کان ٻاهر جهلي ۽ پير زمين تي رکي سگهيس، ٻه يا ٽي منٽ ساهي کڻي، ٻيڙيءَ کي وري ٻيو ٿيلهو ڏنم، نيٺ ڌڪي ڌڪي ايڏي پاڻيءَ ۾ آندو مانس، جو منهنجن بغلن تائين ٿي آيو.
مشڪل ڪم لهي ويو، تنهنڪري هاڻ مون پنهنجا رسا ڪڍيا جي هڪڙي جهاز ۾ ڍير ٿيا رکيا هئا، انهن کي پهرين ٻيڙيءَ سان ٻڌم، پوءِ ٻين نون جهازن سان ٻڌم، جي مون کي ڏنا ويا هئا، واءُ سڻائو هو ۽ خلاصين ڳن ڏنا ۽ مون زور لاتو. انهيءَ طرح اسين ڪناري کان چاليهن يارڊن تائين آياسين، جڏهن وير لٿي تڏهن آءٌ سُڪيءَ تي پنڌ ڪري ٻيڙي وٽ آيس، ٻن هزارن ماڻهن جي مدد سان رسن ۽ ڪلن جي وسيلي مون ٻيڙيءَ کي اُٿلائي سنئون ڪيو ۽ ڏٺم ته انهيءَ کي ڪو گهڻو نقصان نه پهتو آهي.
ڪهڙين مشڪلاتن سان مون انهيءَ ٻيڙيءَ کي بليفسڪو جي شاهي بندر ۾ آندو، تن جي بيان ڪرڻ سان آءٌ پڙهندڙن کي تڪليف نه ڏيندس. انهيءَ لاءِ مون کي ڪي ڏهه ونجهه يا ڳن جوڙڻا پيا، جن تي ڏهه ڏينهن پئي مٿا هنيم، جڏهن آءٌ اتي آيس، تڏهن ماڻهن جا گوڙ اچي گڏ ٿيا ۽ ههڙو وڏو جهاز ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. مون شهنشاهه کي چيو ته ”آءٌ نصيب وارو آهيان، جو هيءَ ٻيڙي مون کي هٿ آئي آهي. اها مون کي ڪنهن هنڌ کڻي ويندي، جتان آءٌ پنهنجي وطن ڏي موٽي وڃي سگهندس. مون عرض ڪيس ته مون کي وڃڻ جي موڪل به ڏئي ۽ ماڻهن کي حڪم به ڏئي ته مون کي ٻيڙيءَ جي تيار ڪرڻ ۾ ضروري سامان موجود ڪري ڏين.“ ٿوريءَ تڪليف ڏيڻ کان پوءِ هن اجازت ڏني.
انهيءَ وچ ۾ آءٌ حيران هوس، ته ڪهڙي سبب اسان جي شهنشاهه ڪوبه پيغام مون ڏي بليفسڪو ۾ ڪونه موڪليو، پر پوءِ خانگي طرح مون کي سندس منصوبن جي ڪل پئي هئي. هن سمجهيو ٿي ته سندس اجازت ۽ پنهنجي ڪيل انجام موجب آءٌ فقط بليفسڪو ڏي گهمڻ ويو آهيان، جو درٻار وارن کي به ايتري خبر پئي هئي. هن ڄاتو ٿي ته اتي جي بادشاهه جي ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ موٽي ايندس. پر جڏهن مون گهڻا ڏينهن لڳايا، تڏهن البت بي آرام ٿيڻ لڳو. خزانچيءَ ۽ ٻين منهنجن دشمنن سان صلاح ڪرڻ کانپوءِ هڪڙو آبروءَ وارو ماڻهو مون ڏي موڪليو ويو، ۽ جيڪو تهمتنامو مون تي جوڙيو هئائون تنهن جو نقل فلم وارو به ڏياري موڪليو هئائون. انهيءَ وڪيل کي اهو حڪم هو ته بليفسڪو جي بادشاهه کي ٻڌائي ته سندس شهنشاهه گهڻي مهرباني ڪري منهنجي لاءِ فقط ايتري سزا مقرر ڪئي آهي ته منهنجون اکيون ڪڍي ڇڏجن. جو آءٌ انصافي محڪمي کان نٽائي ڀڄي آيو آهيان، ۽ جي آءٌ ٻن ڪلاڪن جي اندر موٽي نه ويندس ته منهنجو مرڊاڪ جو خطاب موٽائي ورتو ويندو ۽ مون کي دغاباز ۽ باغي شمار ڪيو ويندو. وڪيل هيترو به چيو ته جي بليفسڪو جو شهنشاهه ڀانئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صلح رهي ته هڪدم منهنجا هٿ پير ٻڌائي، دغابازيءَ جي سزا ڀوڳڻ لاءِ مون کي لِليپٽ ڏي ڏياري موڪلي.
