خير جي هيڏي ساري ٿي آهي، خدا ڪري ته وڃي پنهنجي گهر تڙ واري ٿئي، ته پاڻ به خوش رهي ۽ اسين به ڳڻتيءَ کان ڇٽون. هينئر ماڻهن ۾ حال ڪونه وڃي رهيو آهي – نه اميرن مان نه فقيرن مان ٿا ٽرن، گلا ڪندي هنن کي دير ڪانه ٿي ٿئي، اشراف ته هينئر پنهنجو ڪنڌ لڪايو وتن گذاريندا.“ بختاور چيو ته ”مائي، سچ ٿي چوين – اولاد جو فڪر مائٽن کي نه هوندو ته ٻيو ڪنهن کي هوندو؟ خدا ڪندو ته زينت سگهو ئي وڃي سُکي ٿيندي. پر مائي، اوهين به اُڪلاءُ ڪونه ٿا ڪريو. مائٽيءَ لاءِ ته تمام چڱا چڱا ماڻهو چون ٿا، اوهين الائجي ڇو هام نٿا ڀريو، پهرين هن سيٺ جو گهر ڪو ننڍو آهي، جتي هزارن جو مال پيو اچي وڃي! يا محمد رمضان وڪيل ڪو گهٽ آهي، جنهن جي هينئر سڀڪائي ٿي هلي.!“ شهربانوءَ چيو ته ”اُهي به چڱا آهن، پر پنهنجا ڪي وري بڇڙا آهن؟ ادي الهداد جو جوان پٽ ويٺو آهي – پنهنجو رت آهي، پنهنجو هڏ آهي – پر بختاور، آءٌ ڇتي ٿي پيئي آهيان، ڪيئن ڪريان. نه وري نينگريءَ جي مون کي ڪا خبر ٿي پوي. ڏينهن – ٻن ۾ تون ڪو سماءُ لهي ڏينم – ته سندس ڇا خيال آهي، تو نپايو اٿس، توکان پنهنجو حال ڳجهو نه رکندي آهي.“ انهن ڳالهين ڪندي بختاور ڇٻي مان بمبئيءَ جو تازو آيل ميوو ڪڍي تڏي تي رکيو- لال ڪيوڙو هو، انناس هئا، انب هئا، پپنوس هئا، ۽ صندوقڙي ته مائيءَ پاڻ کولي – منجهس چڱا چڱا ريشم جا ٽڪرا هئا، هڪڙي جوڙي سچن موتين جي دٻليءَ ۾ پيل هئي، ۽ ڏهه – ٻارهن سونيون چوڙيون هيون. اهي ڏسي، مائيءَ کان وڌ بختاور خوش ٿي، ٻاهر ڀرو ٿي سڏ ڪري زينت بانوءَ کي چيائين ته ”امان زينت، هيءُ ته اچي ڏس، ڪهڙيون نه مزي جون شيون آيون آهن.“ پر زينت پنهنجي دؤر ڪرڻ ۾ مشغول هئي، تنهن ڪري اکيون مٿي کڻي دائيءَ ڏي ڏسي وري به پڙهڻ کي لڳي رهي. مائيءَ بختاور کي چيو ته ”هيءَ صندوقڙي کڻي وڃي اندرينءَ وڏي صندوق ۾ رکي اچي، ۽ ميوو ٿالهيءَ ۾ وجهي، مٿي جاري تي نيئي رک.“ بختاور ائين ڪيو. سگهوئي وري آئي، ۽ سويرڪي ڳالهه چوري، وري به چوڻ لڳي ته ”مائي، شابس آهي ويچاري گل محمد کي، ڏيڻ وٺڻ اهڙو ٿو ڪري،
Page:Zeenat.pdf/15
Appearance