اڪثر انهيءَ ڏک کان رئندي هئي، ته شايد نيٺ آءٌ مري وينديس ۽ جهان وانگي پنهنجي پٽ جي مراد ڪانه ڏسنديس.
هڪڙي ڀيري رات جو جان بيبي جي ننڊ اچي ڦٽي، پئي ٿڌا ساهه کنيائين ۽ اُٿلي پٿلي. مريم جا ويجهو ستل هيس، سا به جاڳي، چوڻ لڳيس ته ”مائي ڇو اڄ توکي ننڊ نٿي اچي؟“
جان بيبيءَ چيو ته ”بس مريم، زمانسازيءَ جون ڳالهيون اچي دل تي چڙهيون اٿم؛ تنهن کان ننڊ ڦٽي ويئي ا ٿم.“
مريم چيو ته ”مائي! سي ڪهڙيون ڳالهيون؟“
جان بيبيءَ ورندي ڏني ته ”پهرين علي رضا جي شاديءَ جي – هيڏو سارو اچي ٿيو آهي، جهان جون مائون ڏکن سان پٽ پالينديون آهن، انهيءَ لاءِ ته هنن جون مرادون جيئري ڏسن، شايد منهنجي قسمت خراب آهي، جو جڏهن آءٌ هن جي اڳيان اهڙي ڪا ڳالهه ڪريان، تڏهن منهن پاسي ڪري ويهي رهي يا ابتا سبتا جواب ڏيئي هليو وڃي.“
مريم چيو ته ”هائو مائي، هي زمانو هاڻ اهڙو اچي لڳو آهي.“ علي رضا، جو ٿورو پرڀرو سمهيو پيو هو، تنهن جي به انهيءَ ڳالهه تي اک پٽجي ويئي، ۽ جڏهن پنهنجو نالو به ٻڌائين، تڏهن پاڻ سجاڳ ٿيو، رڙهي اچي ويجهو ٿين ۽ چوڻ لڳو ته ”امان جيجي! خير ته آهي، اڄ وري ننڊ ڦٽائي، اچي انهن قصن کي لڳا آهيو؟“
جان بيبيءَ البت رنج مان جواب ڏنس ته ”بس ابا، اسان جي خدا ننڊ ڦٽائي هوندي ته ڪو ڪنهن جو وس!“
مريم چيو ته ”ابا، مائي سچ ٿي چوي، تون ته ڏاڍو زورآور آهين، ماڻهن جا ٻار اڃا ڪمائڻ جهڙا نه ٿين، ته مائٽ انهن کي پرڻائي پنهنجون آسون ۽ اميدون پوريون ڪن ۽ انهن جو خانو آباد ڪن، تون اچي هيڏو سارو ٿيو آهين، ته به بحث ڪري ويهي رهيو آهين ته شادي ڪين ڪندس.“ اتي جان بيبيءَ وري رنج مان چيو ته ”ڇڏينس مريم، اڳي ٿورا مٿا هنيا اٿم جو هاڻ ٻڌندو، ماٺ ڪري ويهي رهه، خوشي سنديس، هي ننيگر ڀانئي ته امان به مري ته پوءِ پنهنجي منهن جتان اچي اتان وڃي شادي ڪريان.“