بليفسڪو جي شهنشاهه ٽن ڏينهن جي صلاح مشورن کانپوءِ گهڻن عذر خواهين ۽ بهانن جو جواب مٺن لفظن ۾ ڏياري موڪليو. اهو هي هو ته ”هن جبل جهڙي ماڻهوءَ کي ٻڌي موڪلڻ بلڪل ناممڪن آهي، جيئن اوهان کي معلوم هوندو، جيتوڻيڪ هن منهنجا سڀ جهاز پڪڙي ورتا آهن، ته به صلح ڪرائڻ ۾ هن گهڻي مدد ڏني آهي، تنهنڪري آءٌ هن جو احسانمند آهيان. انهيءَ هوندي به اميد آهي ته اوهين توڙي اسين ٻيئي جلد خوش ٿينداسين، ڇالاءِ جو هن هڪڙو عظيم جهاز ڪناري تي لڌو آهي، جنهن تي هو چڙهي وڃي سگهندو. انهيءَ جي تيار ڪرڻ لاءِ کيس مدد ڏيڻ واسطي مون حڪم جاري ڪيو آهي. اميد آهي ته ٿورن ئي هفتن ۾ ٻيئي بادشاهتون هن کان ڇٽي پونديون.
اهو جواب وٺي اهو وڪيل لِليپٽ ڏي موڪليو ويو، ۽ بليفسڪو جي شهنشاهه جيڪي ٿي گذريو هو مون کي ٻڌايو. ساڳئي وقت ۾ هن مخفي طرح مون کي چيو ته ”جي تون مون وٽ رهندين، ته آءٌ توکي پوري پناهه ڏيندس. جيتوڻيڪ هن جي سچي نيت ۾ مون کي شڪ ڪونه هو، ته به مون پڪو ارادو ڪيو هو ته وس پڄندي آئيندي بادشاهن يا اميرن ۾ ڪڏهن ويساهه ڪين رکندس، تنهنڪري مون سندس شڪر گذاري ڪري ادب ۽ نياز سان معافي گهري، چيو مانس ته ”جڏهن چڱيءَ يا بڇڙيءَ قسمت هڪڙي ٻيڙي مون کي ڏياري آهي، تڏهن آءٌ بخت آزمائي ڪري سمنڊ تي نڪري پوندس. هتي رهي ٻن وڏن بادشاهن جي وچ ۾ ناسازي پيدا نه ڪندس.“ انهيءَ تي شهنشاهه ڪاوڙيو ڪين بلڪه هڪڙي اتفاق سان مون کي معلوم ٿيو ته هو ٿورا گهڻا وزير امير منهنجي انهيءَ آزادي ڪري ڏاڍا خوش ٿيا.
انهن سببن ڪري پاڻ جلد رواني ٿيڻ جي مون کي خواهش ٿي. بادشاهه توڙي درٻارين کي پاڻ تڪڙ هئي ته هي وڃي، تن ڏاڍيءَ خوشيءَ سان مون کي مدد پئي ڏني. پنج سئو ماڻهو منهنجي حڪم هيٺ ٻيڙيءَ جي ٻن سڙهن ٺاهڻ لاءِ ڪم ۾ لڳايا ويا. انهيءَ ڪم لاءِ هنن جي مضبوط ڪپڙي جا تيرهن ٿان هڪٻئي مٿان ٿها ڪري ڪم آندا ويا. هنن جا ڏهه ويهه بلڪه ٽيهه ٿلها ۽ مضبوط رسا وٽي پنهنجي ٻيڙيءَ جا رسا جوڙيم.
گهڻي ڳولا کانپوءِ سمنڊ جي ڪناري تي هڪڙو وڏو پهڻ لڌم، سو مون کي لنگر وانگر ڪم آيو. ٽن سون ڳئن جي چرٻي مون کي ٻيڙيءَ جي مکڻ ۾ توڙي ڪن ٻين ڪمن ۾ ڪم آئي. ونجهن ۽ کوهن لاءِ ڏاڍي محنت ڪري ڪي وڏا درخت وڍيم پر انهيءَ ڪم ۾ مون کي شاهي جهازن جوڙيندڙن مدد ڏني، جو منهنجي کهري ڪيل ڪم کي هنن لسو ٿي ڪيو.
مهيني کن جي اندر جڏهن سڀ شيون تيار ٿيون، تڏهن مون شهنشاهه کي چوائي موڪليو ته ”هاڻ آءٌ موڪل وٺندس، مون کي وڃڻ جو حڪم ملي.“ شهنشاهه پنهنجي ساري شاهي ڪٽنب سميت محلات مان نڪري آيو. آءٌ هن جي هٿ چمڻ لاءِ اونڌو ٿي پيس ۽ مهرباني فرمائي مون کي پنهنجو هٿ ڏنو. راڻيءَ توڙي شهزادن به ائين ڪيو. شهنشاهه مون کي پنجاهه ٿيلهيون انعام ڏنيون، هر هڪ ۾ ٻه سوء سپرگ هئا. ۽ پنهنجي ساري قد واري تصوير به عطا ڪيائين، اها ته مون پنهنجي هڪڙي دستاني ۾ وڌي، ته متان ٻاهر خراب ٿي پوي. منهنجي رواني ٿيڻ مهل جيڪي ٿي گذريو، تنهن جو هينئر بيان ڏيڻ اجايو آهي.
