باب پهريون :
نـيـاڻـيءَ جـو فـڪـر
اَرهڙ جا ڏينهن هئا، صبح جو سج اُڀري سنئون ٿيو هو. بختاور ٻهاري سهاري ڏيئي بس ڪئي هئي، ۽ ٿانو ٿپو ملي پئي بورچياني ۾ رکيائين، مائي شهربانو، سرائي فتح خان مرحوم جي زال، صفي ۾ منجي وجهيو ويٺي هئي.، ڏندڻ – پاڻي ڪري بس ڪيو هئائين. اتي ئي ماٺ ڪيو، ڳلن تي هٿ ڏيو، ڪنهن خيال ۾ ويٺي هئي. سندس نياڻي زينت بانو پاسي واريءَ ڪوٺيءَ جي اڳيان ٻاهر پينگهي ۾ ويٺي قرآن جو دور ڪيو، ۽ سندس پٽ حامد علي، ڪتاب ڪڇ ۾ ڪري اسڪل ڏي روانو ٿيو هو.
گهر جا ڀاتي انهيءَ حالت ۾ هئا، ته در جو کڙڪو ٿيو، بختاور نڪري ٻاهر ويئي، ۽ ستت هڪڙي ننڍي ڪمانگري صندوق مٿي تي، ۽ هڪڙي ڇٻي ميوي جي هٿ ۾ کڻي آڻي مائيءَ جي آڏو تڏي تي رکيائين.
مائي شهربانوءَ پڇيو ته ”بختاور، هيءُ ڇا آندو اٿيئي؟“ بختاور چيو ته ”مائي، سيٺ گل محمد جي گهران، دعائون سلام به ڏنا اٿن ۽ هيءَ سوکڙي به موڪلي اٿن، وٽن ڪو تازو مال ٻاهران آيو آهي.
ائين چئي، بختاور بورچيخاني ڏي هلي ويئي. جهٽ ۾ وري موٽي آئي، ته به مائي ائين ئي ڳلن کي هٿ ڏيو ويٺي هئي، ۽ سوکڙيون ائين ئي تڏي تي رکيون هيون. تڏهن چوڻ لڳي ته ”ڇو مائي، اڄ ڪهڙي فڪر ۾ ويٺي آهين؟ جيئي تنهنجو اولاد، توکي ڪهڙُ فڪر هئڻ گهرجي؟“
شهربانوءَ چيو ته ”بختاور، ڇو نه فڪر هوندو، هڪڙو ته (الله رهيس) سرائيءَ جي گذرڻ کان پوءِ سڄو بار مون تي ليٽي پيو. قضيي کي ٻارهون مهينو ٿو ڏسجي، ته به آءٌ ائين ٿي سمجهان ته ڄڻ سرائي ڪالهه مئو آهي. جا خوشي اڳي گهر ۾ ڏسندي هئينءَ، سا ڪا ڏسين ٿي؟ تو به اسان وٽ عمر آندي آهي، ۽ گهر جو ڀاتي ٿي رهي آهين. ٻيو زينت جي ڳالهه مون کي ڪک ۾ ڪان لڳي بيٺي آهي.