جهڙو مائٽ ڪن. مون کان پڇين ته محمد رمضان وڪيل کان هيءُ سو ڀيرا چڱو آهي، وري ويچارو ذمو به کڻي ٿو ته پئسا خرچ ڪري حامد کي به پرڻائي ڏيندس!“ شهربانوءَ ورندي ڏني ته منهنجي نظر ۾ ٻيئي هڪجحڙا آهن. چڱا آهن ته ٻيئي چڱا آهن، نه ته ٻيئي چڱان ناهن؟“ بختاور پڇيو سو ڀلا ڪيئن؟“ شهربانوءَ چيو ته ”سو هينءَ ته سيٺ گل محمد چڱو ماڻهو آهي ۽ سندس ننڍو پٽ به غريب ٿو ٻڌجي، پر جيتوڻيڪ پڄنديءَ وارو آهي ۽ بخت زور اٿس، تڏهن به اصل جي توکي خبر آهي ته ذات جو ميمڻ آهي. جي اسين ساڻس اهڙو پير کڻنداسين، ته ماڻهو اسان تي کلندا ته پئسن جي لالچ تي اهو ڪم ڪيائون، يا چوندا ته جڏهن مڙس مري ويا، تڏهن زالن ٽڪن تي پنهنجو ٻار وڪيو. سو ويچاري مئي تي مون کي خلق کلائڻي ناهي.“ بختاور چيو ته ”مائي، اهو سچ ٿي چوين، پر وٺ سک کي – ٻار ته وڃي سکيو ٿيندو، اسين پاڻ به سکيا ٿينداسين. اگرچ خير جو وقت چڱو پيو گذري، تڏهن به جي دور پاڻ اڳي ڏٺا آهن، سي ڪي هينئر آهن؟ جيسين اسان جو حامد خدا حياتي ڏئيس – کٽڻ ڪمائڻ جهڙو ٿئي، تيسين هن رستي سان اسان جي زندگي مزي جهڙي پيئي گذرندي.“ شهربانوءَ چيو ته ”اڙي، اهڙي گذر کان پنهنجو غريباڻو ٽڪر چڱو.“ بختاور چيو ته ”محمد رمضان وڪيل جي به ته ايتري ئي ڳالهه آهي.“ مائيءَ ورندي ڏني ته ”هائو، انهيءَ جي بابت به منهنجو اهڙوئي اعتراض آهي. هو هينئر وڏو ماڻهو آهي ۽ هزارن جو ڌڻي آهي ته ڀو ڪونهي، پر توکي خبر آهي ته پڻس رڳو مسيت جي ٽڪرن تي پليو، ۽ رڳو ڪڪڙ وانگي ٻانگون ڏيئي لولا ڇڏائيندو هو. وري انهيءَ وڪيل کيه ڪڙي زال ته اڳيئي آهي، سو پهاڄ تي ڪنهن کي کُٽيءَ کنيو آهي جو پنهنجو ٻار ڏيندو!“ بختاور چيو ته ”اهو جيڪي چوين ٿي، غلط ڪونهي، اهو مون کي به نٿو وڻي، باقي سيٺ جي گهر ۾ سو مون کي عيب ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي؟“ شهربانوءَ چيو ته ”مون کي ته ڏسڻ ۾ اچي ٿو، مون کي پنهنجي ڀاءُ جي اولاد جو خيال آهي. پنهنجن هوندي پراون کي ڪير ڏيندو؟ ادي الهداد کي نياڻي
Page:Zeenat.pdf/16
Appearance