هڪ سئو ڏاند ۽ ٽي سوء رڍون ڪهي ٻيڙيءَ ۾ آذقو ڪري کنيم. ماني ۽ پاڻي به ڳچ جيترو کنيم، رڌل طعام به ايترو ساڻ کنيم، جيترو چار سوء بورچي رڌي ڏيئي سگهيا، ڇهه ڳئون ۽ ٻه ڏاند جيئرا به کنيم ايتريون رڍون ۽ گهٽا به کنيم، ته انهن کي پنهنجي ملڪ ڏي نيان، ٻيڙيءَ تي انهن کي کارائڻ لاءِ هڪڙي اَن جي ڳوڻ به کنيم ۽ وڏو گاهه جو سٿو به کنيم.
آءٌ جيڪر خوشيءَ سان اتي جا ڏهه- ٻارهن ماڻهو به کڻان ها، پر شهنشاهه انهيءَ جي بلڪل اجازت نه ڏني. منهنجن کيسن جي چڱي طرح تلاشي ته ورتائون، پر مون کان قسم تي انجام به ورتائون ته ماڻهن جي مرضيءَ ۽ خوشيءَ کان سواءِ ڪنهن کي به پاڻ سان نه کڻندس.
انهيءَ طرح حتي الامڪان سڀ تياري ڪري، سن 1701ع جي سيپٽمبر مهيني جي چوويهين تاريخ صبح جو ڇهين بجي مهل سڙهه چاڙهي، اتان روانو ٿيس. جڏهن اُتر ڏي اٽڪل ٻارهن ميل پنڌ ڪري ويس تڏهن هوا ڏکڻ اُڀرندي جي ٿي، ۽ شام جو ڇهين بجي ڌاري اتر _ اولهندي پاسي ٽن ميلن جي پنڌ تي، هڪڙو ننڍو ٻيٽ ڏسڻ ۾ آيو، مون انهيءَ پاسي اڳڀرو هلي ٻيٽ جي پٺئين پاسي لنگر کڻي لاٿو، جو انهيءَ پاسي ماڻهن جي وسندي ڏسڻ ۾ نٿي آئي.
تنهن کانپوءِ ماني کائي وڃي سمهي پيس. ڀانيان ٿو ته تمام ٿورو ته به ڇهه ڪلاڪ چڱي ننڍ ڪيم، ڇالاءِ جو جاڳڻ کان ٻه ڪلاڪ پوءِ پرهه ڦٽي،رات بلڪل صاف هئي. نڪو جهڙ هو. نڪو واءُ هو. سج اُڀرئي کان اڳي ناشتو کاڌم. پوءِ واءُ سڻائو ڏسي، لنگر کڻي، اڳئين ڏينهن وانگر ساڳئي طرف ڏي ٻيڙي هلائڻ لڳس. کيسي ۾ ننڍڙو قطب نما هوم، انهيءَ مان طرفن جي خبر پئي لڌيم. ارادو هوم، ته جي ٿي سگهيو ته وان ڊيمس لئنڊ جي اُتر_ اُڀرندي وارن ٻيٽن مان هڪڙي کي وڃي پهچندس.
اهو سارو ڏينهن مون کي ڪي به ڪين ڏسڻ ۾ آيو، پر ٻئي ڏينهن ٽين بجي ڌاري جڏهن پنهنجي حساب موجب بليفسڪو کان ستر کن ميل ڪري آيو هوس، تڏهن پري کان هڪڙو سڙهه ڏکڻ _ اُڀرندي ڏي ويندو ڏٺم منهنجو رخ سر اُڀرندي هو. مون سڙهه واري جهاز کي هاڪاريو، پر جواب ڪونه مليم، انهيءَ هوندي به ڏٺم ته هوا جي گهٽ ٿيڻ ڪري، آءٌ ويس انهيءَ کي ويجهو پوندو. جيترو مون کان ٿي سگهيو، اوترو وڌڻ لاءِ زور لاٿم. اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ هن مون کي ڏٺو، ۽ هڪڙي توف ڇوڙيائين. انهيءَ تي مون کي جيڪا خوشي ٿي سا ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي، جو آسرو ٿيم ته وري به هڪڙو ڀيرو پنهنجو پيارو وطن ڏسندس ۽ پنهنجن پيارن کي ملندس، جي ڇڏي آيو هوس.
جهاز پنهنجا سڙهه ڍرا ڪيا ۽ آءٌ سيپٽمبر جي 26- تاريخ شام جو 5 ۽ 6 بجي جي وچ ۾ وڃي انهيءَ کي پهتس. انهيءَ تي انگلينڊ جون بيرقون ڏسي منهنجي دل ٽپا ڏيڻ لڳي. مون پنهنجو ڳئون ۽ رڍون کڻي وڏي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌيون، ۽ پنهنجو ٻيو سامان کڻي جهاز تي چڙهي آيس.
پوءِ جيڪو سفر ڪيم، تنهن جي بيان ڪرڻ سان آءٌ پڙهندڙن کي تڪليف نه ڏيندس. گهڻو ڪري تڪليف ڪانه ٿي، ۽ سن 1702ع جي اپريل مهيني جي 13- تاريخ آءٌ ڊائونس ۾ پهتس.