ويئي، هينئر مرضي ٿي ڇوڪرن جي. منهنجي هلي ها، ته اڄ آءٌ پوٽن پڙپوٽن واري هجان ها.“
علي رضا چيو ته ”جيجل، مون کي معاف ڪجئين، انهن ٻانهن تي منهنجو هي اعتراض هو: هڪڙو ته پاڻ انهن ماڻهن جا رڳو نالي جا واقف آهيون، انهن ٻانهن جا ته اوترا به واقف ناهيون؛ نه خبر ته هو شڪل جون ڪهڙيون، لکڻ پڙهڻ جون ڪهڙيون؟ رڳو سندن مائٽ سکر آهن يا هوند وارا آهن ايتري ڳالهه بس ناهي.
اوهان کي جيڪا خبر پوندي، سا به وچ وارن جي معرفت سو جيڪا شيءِ هڪڙن کي پسند ايندي، سا ٻين کي نه ايندي. مون کي ته ٻين سڀني ڳالهين سان گڏ، انهيءَ ڳالهه جو به ضرور آهي ته لکڻ پڙهڻ ايندو هجيس ۽ نيڪ زال هجي ۽ آءٌ پنهنجي سر انهيءَ ٻانهن جو واقف هجان، ۽ جي امڪان هجي ته اها منهنجي ڏٺل هجي ته چڱو.“
جان بيبي خفي مان چوڻ لڳي ته ابا، تڏهن وڃي سنئون ٿي سمهي رهه. ٻي خبر چار سڀڪا پڇڻ سان پئجي سگهندي، ۽ اهڙي خبر اسان کي اڳيئي آهي ته، پڙهڻ لکڻ جو ته اصلي هتي اشرافن ۾ دستور ڪونهي، نڪا مون کي ڪا سجهي. نڪا وري ڌين کي ڪا منشگيري ڪمائڻي يا سرڪار جي نوڪري ڏيڻي آهي، جو مائٽ پڙهائينن. پڙهي پڙهي قرآن ۽ نماز پڙهنديون، سو ته اهي نينگريون به ڄاڻنديون هيون. باقي رهي ڏٺي جي ڳالهه، سو ابا، ڪنهن کي کُٽي کنيو آهي جو ڌيءُ به توکي ڏين ۽ اڳواٽ به ڏيکاري ڏين!“ اتي مريم به کلي چيو ته ”ٻڙا ابا، خدا خدا ڪر، توکي چون ته اچي ڏس، پسند پويئي ته وٺ نه ته بس!“
جان بيبيءَ چيو ته ”نڪو مريم، هن کي شادي نصيب ۾ ڪانهي. مون اڳهين سمجهو ٿي ته اسان جي گهر جو در پوربو. سو اهڙا صالح پٽ آهن، ته سگهو ئي ائين ٿيندو.“
علي رضا حجت ڪري چوڻ لڳو ته ”امان! سچ تان چڙو ته ڀلي چڙو. آءٌ هن گهڙيءَ جو رنج اوهان جو کڻندس ته حرڪت ڪانهي، مگر هينئر اوهان کي