علي رضا ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي چيو ته ”امان، ائين نه چئو، خدا توکي سلامت رکي، تون رنج نه ٿيءُ. هونءَ ته جيڪي اوهين مون کي چوندؤ ائين ڪندس، اولاد کي ڇا اختيار آهي مائٽ جي مرضيءَ کان ٻاهر وڃي؟ مگر مائٽ تي به حق آهي ته اولاد جيڪي واجبي چوي سو ٻڌي ۽ ان تي خيال ڪري.“
جان بيبي پڇيو ته ”هاڻ ابا تو ڪهڙي واجبي ڳالهه ڪئي جا مون نه ٻڌي؟ اها واجبي ڳالهه ٿو ڪرين ته آءٌ اڃا ننڍڙو آهيان، آءٌ اڃا ٿورو ٿو ڪمايان. اڇي ڏاڙهي ٿيندءِ، ته پوءِ پرڻبين؟ يا قارون جو خزانو هٿ ايندءِ، پوءِ شادي ڪندين؟“
علي رضا ورندي ڏني ته ”امان! جڏهن سچ وچ عمر جو ننڍو هوس ۽ ڪمائڻ جهڙو نه هوس، تڏهن ته بيشڪ منهنجو اهڙو اعتراض هو، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ ننڍيءَ عمر ۾ اڪثر شاديءَ جو گهڻو شوق ٿيندو آهي، مگر جيڪي پڙهيو اٿم ۽ ڏٺو اٿم، تنهن موجب ڄاڻان ٿو ته ننڍيءَ ڄمار ۾ شادي ڪرڻ مان ڇا حاصل آهي. پهرين ته ماڻهو جڏهن پاڻ مائٽن تي بار آهي، تڏهن وري زال پرڻجي وڌيڪ بار ڇالاءِ ٿجي؟ تنهن کانسواءِ، ننڍيءَ وهيءَ جي شاديءَ ڪري سڌاري جا ڪم جيڪي سکڻا آهن سي ڇڏايو وڃن، ۽ ننڍي وهيءَ جا ٻار جيڪي ڄمن ٿا، سي اڪثر ضعيف ٿا ٿين، ۽ ننڍيءَ وهيءَ جي شاديءَ ڪري ماڻهو پاڻ به جلد پيريءَ ۽ ضعيفيءَ کي پهچي ٿو. وري جيستائين پنهنجو کٽيو ڪونهي، تيستائين شادي رڳي فضولي آهي. چوندا آهن ته ’پاڻ نه پاري ڪتا ڌاري‘ خدانخواسته اوکو سوکو وقت اچي مٿان پوي، ته هونءَ رڳو پنهنجي ڳڻتي وٺي، هوڻءَ ٻين جي به انهي ڳالهين ڪري مون ته ’نه‘ پئي ڪئي، پر هاڻ جڏهن خدا تعاليٰ اهي سڀ عذر لاٿا آهن، تڏهن آءٌ پاڻ راضي آهيان، جيڪا اوهان جي مرضي!“
جان بيبي،. جنهن هي سڀ ڳالهيون ماٺ ڪري ويٺي ٻڌيون، تنهن چيو ته ”ابا، هاڻي اڳوڻيون ڳالهيون ته کڻي ڇڏ، ٽي – چار مهينا مس ٿيا هوندا، جو مون توکي شهباز خان ٺيڪيدار جي نياڻيءَ يا علي بخش شيخ جي ڌيءَ جي نالي چيو هو، جو پڻهين جا واقف هئا ۽ انهيءَ ڳالهه تي نيٺ بيهن به ها، پر تون رؤ ڪڏائي بيهي رهئين. اهو ساڳيو تون آهين ڪو ٻيو، جو هاڻ ٿو چوين ته جيڪا اوهان جي مرضي؟ منهنجي مرضي ڪهڙي آهي! هينئر انگريزي آئي مائٽن جي مرضي